Saturday, June 1, 2019

رڪاوٽن جي وچ ۾ ساميعا اتوت - همير گاد


رڪاوٽن جي وچ ۾
فلسطيني ڪھاڻي
ساميعا اتوت/ همير گاد
وقت رُڪجي ويو هو، مون پنهنجي شرٽ جي کيسي مان هڪ سگريٽ ڪڍي دکايو.
مان مسڪرائي، مسلسل هُن جي چهري جي طرف ڏسي رهيو هُيم.
مهرباني ڪري، سگريٽ کي وسائي ڇڏيو! هِتي موجود آڪسيجن اسان جي لاءِ ڪافي نه آھي.“ هُن چيو.


ڇا اوهان ايترا خوفزده آھيو.؟“ مون کي پنهنجي زندگي تمام عزيز آھي ۽ اهو ڄاڻندي مان تمام ڏکايل آھيان ته ڪجھ دير ۾ موت مون کي وڪوڙي ويندو، اهو به هڪ خوبصورت حسينه جي ايترو نزديڪ.“ مون چيو.
تون ڪيترو بدتميز آھين!.“ هُن ائين چئي، منهن ٻئي طرف ڪري ڇڏيو.
هُن کي پريشان ڏسي، مون دل ئي دل ۾ مُسڪرايو.
هُن جي بي وسي ڏسي، مون کي مزو اچي رهيو هو.
جيڪو ڪجھ به ٿي رهيو هو، مان ان مان خوش هُيم.
هن جي ڪُلهن تي خوبصورت زلفن کي ڏسي، مون پنهنجو سگريٽ وِسائي ڇڏيو. هاڻي ته تون خوش آھين نه.؟“
هُن ڪو جواب نه ڏنو ۽ ڪجھ دير تائين خاموش ئي رهي. پنهنجي پرس مان ٽشو پيپر ڪڍي، پيشانيءَ تان پگهر صاف ڪيائين؛
هو ڪڏھن ايندو؟ منهنجو ته ساھ ٿو ٻوساٽجي.“
هڪ دفعو گهنٽيءَ جو بٽڻ هڻو، مهرباني ڪري هڪ دفعو وري ڪوشش ڪريو.“
ٺيڪ آ مان ڪوشش ڪريان ٿو، حالانڪ جڏھن کان هيءَ لفٽ خراب ٿي آھي، مان ڪيترا ڀيرا ڪوشش ڪري چڪو آھيان.“ مون زور سان پنهنجو هٿ دروازي کي هنيو، مگر ڪو ئي فائدو نه ٿيو.
ڇا هاڻي مان مري ويندم.؟ اڄ صبح ئي مان سوچي رهي هُيس ته اڄ جو ڏينهن منهنجي لاءِ سٺو ناهي، مگر مان سوچيان پئي ته منهنجو موت شايد ڪنهن مختلف انداز ۾ ٿئي؛ ڪنهن زلزلي ۾، ڪنهن ڪار حادثي ۾. مون ڪڏھن سوچيو به نه هو ته منهنجو موت، دم ٻوساٽجڻ کان ٿيندو ۽ مان پنهنجي هوش ۽ حواس ۾ موت کي ڳلي لڳائيندم.“
ڇا تون غمزده آھين.؟“
ته ڇا مون کي خوش ٿيڻ کپي.؟“ هُن آھستي ڏکوئيندڙ لهجي ۾ طنز ڪندي چيو.
منهنجي خيال ۾ تو کي پنهنجيون نيڪيون ڳڻڻ گهرجن.“
پر ڇو.؟“
ڇاڪاڻ ته تون جوان آھين، خوبصورت آھين ۽ ڏسڻ ۾ به خوشحال لڳين ٿي.“
ڇا تون پنهنجي زندگيءَ مان خوش آھين.؟“
پنهنجي پيدائش کان وٺي اڄ تائين، منهنجي زندگيءَ ۾ ان کان وڌيڪ پرلطف ڏينهن ناهي آيو.“
تون ته وڏو بي ڍنگو انسان آ، ڳالهين مان ته پاڳل ئي لڳين ٿو.“
نه بلڪ مان حقيقت پسند آھيان. مون ته ڪڏھن سوچيو به نه هو ته ڪنهن خوبصورت ڇوڪريءَ سان ڳالهيون ڪندم. ڏسو هاڻي منهنجو خواب ته سچ ٿي ويو.“
تنهنجي انهن ڳالهين مان مون کي خوف ٿو اچي. تون ته چوين پيو ته اسين مرڻ وڃي رهيا آھيون. مان ته مرڻ نه ٿي چاهيان.!“
ڪجھ دير خاموش رهي ٿي.
تو کي زال ۽ ٻار آھن.؟ تون هِتي ڪم ڪندو آھين.؟“ ھُن پڇيو.
مان هن عمارت جو لفٽ آپريٽر آھيان، ڇا تو منهنجا ڪپڙا نه ڏٺا.؟ مگر تون ڇا ڪندي آھين؟ هتي ڇو آئي آھين.؟“
مان ڪم مان ٿڪجي پئي آھيان ۽ موڪلن ۾ يورپ وڃڻ واري قافلي ۾ شريڪ ٿيڻ ٿي چاهيان.“
اوھ! افسوس!“
ڇا تون مذاق اُڏائي رهيو آھين.“
نه- مگر هيءَ صورت حال ضرور- مون کي ساھ کڻڻ ۾ مشڪل ٿي رهي آھي.“ مون آھستي ڳالهايو.
۽ منهنجو ته دم ٻوساٽجي ويو آھي.“ هُن پنهنجي پرس زمين تي ڪيرائي ۽ ڀِت تي ٽيڪ ڏئي ڇڏي.
مون شيشي مان هن جي زرد چهري جو عڪس ڏٺو، هن جي پيشانيءَ تان پگهر ٽِمي رهيو هو. هوءَ روئي رهي هئي.
مون هن کي حوصلو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. پنهنجو هٿ وڌائي هن جي ڪلهن تي رکيو ۽ ھُن جي چهري ڏانهن تڪيندو رهيس.
اسان جي وچ ۾ مڪمل خاموشي هُئي.
مون هن کان سندس نالو پڇيو؛ ”تنهنجو نالو ڇا آھي.؟“
هنان“
ائين ٿو لڳي ڄڻ سموري دنيا جو درد تنهنجي اکين ۾ گڏ ٿي ويو آھي.“
۽ سڄي دنيا جو فريب تنهنجي اکين مان ظاهر آ.“
هُن بس ايترو چيو ئي هو جو، لفٽ چُرڻ شروع ٿي.
هُن خوشيءَ مان رڙ ڪئي. ٻارن وانگي ٽپو ڏنائين. هوءَ تمام خوش ھُئي. ان وچ ۾ مان سوچي رهيو هيس ته ان کي ڪيئن چوان ته هوءَ ٻيهر ڪڏھن ملندي.
هُن جڏھن ڏٺو ته مان خاموش ۽ غمزده آھيان ته هوءَ پرسڪون ٿي وئي. هن پنهنجو پاڻ کي شيشي ۾ ڏسي پنهنجا وار سنواريا، ڪپڙن کي ڏٺائين پوءِ پنهنجو پرس کنيو ۽ چيو؛ ”براءِ مهرباني، پنجين منزل، جلدي ڪريو.!“
هن شائستگيءَ سان چيو، ليڪن لهجو رعب وارو هو.


(روزانه هلال پاڪستان بتاريخ (۱-۶-۲۰۱۹ع) تي شائع ٿيل)

No comments:

Post a Comment