Saturday, March 20, 2021

سنڌي ڪهاڻي سان ٿيندڙ ناانصافي - ڪليم ٻٽ

سنڌي ڪهاڻي سان ٿيندڙ ناانصافي

(حصو پھريون)

ڪليم ٻٽ



ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ چوٿون سنڌ لٽريچر فيسٽيول ٿي گذريو جنهن ۾ ڪهاڻي جي سيشن دوران زيب سنڌي نالي هڪ اديب اهو چيائين ته “هڪ نجي ٽي وي چينل مون کي سنڌي ڪهاڻين کي ڊراماٽائير ڪرڻ جو پراجيڪٽ ڏنو، جڏهن مون سمورو سنڌي ادب اٿلائي پٿلائي ڏٺو ته مون کي عالمي معيار جون ٽي ڪهاڻيون به نه مليون، جن کي ڊراماٽائيز ڪري سگهجي.” سندس اهڙي مٿاڇري تجزيي مختلف پليٽ فارمن تي “سنڌي ڪهاڻي” جي حوالي سان هڪ نئون بحث ڇڙي ڇڏيو آهي. انهن وهندڙ گنگا مان اسان جي عورتن جي حقن لا جدوجهد ڪندڙ ليکڪه ۽ سنڌ يونيورسٽي جي فلاسافي شعبي جي استاد ميڊم امر سنڌو به سنڌي ڪهاڻي تي را ڏيڻ کي سندن آئيني ۽ جمهوري حق ڏيندي سوشل ميڊيا جي هڪ پوسٽ اها را ڏيندي دير نه ڪئي ته:


“توھان جي ڳالھه موضوعاتي انفراديت جي جا تي سچي ٿي سگھي ٿي پر ان کي فني حساب سان گھربل معيار تي پورو لھڻ گھرجي جيڪا کوٽ سنڌي ڪھاڻي ۽ ناول ۾ واضح نظر اچي ٿي، البت شاعري ڪنھن حد تائين مقابلي ۾ بيھاري سگھجي ٿي. سنڌي ڪھاڻي به ماڻڪ، خيرالنساءِ جعفري، نسيم کرل ۽ عبدالقادر جوڻيجي کان پو ڪي وکون حفيظ ڪنڀر جي ڪھاڻي جي صورت ۾ اڳتي وڌي ھئي پر پو جي ڪھاڻي مون کي ان معيار جي نظر نه آئي آھي.

موضوع جي لحاظ کان سنڌي سماج جي پسمنظر ۾ جميل عباسي جي اردو ڪھاڻي کي بيھاريو يا وري رفاقت حيات جو ناول “ميرواہ ڪي راتين” بيھاريو ته توھان کي سنڌي ڪھاڻي جي فني معيار جو پتو پئجي ويندو.”

انگريزي ٻولي جي هڪ چوڻي آهي ته:

Don’t fish in troubled waters.”

پر جيئن ته اسان جي هر ليکڪ کي پو ڀلي اهو سياسي تجزيه نگار هجي، ڪالم نويس هجي يا صحافي هجي، ان کي هر وقت مهم جوئي جو شوق پيدا ٿي پئي ٿو ۽ اهڙا موضوع جن سان سندس پري پري جو به ڪو واسطو نه آهي ان تي به ماهراڻي را ڏيندي دير نٿو ڪري. پر ڪير به انهن کان اهو سوال نٿو ڪري ته اوهان جنهن کي عالمي معيار ٿا چئو اهي آهن ڪهڙا؟ اوهان ڪهڙو جديد ادب پڙهيو آهي، اوهان سنڌي ڪهاڻي جي پرک ڪهڙي ادبي ڌارا جي تنقيدي اصولن هيٺ ڪري رهيا آهيو؟ جنهن کانپو اوهان ان نتيجي تي پهتا آهيو ته سنڌي ڪهاڻي کي لڳ ڀڳ سوا سو سال گذرڻ کانپو به اوهان کي عالمي معيار جون ٽي ڪهاڻيون به نٿيون ملن.

