Friday, May 31, 2019

بيوروڪريٽ - منظور ڪلهوڙو


بيوروڪريٽ
ڪهاڻي
منظور ڪلهوڙو
بابا توهان سان واعدو ٿو ڪريان ته پي ايڇ ڊي جي رهيل ڪم کي هر حال ۾ مڪمل ڪندس.“
ڊرائنگ روم ۾ مڪمل خاموشي ڇائنجي وئي.
تنهنجي مرضي آ....، مڪمل ڪرين يا نه.جڏهن تو سول سروس کي جوائن ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي ته هاڻي پي ايڇ ڊي جو معاملو ثانوي حيثيت جو ٿي وڃي ٿو.
ٻئي خاموش رهيا. سڪندر پيءُ سان وڌيڪ نظرون ملائي نه سگهيو ۽ نه وري وڌيڪ ڳالهائي سگهيو.


غلام حيدر پنهنجون نظرون پٽ جي چهري تي ٽڪائي ان جي فيس ريڊنگ ۽ باڊي لئنگويج آبزروو ڪندو رهيو.
ڊرائنگ روم ۾ لڳل گهڙيال جي پينڊوليم جي ٽڪ ٽڪ جو آواز صاف ٻڌڻ ۾ پئي آيو ۽ اوچتو شام جي ڇهن ٿيڻ تي وال ڪلاڪ جي ميوزڪ اسٽارٽ ٿي،سڪندر ڪنڌ مٿي کڻي گهڙيال ڏانهن نهاريو ۽ ان ئي ويل پيءُ جي چهري ڏانهن اکيون موڙيائين پر غلام حيدر جي چهري تي غضب جي ڪاوڙ جي تاثرات جو تاب نه سهي هٿرادو اوٻاسي ڏيندي آرس ڀڳائين ئي مس ته ڊرائنگ روم جو دروازو کليو ته سندس ماءُ،ٻه ڀينر،زال هن جو ننڌڙو پٽ کڻي اندر داخل ٿيون..  توبھ....، مال ۾ رش ته هئي،اصل پير ڌرڻ جي جاءِ ئي نه هئي. اجايو ٿا چون ته ملڪ ۾ غربت آ. شڪيله ٿيلهيون صوفي تي سٽيندي ۽ مڙس جي سامهون ويهندي چيائينس ته اوهان جي پسندديدھ پرفيوم وٺي آئي آهيان، پر هن ڀيري اوهان جي پرفيوم جي قيمت آسمان سان وڃي لڳي آهي چئن هزارن واري ساڍن پنجن هزارن ۾ ملي اٿوءَ.
غلام حيدر خاموش رهيو. ننڍڙو ماءُ جي هٿ مان هٿ ڇڏائي ڏاڏي طرف وڌيو پر غلام حيدر ان کي به لفٽ نه ڪرائي.
ڊرائنگ روم ۾ هڪ دفعو وري خاموشي ڇائنجي وئي .
ڇا ڳالھ آهي،خير ته آهي، ڪجھ ٿيو آ ڇا؟
شڪيله پٽ کان پڇي ورتو ته سندس ننڍي ڌيءُ ڀائٽي کي کڻي ڀاڄائي ۽ ڀيڻ سان گڏجي صوفي تي ويهي رهي.
امي بابا مبهنجي سول سروس جوائن ڪرڻ تي شايد ناراض آهي. سڪندر ماءُ سان نظرون ملائي ڳالهائيندي چيو.
شايد نه چوءُ. غلام حيدر جذباتي ٿيندي پٽ سان ڳالهائيندي چيو. جئين تو اٽل فيصلو ڪيو آهي سول سروس جوائن ڪرڻ جو اهڙيءَ ريت منهنجو موقف به ڪلئير آهي ته تون سول سروس جوائن نه ڪر.
پر بابا......
