Monday, June 10, 2019

ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي


ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي
هڪڙي پوڙهي عورت، رات جو بس ۾ لاڙڪاڻي کان سفر ڪري رهي هئي. سندس پاسي واري سيٽ تي، هڪڙو نوجوان ڇوڪرو به ويٺل هيو۔۔
پوڙهي عورت کيس چيو؛ ”پُٽ! جڏهن دادو اچي ته مون کي ٻڌائجان.“
سفر دوران پوڙهي عورت جي اک لڳي وئي. رستي ۾ بس کي جھٽڪو آيو ته اچانڪ جاڳي پئي ۽ نوجوان کان پڇيائين؛ ”پُٽ! دادو اچي ويو ڇا؟؟


نوجوان چيس؛ ”نه! امان! اڃا دادو پري آ! جيئن ايندو ته مان پاڻ ٻڌائيندومانءِ.“
اهو ٻڌي، پوڙهي ويچاري مطمئن ٿي، وري سمهي پئي.
گاڏيءَ ھلندي، نوجوان جي به اک لڳي وئي. اک تڏھن کليس جڏھن رڪشا وارن جون ”درگاھ! درگاھ!“ واريون رڙيون ٻڌائين. پريشان ٿي دل ۾ چيائين؛ ”دادو ته ڪراس ڪري سيوهڻ پهچي ويا آهيون.“ پوڙهي عورت، اڃا ننڊ ۾ ھئي.
نوجوان، ڊرائيور وٽ ويو ۽ کيس ٻڌايائين؛ ”ھن پوڙهيءَ کي دادوءَ ۾ لهڻو هيو. مون کي دادو اچڻ بابت چيو ھيائين، پر منهنجي اک لڳي وئي.“
اهو ٻڌي ڊرائيور به پريشان ٿيو. بس کي پاسي تي ڪري بيهاريائين. گهڻي سوچ ويچار بعد، فيصلو ٿيو ته بس کي واپس موڙجي. ٻين مسافرن واپس ورڻ تي اعتراض ڪيو پر حالات کي ڏسي، سڀ خاموش ٿي ويهي رهيا. خيرن سان جڏھن بس دادوءَ پهتي ته نوجوان، پوڙهي عورت کي جاڳائي ٻڌايو؛ ”امان دادو اچي ويوآ!“
پوڙهيءَ عورت جاڳي، پنهنجي ٿيلهيءَ مان ٽڪيون ڪڍيون. ان مان هڪڙي ٽڪي ڪڍي، کائي وري ٽيڪ ڏئي سمهي پئي. نوجوان ۽ مسافر حيران ٿي ڏسي رهيا هئا. نوجوان، پوڙهي عورت کان پڇيو؛ ”امان توهان کي لهڻو ناهي ڇا!؟؟“
پوڙهي عورت وراڻيو؛ ”نه ابا! مان ته حيدرآباد ۾ لهندس. ڊاڪٽر چيو هيو، هڪڙي ٽڪي دادوءَ پهچي کائجان!“

No comments:

Post a Comment