انهن مٿاڇرين ڳالهين کان هٽي جيڪڏهن حقيقت پسندي سان سنڌي ڪهاڻي جو مطالعو ڪجي ٿو ته اهو چوندي ڪا به هٻڪ نٿي محسوس ٿئي ته سنڌي ڪهاڻي هر لحاظ کان عالمي ڪهاڻي سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺي آهي، ائين ته ڪيترن ئي ڪهاڻين جا حوالا ڏئي سگهجن ٿا پر هتي ڪجهه ڇرڪائيندڙ سنڌي ڪهاڻين جو ذڪر ضرور ڪندس، جيڪي نه رڳو موضوعاتي حوالي سان نواڻ سان ٽمٽار آهن پر اسلوب، ڪهاڻي جي فني گهرجن کان ويندي بيان ڪرڻ جي انداز ۾ به نراليون آهن.

مشتاق شوري جي ڪهاڻي “ٿڌي باهه” ھڪ اھڙي حساس موضوع ۽ اداري تي لکيل آھي جنھن بابت ڳالھائيندي اسان جي واتن ۾ مڱ پئجي ويندا آھن. ھڪ حد کانپوءِ اسان جا پر سڙي ويندا آھن، ان ڏکئي موضوع تي لکڻ لاءِ قلم کڻندا آھيون تھ ٿڙڪندڙ ھٿن مان قلم پاڻمرادو ڇڏائجي ھيٺ اچي ڪرندو آھي ۽ ڀورا ڀورا ٿي ڀڄي پوندو آھي. ھن ڪھاڻي ۾ ٻھ مک ڪردار آھن جيڪي ھڪ طاقتور اداري ۾ آھن، اھي ھڪ ڪافي ھائوس ۾ اچي ويھن ٿا ۽ ھڪ ٻئي سان پنھنجا سور پٽين ٿا. ھي لڳ ڀڳ چوڏھن صفحن تي لکيل ڪھاڻي آھي، جنھن جي سٽ سٽ تجسس سان ڀريل آھي ۽ پڙھندڙ ھر جملي سان ڪھاڻي ۾ ٻڏندو وڃي ٿو. جھڙو ڪھاڻي جو موضوع حساس ۽ ڏکيو آھي تھ وري مشتاق صاحب ڪھاڻي جي ٽريٽمنٽ بھ اھڙي ئي شاندار رکي آھي ۽ ان جو ڪمال اھو آھي جو پڙھندڙ کي سڀ ڪجھه پنھنجي اکين آڏو ٿيندو محسوس ٿئي ٿو. ڪي جملا تھ صفا ڇرڪايو ڇڏين ٿا.

رحمت ماڃوٺي جون ڪهاڻيون “ابد ڏنگڻي ۽ امتي” ڪهاڻي “ابت ڏنگڻي” مان ورد سمجهي وري وري پڙھندو آھيان، ڪهاڻي جو مک ڪردار ماڪو سياري جي هڪ رات ۾ عرب سڳوري لا باز پڪڙڻ ويٺو آھي ۽ امير صاحب وٽ ٻارهن سالن جي نوڪري دوران ٿيل وارداتن جون يادون کيس ڏنگڻ لڳن ٿيون. اڃا امي ۽ ڦاپي واري واردات مان ڇرڪ ڀري نڪرڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي ته ٻارن جي ٽريفڪنگ واري واردت جو ذڪر اچيو وڃي. وري انهي مان مس نڪرجي ٿو ته عرب سڳورن جو هتان مايون خريد ڪري عربستان وٺي وڃڻ ۽ ڪجهه سالن کانپو کين ڇڏي ڏيڻ...ھر واردات کانپو ماڪو نمڪ حلالي جو ثبوت ڏيندي چئي ٿو: عربن جو انهي ۾ ڪهڙو ڏوهه..... سندس هي جملو هن جي ذھني غلامي جي ڀرپور عڪاسي ڪري ٿو: “عربستان کان آنديون آھن پو ته مون کي پڪو ايمان اچي ويو ته پاڪ ملڪ کان پاڪ ٻاٽليون ئي آيون هونديون.” جهڙي ريت ڪهاڻي جو موضوع ٽيبو آهي، اهڙي ريت ڪهاڻي ۾ ڪمال جا جملا پڻ ڏنل آهن، جن کي پڙهي کل اچڻ سان گڏ، افسوس به ٿئي ٿو. مثال طور: “آ اڻ پڙهيو ماڻهو، مون کي اهو به ياد ڪونهي ته ڪلهه ڇاندو ڪهڙو ڪيو هئم. سو مون کي ڪهڙي خبر ته سؤ سال اڳ، مون واري مائٽ ماڪو ڪهڙا ..... پٽيا هئا!”