ڏس سڪندر جيڪڏهن تو فيصلو ڪري ورتو آهي ته پوءِ بحث اجايو آهي. مان اڄ به ان راءِ جو آهيان ۽ سڀاڻي به ان راءِ تي قائم رهندس ته تون يونيورسٽي ۾ ليڪچرر طور ڪنٽينيو ڪر. تنهنجي پي ايڇ ڊي ڪمپليٽ ٿيڻ واري آهي ۽ مان چاهيان ٿو ته تون پوسٽ ڊاڪٽريٽ يو ڪي مان ڪري اچ. منهنجي نظر ۾ هڪ بيوروڪريٽ کان پروفيسر ٿيڻ فخر لائق آهي. ڇا رکيو آهي ان سول سروس ۾؟ سواءِ حرام جي پئسي، پاور ۽ ڪرپشن جي، ٻيو ڪهڙو چارم آهي، بيوروڪريسي ۾. مان تنهنجي آڏو جئيرو جاڳندو مثال ويٺو آهيان. مان به اي سي کان وٺي سيڪريٽري تائين سروس ڪئي. مان ڇا حاصل ڪيو؟ بس ڪجھ سال ئي ان پاورس کي ايڪسرسائيز ڪري سگهيم. جڏهن کان حڪمرانن ۽ ڪرپٽ بيوروڪريسيءَ سول سروس جو ڏيوالو ڪڍيو آهي اسان جهڙا توبھ توبھ پيا ڪن.
”ڏس پٽ.“ غلام حيدر جي لهجي ۾ نرمي اچي وئي؛ ”اڄ پاور، اٿارٽي مس يوز پيو ٿئي، ڪرپشن نظام کي اُڏوهي جيان لڳي اندران ئي اندران کوکلو ڪري ڇڏيو آهي. بيوروڪريسي هاڻي ان ڪرپشن جي ڄار ۾ جڪڙجي چڪي آهي.“
پر با با! مان اوهان جي نقشِ قدم تي هلندس.“
سڪندر مان ڏاڍو ڀوڳيو آهي، مان نه ٿو چاهيان ته تون به ان پاور ڪاريڊور ۾ ڀٽڪندو رهين. هاڻي ته بيورو ڪريسي ڪرپشن ۾ جارحيت پسند ٿي پئي آهي. ڏسين نه ٿو اينٽي ڪرپشن، ايف آءِ اي ۽ نيب، سول بيوروڪريسيءَ سان انهن جي ڪرتوتن جي بدولت ڪهڙو نه حشر ڪيو آهي. ڪا ڊگنٽي نه رهي آهي، نه ڪو پروٽوڪول فالو ٿئي ٿو. ان ڪري ته بيوروڪريسي انڌ ڪري ڇڏيو آهي.
شڪيله!“ غلام حيدر زال کي به ڪنوينسڊ ڪرڻ لاءِ مخاطب ٿيندي چيو؛ ”پيڙهيل طبقن جا محنتي نوجوان، سول بيروڪريسي جي پاور، پروٽوڪول ۽ پئسي کي مدِنظر رکي مقابلي جا امتحان پاس ڪري اچي ڪرپٽ سياسي ڪلچر جي آشيرواد سان ڪرپشن ڪري خلقِ خدا سان عقوبتون ڪري پنهنجو وقار وڃائي ويٺا آهن. سڪندر اڄ جي بيوروڪريسي ظلم جو هٿ بڻجي پئي آهي. تون منهنجو چوڻ مڃ، پنهنجي پي ايڇ ڊي مڪمل ڪري، پوسٽ ڊاڪٽريٽ ڪري اچ. تون هڪ سيڪريٽري کان وڌيڪ پگهار کڻندي، اُها به حق حلال جي. يار اسان جي سوسائٽي کي ذهين، قابل.... استادن ۽ اسڪالرن جي ضرورت آهي نه ڪي ستين فارمن، سچن نقلن ۽ ٿرڊ ڪلاس سمرين جي ائپروول ڏيندڙ راشي عملدارن جي.
پر بابا مان پي ايڇ ڊي ڪرڻ کان ته  انڪار نه ٿو ڪيان.
او ڪي، ليو اٽ سڪندر! جيڪڏهن تو ان سراب ۾ ڀٽڪڻ لاءِ بضد آهين ته مان ڇا ٿو ڪري سگهان.
گو ا هيڊ، پر ياد رکجاءِ اهو تنهنجو پنهنجو فيصلو هوندو. چوندي غلام حيدر ڪاوڙ مان  اٿي اسٽڊي روم ڏانهن هليو ويو.
********************
سڪندر تون پپا جي ڳالھ تي غور ڪر ته آخرڪار هُو تو کي ڇو پيو روڪي.
سورٺ مون کي سمجھ ۾ نه ٿو اچي ته با با کي ڇا ٿي ويو آهي. والد جي حثيت ۾  ته هن کي خوش ٿيڻ کپي ته مون سي ايس ايس ڪواليفاءِ ڪئي آهي. ٻين نوجوانن جا والدين ته دعائون پيا گهرن ته اسان جي اولاد مقابلي جو امتحان پاس ڪري پوءِ ڀلي گروپ ڪهڙو به ملي. مون کي ته پي اي ايس گروپ مليو آهي پوءِ به بابا خوش نه ٿيو آهي ۽ نه وري جوائن ڪرڻ لاءِ راضي ٿئي ٿو.
سورٺ ڇا رکيو آهي ان ماستريءَ ۾، يونيورسٽيءَ جي ليڪچرر جي ڪهڙي حيثيت آهي. ان سٺ هزارن مان ڪهڙو گذارو ٿئي ٿو. اسان تي ته گهر جو خرچ به نه آهي، مون سان گڏ جيڪي لڪچرر دوست آهن انهن جي ان پگهار مان ته گهر ئي مشڪل سان هلن ٿا. يقين ڪر سيمسٽر جا پيپر چيڪ ڪري سفيد پوشيءَ جو ڀرم رکي ٻه چار سوٽ وٺن ٿا. ٻڌاءِ ڀلا پنهنجو آيان منهنجي ان پگهار مان بيڪن هائوس ۾ پڙهي سگهندو؟ جيڪڏهن با با سپورٽ نه ڪري ها ته مان ڪار افورڊ ڪري سگهان ٿو.
سورٺ سڄي زندگي ان جاهلن کي پڙهائڻ ۾ گذاري ڇڏيان جيڪي يونيوسٽي ۾ پڙهڻ گهٽ پر ذليل عشق ڪرڻ وڌيڪ ايندا آهن. ڪجھ هزارن جي انڪريمينٽ لاءِ لائبريري ڪتابن جي پڙهي ليپ ٽاپ تي سالن جا سال ويهي ڪمپوزنگ ڪندو رهان، وري پوسٽ ڊاڪٽريٽ ڪري اچان. هيڪ وارن جا نخرا، رسرچ پيپر..... ڇا ڇا نه ڪرڻو پوي ٿو!
چري پي اي ايس جي نوڪري نه آهي بادشاهي آهي. پنجن سالن کان پوءِ ڊپٽي ڪمشنر ڊن. سڪندر سڄي هٿ جي آڳوٺي جو نشان ڏيکاريندي چيس، ڊپٽي ڪمشنر معني ٺٺ ئي ٺٺ، گاڏيون، بنگلا، نوڪر چاڪر. خبر اٿئي منهنجو دوست آ نه اسفند جنهن جو ڀاءُ ڊپٽي ڪمشنر آهي ،ان قسم کڻي چيو ته ادا ٻن سالن ۾ ٽن ڪروڙن جو بنگلو ڪراچيءَ ۾ ورتو آهي.
منهنجو ٻيو دوست آهي ان جو چاچو سيڪريٽري آهي. ان سيڪريٽري پهريان پنهنجي ڀاءُ کي آسٽريليا ۾  سيٽ ڪيو. هتان جيڪو ڪجھ ڪمائي ٿو اهو ڀاءُ ڏانهن موڪلي ڏي ٿو. اُتي اُنَ مخلتف بزنس ۾ اُنَ پئيسي مان سيڙپڪاري ڪئي آهي. اڄ اُن جي فيملي جي پنجن ماڻهن کي آسٽريليا جي سٽيزن شپ مليل آهي. تون انهن جو لائيف اسٽائيل ڏسين ته حيران ٿي وڃين.
مان به چوان ٿو ٿورو سيٽ ٿيان ته علي کي ڪينيڊا جي اميگريشن لاءِ اپلاءِ ڪرايان، نيشنلٽي ملي پويس ته فنانشل سپورٽ هتان موڪليندو رهانس ته پنهنجا به وارا نيارا ٿي ويندا. يقين ڪر اڄ سڀئي بيوروڪريٽس ان لائين تي پيا هلن. انهن جا فيملي ميمبرس پڙهڻ جي بهاني ٻاهر وڃي اتي انهن جي پئيسن مان بزنس ڪري اربن جا مالڪ بڻجي ويا آهن. ويساھ ڪر علي آهي مون کان ننڍو، پر مون کان وڌيڪ ذهين اٿي. جيڪڏهن بابا جي نرغي ۾ نه ڦاٿو ۽ منهنجي پلان تي عمل ڪيائين ته پاڻ به اٺن ڏهن سالن ۾ ارب پتي هونداسين.
