Wednesday, May 22, 2019

ھوءَ ۽ نسوار - مٺل جسڪاڻي


ھوءَ ۽ نسوار
مختصر ڪھاڻي
مٺل جسڪاڻي
ھوءَ مون کي ڪنھن به خاص سبب کانسواءِ، ھروبرو وڻڻ لڳي ھئي، ان ڪري کيس ڏسڻ ۽ سندس متعلق ڄاڻڻ جي ڪوشش پيو ڪندو ھئس.
ھڪ ڏينھن مون کي خبر پئي ته ھوءَ نسوار ڏيندي آھي. ڪڏھن ڪڏھن نسوار کُٽي ويندي اٿس ته ٻين کان گھُري وٺندي آھي.


ھوءَ مون کي وڻڻ لڳي ھئي، ان ڪري ئي شايد، مون کي جيئن ئي نسوار جي خبر پئي ته مون نسوار خريد ڪئي.
نسوار خريد ته ڪيم، پر آئون نسوار ڏيندڙ ڪو نه ھئس. ان ڪري سوچيم ته ائين ئي، بنا دعا سلام جي، ھُن کي نسوار ڏئي نه ٿي سگھجي. جيڪڏھن اتفاق سان ھن جي نسوار کُٽي پئي ته ھُن کي ڪھڙي خبر ته مون وٽ نسوار آھي؟ ان ڪري ھوءَ مون کان نسوار ڪا نه گھرندي.
ھڪ ٻه ڏينھن نسوار مون وٽ کيسي ۾ رکيل ھئي ۽ لاشعوري طور، نسوار منھنجي کيسي مان نڪري، منھنجي ھٿن جي چپٽيءَ ۾ اچي وئي. اتان پوءِ منھنجي وات جي کاٻي پاسي واري ھيٺين ڏاٺ ۽ چپ جي وچ ۾ پھچي ڀِڪوڙجي وئي.
ڀِڪوڙيل نسوار جي ڪري، وات ۾ وڌيل پاڻياٺ کي، وات ۾ گھمندي ڪا گھڻي دير ڪا نه ٿي ۽ مون کي خبر به نه پئي جو اھا پاڻياٺ نسوار سميت، واتان ٿوڪارجي ٻاھر وڃي وئي.
اھي ڏينھن، ھي ڏينھن. نسوار وات ۾ پوڻ ۽ ٿوڪارجي ٻاھر نڪرڻ واري ڏينھن کان اڳ ۾ وڻندڙ ھوءَ؛ مون کي ھاڻي نه وڻندي آھي.

No comments:

Post a Comment