يا وري: “هي ويچارا ته ايترا اشراف آهن جو هتان تيرهن چوڏهن سالن جون ڇوڪريون، مائٽن کي پئسا ڏئي پاڻ سان سڳوري ملڪ وٺي ويا سي ڇهن ستن سالن کان پو ورائي ڏئي ويا. ايترن سالن ۾ ڇوريون اهڙيون ٿي ويون جهڙيون 50 سالن جون پوڙهيون. هو ڀلو ملڪ، هي ماڃر، لاڙ ۽ ٿر جون گنهگار ڇوريون تن جي پتي تي ٿو پاڪ ملڪ جو پاڻي پوي!” هي ڪهاڻي ڪمال مهارت سان لکيل آھي ۽ ان جي سحر ۾ پڙھندڙ ٻڏل ئي رهي ٿو.

رحمت جي ڪهاڻي “امتي” به ڪمال جي ڪهاڻي آهي ۽ هن ۾ به رحمت جو سڀ کان طاقتور هٿيار سندس ڊارڪ هيومر ئي آهي، هي هڪ اهڙي پي جي ڪهاڻي آهي جنهن کي هر ڪو چرياڻ سمجهي ٿو، جيڪو ڪيتريون ئي نوڪريون ڇڏي هڪ نئين نوڪري سان لڳو آهي، پر اتي سندس مٿان ويٺلن کي کيس ڪڍڻ جو بهانو گهرجي، جنهن جو اظهار رحمت ڪهاڻي ۾ ڪجهه هن نموني ڪري ٿو:

“نئون ادارو، نئين نوڪري، اڌ ڊزن “پوڍال ڪلچر” جا شهڪار باس، جن کي ديڳ ۾ ڏوئيلو هڻڻ واري انداز ۾ هٿ نه ڏيڻ سبب اڳ ئي اک ۾، صفا ٺڪري تي پاڙ، وري جو کين غير حاضر رهڻ جو بهانو ملي ويو ته روزي پڄائڻ واري ملائڪ کي ائين چوندي دير ئي نه ڪندا ته:

“ميان ميڪائيل! فقير محمد سنهڙي جي روزي اسان جي اداري جي معرفت پهچائڻ جي هاڻ تڪليف نه ڪج.”

هي ڪهاڻي ضمير متڪلم ۾ لکيل آهي جنهن ۾ هڪ پي سندس تازي ڄاول ٻار جنهن کي هو “امتي” سڏي ٿو، کيس اهو ٻڌائي رهيو آهي ته هن (امتي) جنهن دنيا ۾ پير پاتو آهي، اتي ڇا ڇا ٿي رهيو آهي. مثال طور هو جنهن ملڪ ۾ ڄائو آهي اهو نه رڳو مذهبي ملڪ آهي پر مذهب جو قلعو آهي، ملڪ جي گهٽين، رستن، آفيسن ۽ عدالتن ۾ ان مذهب جو ڳاٽ اوچو آهي ۽ ٻئي ٻانهون هڻندو ٿو هلي ۽ الحمدلله هينئر مڪمل طرح خطري کان به ٻاهر آهي. ڪهاڻي پڙهندي اهو احساس ٿئي ٿو ڄڻ پي سندس تازي ڄاول ٻار کي هن دنيا ۽ خاص ڪري هن ملڪ ۾ پيدا ٿيڻ کان روڪيندو هجي ۽ جڏهن کيس لڳي ٿو ته امتي ساهه کڻڻ ڇڏي ڏنو آهي، هو کيس رڙ ڪري سڏي ٿو. (هلندڙ)

No comments:

Post a Comment