Monday, June 3, 2019

ڇڏ! ھاڻي ڇڏ! - فرانز ڪافڪا- ھمير گاد


ڇڏ! ھاڻي ڇڏ!
جرمن ڪھاڻي
فرانز ڪافڪا/ ھمير گاد
صبح سوير جو وقت هو، گھٽيون صاف ۽ سُنسان هيون.
مان اسٽيشن ڏانهن وڃي رهيو هيس. جڏھن مون گھنٽا گھر جي گهڙيال سان، پنهنجي واچ جو وقت ڀيٽايو ته مون ڏٺو ته منهنجي اندازي کان به وڌيڪ وقت ٿي چڪو هو.
مون کي اڃا وڌيڪ تيز هلڻو پيو. دير جي احساس پيدا ٿيڻ واري خوف کان، مان رستي ۾ ئي بي يقينيءَ جو شڪار ٿي ويس.
مان ته اڃا هن شھر کان چڱيءَ طرح واقف به نه هيم.


خوش قسمتيءَ سان، ويجهو ئي هڪ محافظ بيٺو هو. مان جلدي ان جي ويجهو ويس ۽ پنهنجي غمزده ساھ سان، هن کان رستو پڇڻ لڳم.
هن مسڪرايو ۽ چيائين. ”رستو، تون مون کان ٿو پُڇڻ چاهين.؟“
ها!“ مون چيو؛ ”ان جي لاءِ جو مان پاڻ ان کي تلاش ناهيان ڪري سگهيو.“
ڇڏ! ھاڻي ڇڏ!.“ هُن چيو ۽ ھڪدم جهٽڪي سان، پنهنجو رخ ٻئي طرف انھن ماڻھن وانگر ڪري ڇڏيو، جيڪي پنھنجي منھن کلندا آھن.

(روزاني هلال پاڪستان بتاريخ ۲۰۱۹-۶-۲ تي شايع ٿيل)


No comments:

Post a Comment