سڪندر خوشيءَ وچان بيڊ تان اُٿيو ۽ سورٺ کي اٿاري ڊريسنگ ٽيبل جي وڏي شيشي جي اڳيان بيهاري سورٺ جي ڳچيءَ ۾ ٻانهون وجهي وڌيڪ چوڻ لڳس،
سورٺ بابو ٿو ٻاراڻيون ڳالهيون ڪري، ڇا سڀ بيوروڪريٽ جيلن ۾ آهن؟!
بابي جي طبعيت ئي اهڙي هئي، ڪنهن سان نه ٺهيو. بس قسمت سان ڪا پوسٽنگ ملندي رهيس. تڏهن ته هي بنگلو، گاڏيون ۽ ڪجھ بئنڪ بئلينس اٿس، نه ته پاڻ به پرائمري استاد جو پٽ آهي پوءِ هيءَ ملڪيت ڪٿان آندائين؟ ڪجھ ته ڪرپشن ڪئي هوندائين نه، سُڪي پگهار مان اهو ڪئين ممڪن ٿي سگهي ٿو. مون کي ته چوي ٿو ته تون ماستر ٿي زندگي گذاري ڇڏ. ڀلا پاڻ ڇو نه ٿيو ماستر! ٿئي ها نه، ڪنهن روڪيو هئس. پاڻ پنهنجي لائيف انجواءِ ڪري ٺٺ ٺانگر ڪيائون، باقي مون تي پريشر آهي ته مان ليڪچرر طور يونيورسٽي ۾ ڪنٽينيو ڪيان.
***************
رشيد صاحب اوهان کي اسان جي ڊويزن ۾ هي ٽيون سال آهي، ٻڌايو مون ڪڏهن اوهان کي اهو محسوس ڪرايو آهي ته مان ڪو سينئير وزير آهيان ۽ اوهان ڪمشنر. سردار جان محمد سگريٽ جو ڪش هڻي پنهنجي پي اي کي سڏ ڪيو.
حاڪو اهو سائو فائيل ته کڻي ڏي.
رشيد هي پاڻ ڏسي وٺ، چيف سيڪريٽري اٺ نالا موڪليا آهن ته جيڪو نالو سليڪٽ ڪيو ته ان کي اوهان جي ضلعي ۾ ڊپٽي ڪمشنر مقرر ڪيون. مون کي ڳوٺ ۾ هڪ تقريب ۾ ضروري اچڻو پيو ۽ سڪندر جو ڀاڳ جو اوهان ڪال ڪئي نه ته مان انهن نالن مان هڪ نالو سليڪٽ ڪري چڪو هوس. ٻن نوجوانن ته ڏاڍو فورس به ڪرايو هوته اسان کي پوسٽنگ وٺرائي ڏيو.
سر هي به پنهنجو دوست آهي، آءُ به چاهيان ٿو ته منهنجي ٽيم ۾ سڪندر جهڙو دوست هجي ته ڪم اڃان وڌيڪ بهتر نموني هلي سگهندو. باقي اوهان دلجاءِ ڪريو سڪندر انهن بيروڪريٽس مان نه آهي جيڪي ضدي، انا پرست، لوڀي ۽ پاور هنگري هجن.
مون کي ڇا جو الڪو رشيد جيڪڏهن هي سموٿ وي سان هلندو ته ٺيڪ نه ته اڳئين خان صاحب جيان هي به ڪندو سيڪريٽريٽ ۾ رپورٽ ۽ پوسٽنگ لاءِ به سڪندو رهندو. هي ڏس، سردار جان محمد پنهنجو کٻو هٿ ڏاڙهيءَ تي رکندي چيو جيڪڏهن اسان جي حڪومت ۾ ان رميز کي ڪٿي به پوسٽنگ ملي وئي نه، ته مان به ان کي جوان مڃيندس.
باقي رشيد ڪرائين ته تون به مون کان غلط ڪم ٿو. يار هي سڪندر به غلام حيدر جو پٽ اٿئي. غلام حيدر اڄ تائين مون کان نه وسريو اٿئي. مان به پهريون دفعو نئون نئون وزير ٿيس. هڪ نوجوان، سرداري ٻار، گرم خون، اقتداري طاقت ۽ پاور جو نشو، اصل ستين آسمان تي پئي اڏاميس. پر يار جيڪا ڳالھ ڪيان غلام حيدر جو اعتراض، هر فائيل تي ٻن ٻن پنن جا اختلافي نوٽ، هر سمري تي آبجيڪشن، رولس آف بزنس جا حوالا.....، اصل جيڪو ڪم ڪريان اهو رد. مان اچي ڦاٿس تن ان “لنگور” مان ته  ڪئين جند آزاد ڪرايان”.
اهو چئي سردار جان محمد سڪندر ڏانهن نهاري وڏو ٽهڪ ڏنو. سڪندر ڪنڌ جهڪايو ئي مس ته رشيد چيس، ”ٻڌين ٿو سڪندر.” رشيد جي مخاطب ٿيڻ تي هڪدم ڪنڌ مٿي ڪري ڦڪي مرڪ چپن تي آڻي ڇڏيائين.
“اڃان اڳتي ته ٻڌُ رشيد، هڪ ڏينهن آفيس ۾ سڏائي چيو مانس غلام حيدر مان تنهنجو ڪهڙو ڏوھ ڪيو آهي. هر فائيل مان ٿو ويٺو وڏون ڪڌئين. يار مان نئون ۽ نوجوان وزير آهيان. ڪجھ گائيڊ ڪر، جهان ڏنو پٽ ڇٽي جي وهنوار سان پيو هلي. منهنجا يار وزير رڄ پيا ڪن. مٿان اليڪشن سِرَ تي بيٺي آ، ٻيلي ڪجھ ته خيال ڪر. مون کي اڳتي وڌڻو آهي، ايترو فليڪسبل ٿي جو پارٽي ۽ خاندان کي منهن ڏيکارڻ جهڙو ٿي سگهان. باقي مون کي اوهان جي متعلق خبر آهي ته اوهان مين آف پرنسپل آهيو. تون ڀلي ايماندار ٿي رھ، مون کي ڪو اعتراض نه آهي. پر مون کي ته عوام جا ڪم ڪرڻا آهن، ته خبر اٿئي مون کي جواب ۾ ڇا چيائين.”
رشيد جي چهري تي وري مرڪ اچي وئي. سڄي هٿ سان نهڪر ڪندي جواب ڏنائينس ته خبر نه آهي. سڪندر هڪ دفعو وري ڊفينسيو پوزيشن ۾ اچي ويو.
“بابا چيائين مان ڪو اسڪول کوليو آ ڇا، جو تو کي پڙهايان. اوهان کي عوام جي ڪمن ڪرڻ کان ڪنهن روڪيو آهي. جيڪو قانون مطابق هوندو اهو فائيل سائن ڪري موڪليندس. باقي ٻي ڪا اميد مون مان نه رکو.
“هاڻي سائين ڏي منهن! ڇھ مهينا رت ۾ رات ڪيائين. نيٺ وڃي سي ايم کي چيم وزارت واپس وٺو يا ان  ”غلاموءَ “ مان جند آزاد ڪرايو.”
“الا...”، رشيد عجب سان اظهار ڪندي سڪندر جي بي رونق چهري ڏانهن ڏسندي چيو؛ ”سڪندر اوهان جي ان ماضيءَ جي ڀيانڪ يادگيرين جهڙين يادگيرين ۾ اضافو نه ڪندو بلڪه اوهان لاءِ خوشگوار يادون ڇڏي ويندو. اوهان جي اعتماد تي پورو لهندو ۽ اسان جي سرڪل جو اڳتي هلي بيڪ بون ٿيندو. ڪئين سڪندر؟”. رشيد سڪندر کي مخاطب ٿيندي چيو.
“ڊيفينيٽلي سر.” چوندي چهري تي مرڪ ئي مرڪ سجائي ڇڏيائين.
“پوءِ خبر ٿي ڇا ٿيو رشيد”. سردار جان محمد مڪمل شرارت جي موڊ هو.
