Saturday, March 27, 2021

ڪهاڻيءَ جو تازو توانو مسافر - ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري

ڪهاڻيءَ جو تازو توانو مسافر

محمد دين راڄڙيءَ جي ڪھاڻين بابت

ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري



ڪجھ نوجوان دوست اھڙا آھن جيڪي سنجيدگي سان ادب طرف آيا ۽ تخليقي صلاحيتن ذريعي پاڻ مڃائي ويا. انھن جي ذاتي ڪمٽمنٽ، مطالعو، مشاھدو ۽ سنجيدھ رويو انھن جي رھنمائي ڪندا رھيا. ڪيترا ئي سينيئر ڪھاڻيڪار به ڪافي جڳھين تي نظر انداز ٿيندا رھيا آھن ته وري نوجوان به انھي ستم ظريفي کان بچي ڪونھ سگھيا، رحمت ماڃوٺي، انور بلوچ، لياقت رضوي، صديق مڱيو جھڙا ڪافي ڪھاڻيڪار مڃيل ھجڻ باوجود بھ اسٽريم لائين ڪھاڻي تي نھ اچي سگھيا يا نھ آندا ويا. ايئن نوجوانن ۾  اظھر نوناري، راڄن مڱريو، محمد دين راڄڙي جھڙا ڪيئي ڪھاڻيڪار يا نثر نويس بھ ڪنھن ويسر جي اپ کنڊ ۾ پيا وسن. انھن تي نظر ڪرڻ بھ ضروري آھي. انھن نوجوانن کي تڪڙين ڪھاڻين يا ڪيمپس ناول لکڻ جي ڪري فڪشن جا ڀٽڪيل مسافر چئي سگھون ٿا پر گمراھ نه آھن. محمد دين راڄڙي به انھن نثر نويس نوجوانن منجھان آھي.


پر محمد دين راڄڙي ڪهاڻي جو ڀٽڪيل مسافر نه آهي پر ڪهاڻي جو ڪردار ڀٽڪيل مسافر آهي، شايد ان ڪري راڄڙي صاحب ڪهاڻي جي ماحول ۾ گم ٿي پاڻ به ڀٽڪي ويو آهي. ڀٽڪڻ به خراب ڳالهه نه آهي ڇو ته ڪنهن رستي کي اختيار ڪرڻ لاءِ پهريون ڏاڪو ڀٽڪڻ، وڃائجڻ، گم ٿيڻ، غلطيون ڪرڻ، سکڻ، اپنائڻ، حاصلات هٿ ڪرڻ، منزل ڳولڻ، رستا تلاش ڪرڻ جا مرحلا هوندا آهن. هي رستو ان ڪري به ڪٺن آهي جو سندس اردگرد جو سمورو ماحول شاعرن ۽ شاعري جو آهي. نثر جا ڪٺن پيچرا اختيار ڪرڻ سندن مرضي آهي يا ڪنهن جو مشورو پر هي رستو محمد دين جي عين فطرت سان ٺهڪندڙ آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو غور سان سندن چهري کي جاچيندو ته راڄڙي جي اسڪن جي هر جيو گهرڙي ۾ نثر سان ٺينگ ٽپا نظر ايندا، اها ٻي ڳالهه آهي ته انهي نثر جي ميچوئرٽي کي ڪير قبول ڪري يا وقت جو انتظار ڪري.

