Thursday, May 30, 2019

گوٿناٿي ٽولي تي بحث - آصف ڪلهوڙو


گوٿناٿي ٽولي تي بحث
آصف ڪلهوڙو
Image result for ghost schoolsمُور، مُترڪو، ملُوڪ ۽ سندس ٻالڪ منڊلي، گوٿناٿي ٽولي تي ويچار ونڊڻ لاءِ ويٺا.
پپر جي وڻ هيٺان، ڦاٽل رليون وڇايون ويون. ٽيهن جي لڳ ڀڳ ٻارڙا، ميرانجهڙن مُنهن سان تڪڻ لاءِ، پنهنجن يارڙن کي ته بحث جي شروعات ڪيئن ۽ ڪٿا ٿي ٿئي.


پهريون مُدو، ميرانجهڙن مُنهن اڳيان رکيائون ته؛ ”ڀڳل بينچ تي ويهڻ وقت، ڪنهن ڪنهن کي ڪوڪو لڳو آهي؟“
نهارڻ لڳا جٿي ڏانهن ته علڻ هٿ مٿي کنيو ۽ چيائين؛ ”مون کي.“
اُن تي مور، صحافتي انداز ۾ پُڇيس ته؛ ”تو کي ڪيئن محسوس ٿيو، ان ويل.؟“
محفل ۾ ٽهڪڙو مچي ويو ۽ علڻ به ٽھ ٽھ ڪندي جواب ڏنو؛ ”دانهن نڪري وئي.“  
محفل ۾ بحث جي شورعات ٿي وئي.
علڻ جي جواب تي ويچار ڪندي، مُترڪي چيو؛ ”ان ۾ ڪنهن جو ڏوھ آهي؟ ڪوڪي جو يا اسڪول انتظاميه جو؟ اهڙي شرپسند عمل ۾، ڪير ڀاڱي ڀائيوار آهي.؟“
جواب موصول ٿيڻ شروع ٿيا.
”سائين وارا، جيڪي بينچن جي ٺڪ ٺُوڪ نٿا ڪرائين، ٻيو وري ڪير.“
پنڊال مان رڙ ڪندي ولڻ وراڻيو؛ ”هيڊ ماستر، جيڪو سدائين نابري واريو ويٺو هوندو آهي.“
ٽيون جواب آيو؛ ”اهي صاحب، جيڪي هيڊ ماستر جي ڪمري ۾ چانهن ماني کائڻ ايندا آهن.“
ان کان علاوھ، ڪيئي سبب، غور ويچار واري بحث ۾ تذڪري هيٺ رهيا.


Related imageٻيو مُدو رکيو ويو؛ ”اسڪول واري واش روم کي، تالو ڇو لڳل هوندو آهي؟“
جواب آيو؛ ”جيئن ٻار، واش روم خراب نه ڪن، ڀلجان انهن جي ڪانچ خراب ٿئي.“
ٻيو جواب آيو؛ ”ڪٿي واش روم ۾ لڳل ٽائيلس نه ميريون ٿي وڃن.“
ٽيون جواب آيو؛ ”ٻارن کي ڪهڙي خبر ته واش روم ۾ ڪيئن ويهبو آهي؟.“
اهڙا ڪي ئي انومان، زير غور رهيا ۽ بنا ڪنهن خاطر خواه نتيجي جي، بي نتيجو ساڻا ٿي پيا.

ٽيون مُدو هو؛ ”نصابي ڪتاب، سڀ ڪنهن کي نٿا ملن؟“
جواب آيا؛ ”سائينءَ وارن کي پورا نه ملندا هوندا يا سائينءَ وارا ڪتاب بچائي، الماڙي ۾ لڪائي ڇڏيندا آهن يا وري پنهنجن دوستن کي ڏئي ڇڏيندا آهن.“
سوالن جو جواب ڳولهي نه سگهيا ۽ پنهنجي پراڻي طريقي تي راضي رهيا ته هڪ ڪتاب ته ٻه ڄڻا پڙهنداسين.

چوٿون مُدو هو؛ ”بنا پکي جي، ڪلاس ۾ ويهڻ سولو آهي يا ڏکيو؟
جوابَ، هڪُ نه پر پنجويھ آيا ته؛ ”نه!!!“
پوءِ پکا ڪٿي آهن جن جي هوا هيٺ ويهي پڙهبو آهي يا سائين وارن کي صلاح ڏجي ته مسجد ۾ پڙهيو اتي پکا ئي پکا آهن ۽ اسڪول وقت مسجد کي تالو لڳل هوندو آهي.

پنجون مُدو؛ ”ڇا مار موچڙو ضروري آهي، اعلٰي تعليم حاصل ڪرڻ ۽ وڏو ماڻهو ٿيڻ لاءِ؟“
جواب آيو؛ ”اسڪول آهي ڪو ٿاڻو ته ناهي، جنهن سان مار موچڙو ڪري سُڌارو آندو وڃي.“
مشوري جهڙي ٻول ٻُڌڻ ۾ آيو ته؛ ”بابلا پيار محبت ۽ نواڻ سان سيکارڻ جي صلاحيت تي ويچاريو وڃي.“

ڇهون مُدو؛ ”ڇا حوصلا افزائي يا همٿ افزائي، انهن جو حق آهي جيڪي هوشيار آهن؟“
جواب آيو؛ ”نه نه! هر اُن ٻار جو حق آهي، جيڪو اسڪول جو در ٽپي ٿو ۽ ڪجهه سکڻ لاءِ اچي ٿو. اهو ته استاد جو فرض آهي ته هو ڇيد ڪري ته ڪنهن وٽ ڪهڙي ڏات آهي ۽ ان ڳالهه کي ذهن ۾ رکي همٿ افزائي ڪرائي.“

آخري مُدو؛ ”ڇا هي سڀ مُمڪن آهي؟؟؟“
بنا جواب ۽ بنا موڪلاڻي جي، گوٿناٿي ٽولي تي بحث، ختم ٿي ويو.

اخلاقي نياپو
”چڱائي ڪرڻ ۽ ان تي سوچڻ جو دور، آءِ سي يو ۾، پويان پساه کڻي رهيو آهي.“

(آصف ڪلھوڙو جي فيسبڪ وال تان ٿورن سان کنيل)

No comments:

Post a Comment