Sunday, March 28, 2021

هڪڙي هئي ماسترياڻي - دريا خان شنباڻي

هڪڙي هئي ماسترياڻي

ڪهاڻي

دريا خان شنباڻي



مان ٽڪيٽ وٺي اچي ريل گاڏيءَ جي هڪ سيٽ تي ويهي رهيس ۽ ڪجھ گهڙين کان پوءِ ريل گاڏي هلڻ لڳي.

جڏهن ته مان صبح کان وٺي هڪ خط پهچڻ کان بعد انتهائي پريشان آھيان، جيڪڏھن منهنجي وس ۾ هجي ته مان اڏامي اوڏانهن پهچان جيڏانهن مان هينئر وڃي رهيو آھيان. خط جو هڪ هڪ لفظ منهنجي ذھن ۾ اڃا تائين سمايل آھي، جيڪو خط سڪينه نالي ڇوڪريءَ مون کي لکيو.


سڪينه ٻه ٽي سال اڳ مون کي يونيورسٽيءَ ۾ ملي هئي، جڏهن ته سڪينه سيڪنڊ ييئر ۾ پڙھي رهي هئي ۽ مان پهرين سال ۾ پڙھي رهيو هيس.

مون کي ياد آھي جڏھن مان يونيورسٽيءَ جي لان تي گذريل ڏينهن واري واقعي جنهن ۾ مون کي يونيورسٽي جي ڪجھ ڪامريڊن چڱي چوکي مار ڏني هئي سو ٻئي ڏينهن مان ساڳي لان تي پنهنجي هٿ واري زخم تي ٻڌل پٽيء کي پنهنجي ڏندن ۽ ٻئي هٿ سان مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هيس جو اوچتو هڪ آواز گونجيو “ڇا مان اوهان جي مدد ڪري سگهان ٿي؟” اهو ڄڻ پنهنجائپ وارو جملو هيو. مون پٽيء مان هٿ ۽ ڏند ڪڍيا ته ھوءَ منهنجي ڀرسان ويهي منهنجي ٻانهن جي پٽيء کي مضبوط ڪرڻ لڳي. ھوءَ سراپا سونهن هئي، مون ڪنول جي گُل کي پري کان پاڻي تي ترندي ڏٺو آھي، مون چنڊ ۽ ستارن کي ڏور آڪاش تي خوبصورتي سان چمڪندي ڏٺو آھي، پر هڪڙي اهڙي ڇوڪري جنهن کي مان پنهنجي قريب پسي رهيو هيس، ڪنول جي گُل ۽ چنڊ ستارن کان به وڌيڪ خوبصورت هئي. “ڪالھ جيڪي ڪجھ ٿيو اهو سٺو نه هيو” هن ائين چيو ته جهٽ پٽ مون کي ذهن ۾ جملو آيو ته “سڀاڻي ڇا ٿيندو، ان کان تون بي خبر آھين اي خوبصورت ڇوڪري!” پر مان خاموش رهيس پر ھوءَ خاموش نه رهي ۽ چيائين “پر آخر مسئلو ڪهڙو هيو جو هنن اوهان سان اهڙي حالت ڪئي”

“ڪوبه مسئلو ڪونه هيو، چون ٿا ته نون شاگردن تي رعب ڄمائڻ لاءِ هو ائين ڪندا آھن.”

“منهنجو نالو سڪينه آھي.” هن منهنجي پٽي ٻڌي ڇڏي ته ائين چيائين.

“۽ منهنجو نالو محمود آھي.” مون به پنهنجو نالو ٻڌايو.

ان پهرين ملاقات کان پوءِ منهنجي ۽ سڪينه جي وابستگي ايتري حد تائين وڌي وئي جو اسان ٻئي ڪينٽين ۾ گڏجي وڃي چانھ پيئون، هڪٻئي کي تحفا ڏيون، آخر اسان ٻئي محبت جي رنگ ۾ رنگجي وياسين. ھوءَ مون کان بغير بي چين رهڻ لڳي ۽ مان هن کان بغير بيقرار رهڻ لڳس. ائين لڳڻ لڳو ڄڻ اسان ٻنهي جي گڏجڻ سان ئي زندگي خوبصورت آھي نه ته زندگي بي رنگ ۽ بي نور آھي. ھوءَ منهنجو سهارو ۽ مان هن جو سهارو بڻجي ويس.