محمد دين راڄڙي ڪهاڻي جي ڪهاڻي آهي. پنهنجي اردگرد جي نون ۽ سهيوڳي صورتحال تي لکيل ڪهاڻيون ٻڌائن ٿيون ته ساڻس لهه وچڙ ۾ ايندڙ هر فرد ۽ هر واقعو سندن ڪهاڻين جو حصو آهي. اهي ڪهاڻيون جيڪڏهن ٻاهرين ماحول جون آهن ته انهن جي ٽريٽمنٽ راڄڙي صاحب جي اندر جي ڪهاڻي آهي يعني ايئن محسوس ٿيندو ته ڪهاڻي جو ٻاهريون ڍانچو معروضي حالتون آهن ته انهن ڪهاڻين جو اندريون ماس/ ڳر/ تت محمد دين راڄڙي جون اندريون حالتون آهن. هو ڪهاڻين ۾ احساس داخلي اوتيندو آهي تنهنڪري ئي شايد ڪهاڻين ۾ رس چس آهي ۽ ڪهاڻي پڙهندڙ کي پاڻ سان گڏ وٺي هلندي آهي. محمد دين جي ڪهاڻين لاءِ ايئن ته نٿا چئون جو آخري ڪهاڻيون آهن پر ڪجهه ڪهاڻيون پنهنجو جواب پاڻ آهن جنهن ۾ موضوعن جي انفراديت سان گڏ انهن ڪردارن کي به زندگي عطا ٿئي ٿي جيڪي پنهنجن ڪهاڻين جو حصو آهن. اهڙيون ڪهاڻيون ان ڪري به اهم آهن جو جنهن ماحول مان راڄڙي صاحب ويهي هي ڪهاڻيون لکي رهيو آهي ان ماحول ۾ ادب عام ماڻهن لاءِ ايترو اجنبي آهي جيتري زندگي انهن ماڻهن لاءِ اجنبي آهي. جتي انسانيت اجنبي آهي، جتي ووٽ انهن ماڻهن جو پنهنجو ووٽ نه آهي. جتي ووٽ سندن هٿيار هجڻ بجاءِ وڏيري جو قرض آهي، جتي جي زندگي حاڪمن جي ڪرم نوازي آهي. تنهنڪري اهي ماڻهو اڌاري زندگي ۾ ڪيش تي موت وٺندا آهن اهي قبيلائي جهڳڙا هجن يا چورن ۽ ڦوروئن جون وارتائون هجن. پر جي ماريا نه وڃن ته خوشحال پنجاب مان ڪهي آيل ماڻهن، عورتن ۽ انهن جي اينگرو، ماڙي گيس، لبرٽي پاور پلانٽ وغيره واري زندگي ڏسي جيئري ئي مرندا ضرور آهن ته سڀ ڪجهه اسان وٽ هوندي به نه اسان وٽ گيس آهي نه بجلي آهي نه زندگي جون سهوليتون آهن. راڄڙي جو ڳوٺ به انهن محرومين مان آجو نه آهي. محمددين راڄڙي اهڙي ماحول ۾ ويهي جڏهن محروم ڪردارن جون ڪهاڻيون لکندو آهي ته انهن ڪهاڻين ۾ هڏا ۽ چم ته ٻين جا هوندا پر رت محمد دين راڄڙي ۽ سندن ڳوٺ سانڪو جو هوندو آهي. پئراڊاڪس ۾ اهو رت سموري سنڌ جو آهي ۽ اهو حشر سموري سنڌ جي وارتا آهي.

تهذيب به پيٽ ڀريل ماڻهن جي هوندي آهي انگ اگهاڙن ۽ پيٽ بکايل ڪردارن ۽ ڪهاڻين جي ڪا تهذيب نه هوندي آهي. تنهنڪري شايد ٽوٻي جو پٽ ٽوٻي ڪھاڻي ۾ پيءُ طرفان آندل ٽريڪٽر ٽرالي وارو کيڏوڻو حاصل ڪرڻ بجاءِ ٽوٻي پيءُ کي به وڃائي ويهي رهي ٿو. سرلان پنهنجي وطن جي ٽيهارو کان وڌيڪ سالن جي انتظار پڄاڻان پهچي به الميي جو شڪار ٿي وڃي ٿي ۽ سندس لاش واپس وڃي ٿي. ورهاست واري وڍ سموري مسلمان ورثي کي هندستان حوالي ٿيڻ کانپوءِ به انسانن جي وڍ جاري رکي آهي. مني صدي گذرڻ کانپوءِ به دوستانه رويه وجود ۾ نه آيا آهن. اهڙا ڪيترائي مسئلا آهن جيڪي تهذيبن جي دائري ۾ اچن ٿا جن کي محمد دين راڄڙي ڪنهن نه ڪنهن پاسي کان اجاگر ڪيو آهي.

محمددين راڄڙي جون هونئن ته سموريون ڪهاڻيون ڪافي گهرجائون آهن پر ٽوٻو، ڦاٽڪ، سرلان، تضاد، اندر ٿو سڏي مونکي ۽ ناٽڪ سيڪند اسٽيٽمنٽ مون کي ان ڪري پسند آهن جو انهن جو ڪنٽيٽ يعني متن توجه طلب آهي. اهي ڪهاڻيون پنهنجي جاءِ تي سٺي موضوعاتي چونڊ، ٽريٽمنٽ يا ڊڪشن سبب منفرد آهن. ٻي طرف انهن ڪهاڻين تي ڪهاڻيپڻو ايڏو جاندار نه آهي جو راڄڙي صاحب جون ڪهاڻيون پڙهندي ڪڏهن ڪڏهن محسوس ٿيندو آهي ته هو تڪڙو ئي ڪهاڻي جي انت تائين پهچڻ چاهيندو هجي جنهن جي لاءِ ڪجهه ڌيرج يا صبر جي ضرورت هوندي آهي. آرٽ جو مطلب ئي ترسڻ ۽ ترسائڻ هوندو آهي. اخبار جي خبر جيان ٻن يا ٽن سرخين ۾ سموري وارتا جي خبر پئجي وڃي ته پڙهندڙ تفصيلي خبر ۾ ورلي وڃڻ پسند ڪندو آهي جڏهن ته ڪهاڻي جي متن ۾ ڪي به اخباري سرخيون نه هونديون آهن پر وارياسي زمين جي اهڙي ٿڌڙي هير هوندي آهي جو پنڌ ڪندڙ کي ڪٿي به احساس نه ٿيندو آهي ته هو ڪٿان روانو ٿيو ۽ ڪٿي پهتو آهي. ايئن مونکي هاروڪو موراڪامي جي ڪهاڻين Men with Women ‏ ۾ ڪهاڻي Drive my car ياد ٿي اچي جيڪا پڙهندي مونکي خبر ئي نه پئي ته ڪيتري ڪهاڻي پڙهي ويو آهيان ۽ ڪهاڻي ۾ آهي ڇا؟ پر ڪهاڻي جو سرور الئه ڪيئن جسم ۾ سرايت ڪندو الئه ڪٿي وڃي پهتو. ڪهاڻي ۾ اهو ڪهاڻي پڻو هوندو آهي. موراڪامي جون ٻيون ڪهاڻيون به لاجواب آهن. ايئن به ناهي ته محمد دين جي ڪهاڻين ۾ ڪهاڻي پڻو ناهي پر اها ڌيرج جي کوٽ محسوس ٿئي ٿي. اهو به ٿي سگهي ٿو ته سندن اهو انداز پنهنجو الڳ ۽ منفرد اسلوب آهي جيڪو اڳتي هلي پنهنجا گس جوڙي.

ڪهاڻين ٽوٻو ۽ ڦاٽڪ ۾ ڪردارن جي پيڙا ايئن بيان ڪيل آهي جو اسان جي سماج جي اجتماعي درد جا اولڙا نظر ايندا آهن، معاشي ڪسمپرسي ۽ زندگي جي معيار کان هيٺ جي زندگي اسان جي سماج جو اجتماعي درد آهي جيڪو استحصالي قوتن جي هٿان محروميت جي چکيا تي چڙهي اسان جي وجود هو حصو ٿي ويو آهي ۽ اسان معياري زندگي جي خوابن کان به پري رکيا ويا آهيون. جڏهن ته سماج جي کوکلائپ تي سندن ڪهاڻين مان احساس ۽ سيڪنڊ اسٽيٽمينٽ ناٽڪ نمايان آهن جيڪي ڊبل اسٽينڊرڊ ۽ ماديت پرستي سبب پنهنجي ذات جي انا تي چڙهي ڪنهن ٻي جي درد يا احساس کي ڪچلي ٿا ڇڏيون. ايئن به ناهي ته صفا احساسن جي موت جون ڪهاڻيون آهن پر آپٽيمزم جي حوالي کان سندن ڪهاڻي ”اندر ٿو سڏي مونکي“ مثال آهي جنهن ۾ هڪڙي ليکڪ جو اندر جاڳي پوي ٿو ۽ هو ضمير جي ملامت کي محسوس ڪري پڇتاءٌ جو شڪار ٿي ڪڌي ڪم ڪرڻ کان باز اچي وڃي ٿو. اها ڪهاڻي زو معنيٰ ۾ به ڏسي سگهجي ٿي ته ڪهاڻي جي ڪردار مهران شايد گهر مالڪ کي اندر سڏي ٿي يعني اهو ڪم کيس اندر سڏي ٿو پر اصل ڪهاڻي اندر جي جاڳي پوڻ ۽ اندر جو سڏ آهي.

ڪهاڻين ۾ بچل ڪلينڪ واري ڪهاڻي بلڪل منفرد ۽ سائنسي حقيقت تي آهي ته اسان جي سماج ۾ جنسي محرومي جا شڪار ماڻهو ڪيئن پنهنجي ضرورت جي پورائي لاءِ سيمينس جي چيڪنگ لاءِ فرٽيلٽي ٽيسٽ ڏيڻ بهاني پنهنجو ڪم ڪري ٿا وڃن. اهي سمورا پاسا پنهنجي جاءِ تي پر انهي موضوع تي ڊسڪورس پيدا ڪرڻ خود هڪ وڏي دعوت ۽ وڏو چيلينج آهي ته اولاد ٿيڻ يا بي اولادي لاءِ اسپرمز جي چيڪنگ به ضروري آهي. ٻي صورت ۾ اسان جهڙي پٺتي پيل سماج ۾ جتي ماڻهو اولاد پيرن تي پڙچاڙهي گهرندا هجن يا ٻين وهمي ڦيڻن يا ڌاڳن وسيلي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هجن اهڙي معاشري ۾ ماڻهو بهاني طور ئي سهي پر پنهنجي جنسي اسپرمز چيڪ ڪرائڻ ڪنهن ڪلينڪ تي وڃن ٿا ته اها وڏي غنيمت آهي. محمددين راڄڙي پنهنجي ذاتي مشاهدن ۽ تجربن مان اهڙيون ڪهاڻيون کڻي اسان کي پڙهائي ٿو جنهن سان تمام گهڻيون نيون حقيقتون اسان جي سامهون اچي وڃن ٿيون. اهڙي ذاتي تجربن مان ڪهاڻي ”سچ کي پٺي“ به آهي جنهن ۾ هڪڙي اسڪول جا استاد سماج جي تبديلي لاءِ ته وڏا بحث ڪندا آهن پر پنهنجي عملي تبديلي لاءِ پاڻ به تيار نه هوندا آهن. تبديلي هميشه انفراديت کان شروع ٿي اجتماعيت جو حصو ٿي ويندي آهي، ڊائريڪٽ ڪا به تبديلي نه ايندي آهي. اهڙي ڏس ۾ ڪهاڻي ”وزٽ“ مونکي جج صاحب تي وڏي سٽاير واري ڪهاڻي محسوس ٿي ته ڪيئن جج صاحب ٻارن کان سندن مستقبل جو پڇي ٿو ۽ هر ٻار جي جواب ۾ منفي ڪمينٽس ڏئي ٿو جنهن سان انهي اسڪول جي ٻارن جي ذهن ۾ نه ڄاڻ ڪهڙا خاڪا پيدا ٿيندا هوندا  جڏهن ته جج صاحب پاڻ به ٽيوشن پڙهائي جج ٿيو هو. ٽيوشن خود تعليمي نظام تي هڪ سواليه نشان آهي. اهڙيون ڪيتريون ڳالهيون اسان سماج مان کڻي سگهون ٿا جيڪي مشعل راهه ٿي سگهن ٿيون. محمد دين راڄڙي صاحب جون اھي ڪھاڻيون سندن خوبصورت ڪتاب ”مان انسان ٿيندس“ ۾ موجود آھي انھي ڪتاب کي پڙھي سندن ڪھاڻين جي ڪٿ ڪري سگھجي ٿي تھ ھي خوبصورت، پڙھيو لکيو نوجوان ڪيئن ادب کي پنھنجن تخليقن سان سينگاري ٿو. محمد دين راڄڙي نثر ۽ تنقيد جو به خوبصورت نالو آھي، جديد علمن سان ھٿياربند ٿي ڪھاڻي کي پنھنجي سڃاڻپ ٺاھيندڙ ھن نوجوان جون ڪھاڻيون پڙھڻ ۽ ھيانءُ سان ھنڊائڻ جھڙيون آھن.

 

(ڏھاڙي سنڌ ايڪسپريس ۾ ۲۷ مارچ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment