Friday, May 31, 2019

صلاحيت - ممتاز لوهار


صلاحيت
مختصر ڪهاڻي
ممتاز لوهار
ليباريٽري تان زال جي پرگيننسي رپورٽ کڻي، هو رستي سان هلندي پڙھڻ لڳو. پرگيننسي پازيٽو آئي هئي. ڏھن سالن جو انتظار، ڪو گهٽ عذاب ڪونهي. ماڻھن کي ڪيترا ۽ ڪهڙا جواب ڏجن. گهر اچي هن زال کي ڀاڪر پائي، ٿڙڪندڙ چپن سان مبارڪ هجئي، چوڻ چاهيو. پر چئي نه سگهيو. ڪرسيءَ تي پاڻ ڇڏي ڏنائين. زال جي اکين ۾ ڳوڙھا ڀرجي ويس. ٻنهي جي چھري تي اداس مرڪ ڦٿڪڻ لڳي. هنن هڪ ٻئي کي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو. ڀاڪر ڍرو ٿيو ته هن اکيون اگهيون. ٿڌو ساھ ڀري سوچيائين: مون ۾ ٻار پيدا ڪرڻ جي صلاحيت ناهي ته ڇا ٿي پيو..... منهنجي زال ۾ ته آھي.

No comments:

Post a Comment