هڪ ڏينهن سڪينه جي هٿ ۾ لفافو هجي ۽ مون کي چيائين “ڳوٺان خط آيو آھي ۽ ان ۾ لکيل آھي ته بابا سخت بيمار ٿي پيو آھي، تنهن ڪري مان ڪجھ ڏينهن لاءِ ڳوٺ پئي وڃان.”

“پوءِ ته تو کي جلد ڳوٺ پهچڻ کپي.” مون چيو

اهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن سڪينه ڳوٺ وئي ته واپس ئي نه ٿي ۽ مان يونيورسٽيء ۾ ڪنهن پرديسي پکي جيان ڀٽڪندو رهيس. ڪيترا ئي ڏينهن سڪينه کي وساري نه سگهيس پر وقت ڏاڍو بي رحم آھي جيڪو نون پراڻن ڦٽن تي پٽيون ٻڌي ڇڏيندو آھي ۽ وقت اچڻ تي اهي ڦٽ ٺيڪ به ٿي ويندا آھن.

ڪجھ ڏينهن اڳ سڪينه جو مون کي خط مليو ته ھوءَ هڪ دفعو ٻيهر شدت سان ياد اچڻ لڳي. سڪينه جو اهو خط هينئر به منهنجي هٿ ۾ آھي هن لکيو ته جيئن ئي ھوءَ ڳوٺ پهتي ته ٻن ٽن ڏينهن اندر سندس والد گذاري ويو، ڪجھ ڏينهن کان پوءِ سڪينه جڏھن پنهنجي ڀاءُ کان يونيورسٽي وڃڻ جي اجازت گهري ته هن اجازت نه ڏني، سڪينه جي روئڻ ڌوئڻ مان ڪجھ به نه وريو، رهندو به هن مٿان پابندي ۽ سختي جون زنجيرون سخت ٿي ويون. اصل ۾ سڪينه جي ڀاءُ کي ڳوٺ جي چڱي مڙس لالچ ڏئي سڪينه جي ٻانهن سندس پٽ جي حوالي ڪرڻ لاءِ چيو، جڏھن سڪينه ۽ سندس والده کي اهڙي خبر پئي ته هنن ڪافي دانهون ڪوڪون ڪيون پر انهن دانهن ڪوڪن جو نتيجو وڃي اهو نڪتو جو سڪينه جي والده به ان صدمي ۾ فوت ٿي وئي، سڪينه پوءِ به پنهنجي فيصلي تي اٽل بيٺي رهي ته ھوءَ هڪ رول ۽ اوباش قسم جي نوجوان سان ڪيئن شادي ڪندي!

خدا خدا ڪري اهو رشتو به ڪونه ٿيو، سندس ڀاءُ به شادي ڪئي ۽ هو به الڳ رهڻ لڳو، ۽ سڪينه به اڪيلي رهجي وئي سو اها اڪيلائي هن کي کائڻ لڳي. تنهن ڪري هڪ سٺو ڪم ڪيائين جو ھوءَ ڳوٺ جي ٻارڙن کي پڙھائڻ لڳي. اسڪول جو ننڍڙو ڪمرو هن جي گهر کان ٿورو پرڀرو ڪنهن اين جي اوز طرفان کوليو ويو هيو، جنهن ۾ هن کي معقول معاوضي تي رکيو ويو.

هڪ صبح ھوءَ جڏھن  پنهنجي اسڪول لاءِ نڪتي ته رستي تي انهي ئي اوباش نوجوان جي گاڏي اچي هن کي لڳي. ڪيترن ڏينهن جي علاج معالجي کان بعد نتيجو اهو نڪتو جو سندس هڪ ڄنگھ گوڏي کان ڪٽجي وئي، سڪينه وري به همت نه هاري ۽ ھوءَ ٻارڙن جي پڙھائي ڪرڻ خاطر بيساکين تي وڃي به ڊيوٽي ڏيڻ لڳي.

ھوءَ جڏھن ڳوٺ واري بازار مان لنگهندي هئي ته ڪيتريون نظرون هن جي تعاقب ۾ رهنديون هيون، ۽ ڪيترا ئي جملا هن جي لاءِ چيا ويندا هيا ته، “منڊي ماسترياڻي اچي رهي آھي، منڊي ماسترياڻي وڃي رهي آھي، منڊي ماسترياڻي جي پڙھائي سٺي آھي” پر ان جي باوجود به ھوءَ پنهنجي ڪم ۾ مصروف رهي.

ڪجھ ڏينهن اڳ ھوءَ پنهنجي گهر ۾ پاڻي ڀري رهي هئي ته سيمينٽ واري دڪيء تان ڪري پئي ۽ سندس ڄنگھ وري رتورت ٿي وئي.

“ٻيهر زخم اٿلڻ تي مون کي شديد تڪليف محسوس ٿي.” هن خط ۾ هڪ هنڌ لکيو “محمود! مان پنهنجي روئڻ کي روڪي نه سگهي آھيان، مون کي پنهنجا والدين ياد اچڻ لڳا، مون کي پنهنجو بي مروت ڀاءُ ياد آيو، انهن کان پوءِ تون ياد آئين، هن دنيا ۾ ڪو ٻيو آھي ڪونه جو ان کي دل جي ڳالھ يا پنهنجي تڪليف ٻڌايان ها سو هي خط به هروڀرو توڏانهن لکي رهي آھيان، خط لکڻ جو ڪوبه مقصد ناهي، بس مون کي خطرو ٿي رهيو آھي ته زخمي ڄنگھ مون کي متان قبر ۾ گهلي وڃي ۽ ٿي سگهي تو تائين هي خط پهچندي پهچندي مان مري وڃان. مون کي ڪنهن به ٻئي شيءِ جي پرواھ ناهي، بس مون کي ڳوٺ جي انهن ٻارڙن جي ڳڻتي آھي ته هنن جي زندگي اونداهي ٿي ويندي، جيڪڏھن ڳوٺ مان ٻه ٽي ٻارڙا به سڌري پيا ته هن ڳوٺ جي حالت بدلجي ويندي.” پوءِ هن آخر ۾ لکيو ته “هاڻ توکي خدا حافظ ٿي چوان جو مون کي روئڻ اچي رهيو آھي.”

.......مان جهڙيءَ مهل ريل گاڏي مان لٿس اهو صبح وارو وقت هيو. مان ان ڳوٺ طرف وڌڻ لڳس جتان مون کي سڪينه خط لکيو، مان جڏھن هڪ اسڪول ۾ داخل ٿيس ته اندر ڪو ماڻھو گُلن کي پاڻي ڏئي رهيو هيو. جڏھن ته صبح جو سوير اڃان ٻارڙن مان ڪوبه اسڪول ڪونه پهتو هيو، گلن کي پاڻي ڏيندڙ همراھ مون کي ڏسي وڌي اچي هٿ ملايائين.

“مون کي هتان جي ماسترياڻي سان ملڻو آھي.” مون چيو

“ماسترياڻي سڪينه سان؟!” هن چيو

“جي.” مون چيو

مون ڏٺو ته هن جون اکيون ڀرجي آيون، هن جو ڳلو خشڪ ٿي ويو.

“ابا! ظالم ماڻھن ڳوٺ جي آخري روشني به پنهنجي هٿن سان ختم ڪري ڇڏي، اسان ڏاڍا ظالم ۽ بي رحم ماڻھو آھيون، اسان جو الاءِ ڇا ٿيندو.” پوءِ هو روئڻ لڳو ۽ روئيندي ٻڌايائين؛ “سڪينه هيءَ دنيا ڇڏي وئي آھي!”

سچ ته منهنجن پيرن مان زمين کسڪڻ لڳي، مان مُئل وکون کڻندي ٻاهر نڪري آيس ۽ منهنجن سماعتن سان اهو ئي جملو ٽڪرائيندو رهيو ته “اسان جو الاءِ ڇا ٿيندو، اسان جو الاءِ ڇا ٿيندو!!!”

 

(دريا خان شنباڻي جي فيسبڪ وال تان ۳۰ جنوري ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment