Saturday, June 15, 2019

بنا عنوان - امر لغاري


بنا عنوان
پوسٽ ماڊرن ڪھاڻي
امر لغاري
Image may contain: one or more peopleسالن پڄاڻان، ڪالھ ھو مونکي، ھڪ ھوٽل تي مليو.
ھو ما بعد جديديت يا جديديت پڄاڻان واري ٽرينڊ جو ڪھاڻيڪار ھو.
پڇيومانس؛ “اڄڪلھ ڪٿي آھيو؟”
وراڻيائين؛ “اتي. اجھو توھان جي سامھون.”
“منھنجو مطلب آھي ڪٿي پيا رھو؟”
“زمان حال ۾!”


“ڪٿي؟؟؟”
“موجوده لمحي ۾...”
“موجوده لمحي ۾، پر ڪٿي؟” مون ڪجھ نه سمجھندي پڇيومانس.
“دارا سارا ھارا وارا ڪارا...”
“ھان؟ اھو ڇا آھي؟”
“اھا لفظن جي بي معنويت آھي.”
“بي معنويت؟”
“جي. بي معنويت به آھي ته با معنويت به آھي!”
“اڇا؟ اھو ڪيئن؟”
“ڏسو نه مان ستل ھوندو آھيان ته به جاڳ ۾ ھوندو آھيان، ۽ جي جاڳ ۾ ھوندو آھيان ته به ستل ھوندو آھيان! مان جتي به ھوندو آھيان اتي ئي ھوندو آھيان!”
مون سمجھيو؛ شايد گھڻو وقت پري رھڻ ڪري سندس طبيعت ٺيڪ نه رھي آھي، ان ڪري پيو جلان ڦلان ڪري. سو ھمدرداڻي نظر کڻي کانئس پڇيم؛ “سائين، مزاج شريف ته ٺيڪ آھن نه اوھان جا؟”
چيائين؛ “نواز شريف جي مون کي خبر ناھي. مون کي موجوده لمحي کان وڌيڪ ڪنھن جي به خبر ناھي!”
“ڀلا ھن وقت ڇا پيو ٿئي؟”
“ھن وقت توھان سمجھندا ھوندا ته مان اوھان جي آڏو بيٺو آھيان، پر حقيقت ۾ ائين ناھي. مان اصل ۾ ھن وقت پنھنجي محبوبه البينا جي ھنج ۾ ستو پيو آھيان. ھوءَ منھنجن وارن ۾ پنھنجون نرم نرم ڀينڊين جھڙيون آڱريون پئي گھمائي... “
“نرم ۽ وري ڀينڊين جھڙيون؟”
“جي. نرم به ۽ ڀينڊين جھڙيون به!”
مون ڏٺو ته ڪم گھڻو آھي. ان ڪري موڪلائيندي چيومانس ته؛ “چڱو! پيارا، پوءِ ملنداسون!”
“چڱو! ھاما ماتو گاما سارا!”
“سمجھيس ڪو نه؟”
“يار، تون اڃا اتي بيٺو آھين. ھي جديديت پڄاڻان جو زمانو آھي. جديديت پڄاڻان ۾ لفظن جي ڪا خاص معنيٰ نه ھوندي آھي. ايڪشن کي ڏسبو آھي. پريزنٽ لمحي کي. پريزنٽ مان به پريزنٽ لمحي کي. منھنجو مطلب آ ته چڱو موڪلايون ٿا... موجوده لمحي ۾!”
“ھا...ھاڻ سمجھي ويس.” مون ھٿ لوڏي کيس خدا حافظ چيو؛ “شولو ڪولو وولو لولو..سولو..!”
مون ڏٺو ته ان تي ھو ڏاڍو خوش ٿيو. رد عمل ۾ ھن آڱوٺو مٿي ڪري مرڪي مونکي دادا ڏنو.

No comments:

Post a Comment