“ڇڏيو سردار صاحب ....، مون اوهان ۽ غلام حيدر جي متعلق سڪندر کي مڪمل طور بريف ڪيو آهي. بيوروڪريسيءَ ۾  هميشه هر دور ۾ اهڙا هڪ ٻه سو ڪالڊ مين آف پرنسپل ۽ پرنسپل اسٽينڊ رکڻ وارا بابو هوندا آهن. غلام حيدر به پنهنجي زماني ۾ انهن مان هڪڙو هو. مان به ان جو ڪجھ  ٽائيم اسسٽنٽ ڪمشنر انڊر ٽرينگ رهيو هوس.”
“سردار صاحب سڪندر ان کان يڪسر مختلف اٿوءَ، هي ينگ مين، مين آف آئرن اٿوءَ.”
“معني ته وڌيڪ مطلبي ۽ موقعي پرست آهي نه.” سردار جان محمد جي جملي تي رشيد ۽ سڪندر ٻنهي گڏجي وڏو ٽهڪ ڏنو.
“آءِ لائيڪ ڊيٽ....، ته پوءِ ٺيڪ آهي ته منهنجي ضلعي جو ڊي سي جو آرڊرسڪندرجو ئي ٿيندو.”
“ٿينڪ يو سر.” سڪندر خوشيءَ مان جهومندي ٿورو مڃيندي چيس.
“ويلڪم”. چوندي سردار جان محمد پڇي ورتن ته، “ڀلا ڇا کائيندوءَ پئيندوءَ، رات به ڪافي ٿي وئي آهي.”
“سر اسين ته ماني کائي آيا آهيون.” رشيد چيس.
“ٺيڪ آ ته پوءِ نيڻ نشيلا ٿا ڪيون.”
“جئين اوهان جي مرضي سر.” رشيد ها ۾ ها ملائيندي چيس ته سڪندر اٿيو.
“اوهان ڪاڏي؟”. سردار پڇي ورتس.
“سر واش روم.....”
“او ٺيڪ آ، مون سمجهيو پيءُ وانگر متان عادي نه هجين.”
“نوپرابلم سر! لائيف ۾ ضروري آهي.” چوندي سڪندر واش روم ڏانهن هليو ويو.
“سر ٿورو خيال ته ڪيو. اڃان نئون نئون آ، پڻهس اڃان جئرو آ.”
“چيڪ ته ڪيانس متان ڪتي لاھ نه ڪڍرائي وجهين. اڳين ڊي سي به ڪيڏو نه گند ڪيو آهي.” سردار جان محمد گاگھ سياستدان جيان ڳالهائيندي چيس؛ ”يار رشيد اوهان آهيو ابن الوقت، خوف ٿو ٿئي ڪٿي اسان جهڙن کي مين آف پاسٽ نه ڪري ڇڏيو.”
“ڇڏيو سائين ڪٿي اوهان... ۽ ڪٿي اسين!”
سڪندر واش روم مان واپس اچي ويو ۽ ٽئي ڄڻا پاڻ ۾ ڪمپني ڪرڻ لڳا.
سردار وڏو پيگ ٺاهي، ان مان سپ ڀريندي چيس؛ “رشيد چوين جائي ٿو، ڪٿي اسين ۽ ڪٿي اوهان.”
“سر ان کي ٿورو ايڪسپلين ڪيو پليز.” سڪندر چئيرس ڪندي گلاس چپن تي آڻي وڏوڌُڪُ اندر اوتي سگريٽ جو ڀرپور ڪشُ هڻندي چيس.
“پيارا سڪندر اسان سياستدان اصل کان وٺي آهيون ڌوڪيباز ۽ واعدا خلاف ۽ اوهان اڳ هيوءَ مطلبي ۽ موقعي پرست ۽ هاڻي بي حياوءَ به!!”
رشيد وڏو ٽهڪ ڏنو، ”باباسڪندر هن سان نه کنئوس. انهن سان تون نه پڄي سگهندين.” اُتي جو اُتي ٽهڪ ڏئي سڪندر سان تاڙو ملائي، رهيل وائين اندر ۾ اوتي، ٻنهي سان معني خيز نظرون ملائي، وري به وڏو ٽهڪ ڏنائون.

No comments:

Post a Comment