Saturday, March 20, 2021

سنڌي ڪهاڻي جا قدردان نوجوان - اعجاز علي مهيري

سنڌي ڪهاڻي جا قدردان نوجوان

اعجاز علي مهيري



فقير نج ڪورو ٻهراڙي جو ٻار هو ۽ اڄ به سادو ڳوٺاڻو آهي جنهن ننڍپڻ ۾ صرف درسي ڪتاب ڀيرو ڏيئي پڙهيا هئا. فقير جو سوشل ميڊيا جي اچڻ کان اڳ، ادبي دنيا جي ڪتابن سان ڪو چڱو خاصو واسطو نه رهيو هو. فقير ننڍپڻ ۾ ڪيتريون ئي لوڪ ڳوٺاڻيون آکاڻيون وڏڙن جي واتان ٻڌيون هيون. جن مان هن وقت فقير کي ياد ڪا هڪ به آکاڻي نه رهي آهي پر علم جا ٻہ اکر پڙهڻ بعد هِتان هُتان هٿ ڪري ادب جا چار ڪتاب ضرور پڙهيا آهن ۽ آهستي آهستي ڪتابن جي دنيا سان فقير جو چاھ ڏينهن و ڏينهن وڌندو رهيو آهي. خبر نه ٿي پئي ته فقير انهن ننڍپڻ جي ٻڌل آکاڻين جي پيشڪش يا پر اثر سحر جي ڪري ئي ڪهاڻي جي موضوع کي وڌيڪ پسند ڪيو آهي يا ڪا ٻي ڪا وجھ به ٿي سگهي ٿي ان حوالي سان فقير پنهنجي طرفان ڪا به حتمي راءِ ڏيڻ کان بنھ قاصر آهي.


حالانڪ ادب ۾ هر موضوع تي سوين هزارين ڪتاب ڇپيل آهن پر فقير جي لنئون لڳي ته ڪهاڻي سان ئي لڳي فقير ڪٿي پڙهيو هو ته سڀ کان پهرين سنڌي ڪهاڻي تحريري صورت ۾ *ڀنڀي زميندار جي ڳالھ* لکي ويئي هئي، ممڪن آهي ته فقير جي اها دعوي غلط هجي ڇو ته هن وقت فقير وٽ ڪو به اهڙو ثبوت موجود نه آهي جيڪو فقير جي دعوي کي درست ثابت ڪري سگهي .هتي اضافي بحث جي ضرورت نه آهي ضرورت جنهن ڳالھ جي آهي ان ڳالھ جو پنهنجي سمجھ آهر فقير طرفان پڇاڙي ۾ پيرائتو ذڪر ڪيو ويندو اميد آهي ته انهن هڪ اڌ ڳالهين تي پورو پورو ڌيان پڻ ڏنو ويندو.

بھرحال زماني جو سفر هلندو رهي ٿو ۽ سنڌي ڪهاڻي به زماني سان گڏ وکون کڻي اڳتي وڌندي رهي ٿي. ڪهاڻي جي سفر هلندي هلندي ان دور جا ڪيترائي نوان نالا متعارف ٿين ٿا ڪي وڏا نالا ٿيا ته ڪي ننڍا نالا ٿيا پر سنڌي ڪهاڻي جا ڪيترائي شاهڪار ڪتاب منظر عام تي ايندا رهيا. دور بدلجندو رهي ٿو اڄ جي ڪهاڻي جيڪا خير سان 2021ع ۾ قدم رکي چڪي آهي. سا ڪهڙي حال ۾ آهي؟ ۽ ڪيتري قدر تخليق ۾ ڪامياب ٿي سگهي آهي؟ جهڙا ڪيترائي سوال پنهنجي جڳھ تي برحق موجود آهن افسوس فقير انهن اٿندڙ سمورن سوالن جا ڪي به مطمئن ڪندڙ جواب نه ٿو ڏيئي سگهي! نه ته فقير وٽ ايترو علم آهي نه وري ڪهاڻي کي پڙهڻ ۽ پرکڻ جي سمجھ پر جي ڪو به شخص چاهي ته سنڌي ڪهاڻين جي هيستائين ڇپيل سمورن ڪتابن تي تحقيق ڪري سنڌي ڪهاڻي جو مڪمل جائزو وٺي سگهي ٿو.

ڪو وقت سنڌي ڪهاڻي تي نسيم کرل نالي ڪهاڻيڪار جي گرفت ڏاڍي مظبوط رهي هئي . ان حد تائين جو ڪي ماڻهو نسيم کرل کي مرد مڃڻ لاءِ تيار نه هوندا هئا ڪي ماڻھو ته دل ئي دل ۾  ساڻس لانئون لهڻ لاءِ خواب ڏسڻ لڳا هئا. نيٺ نسيم کرل صاحب جي مرد طور سڃاڻپ ظاهر ٿي. اڳتي هلي ڪٿي ليڪو ڪڍيو ويو ته سنڌي ڪهاڻي گولي لڳڻ کانپوءِ هاڻي ٿڪجي ساڻي ٿي پئي آهي ۽ اڳتي وڌڻ کان نابري واري بيهي رهي آهي بس هڪ گول دائري جي اندر چڪي جي اکيون ٻڌل ڏاند وانگر چئوڦير ڦري رهي آهي.

فقير جڏهن سوشل ميڊيا جي سهڪار سان نسيم کرل صاحب جي ڪنهن شخص جي طرفان سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪيل شاهڪار هڪ ڪهاڻي *پهرين مراد* پڙهي هئي ته ڪيترائي ڏينهن ڪهاڻي جي سحر مان نڪري نه سگهيو هو. چيو ويو هو ته نسيم کرل کانپوءِ ئي سنڌي ڪهاڻي کي گولي لڳي هئي، ۽ نهايت افسوس سان ڪن مهربانن جي نظر ۾ اڄ ڏينهن تائين سنڌي ڪهاڻي جي فقط صحت سڌرندڙ آهي ۽ خالي ڪوما مان ٻاهر نڪري رهي آهي باقي مڪمل صحتياب نه ٿي سگهي آهي.

نسيم کرل صاحب کان پوءِ گهڻو پوءِ جو دور هو جڏهن هڪ مشتاق نالي سنڌي ڪهاڻيڪار *مسٽر پي ڪي* نالي ڪهاڻي لکي هئي، جنهن ڪهاڻي کي سنڌي ادب مان چوري ڪري ۽ مال مسالا ملائي باليووڊ جي هڪ فلم طور پيش ڪيو ويو. اها نج سنڌي ڪهاڻي هئي جنهن ڪهاڻي تي ڪا دعويٰ داخل نه ٿي سگهي آهي. انهن قابل احترام محترم صاحبان کي ويچارا ڪهاڻيڪار ٻيو ڇا ٿا پيش ڪري ۽ چئي سگهن ته اکيون کولي ڏسو گولي لڳل ۽ ڪوما ۾ پيل سنڌي ڪهاڻي ڪٿي پئي مار ڪري اتفاقن جيڪڏهن سنڌي ڪهاڻي مڪمل صحتياب هجي ها ته پوءِ؟

اهو ته سڀني صاحبن کي وقت ئي ٻڌائيندو ته سنڌي ڪهاڻي ڪڏهن مڪمل صحتياب ٿيندي. پر سنڌي ادب جي خوشنصيبي جي ڳالھ آھي ته سنڌي ڪهاڻي کي گولي لڳڻ کانپوءِ به زخمي ٿيل ڪھاڻي جي ڪلا کي لاوارث نه ڇڏيو ويو هو ۽ نه ڇڏيو ويو آهي. ۽ دل جاءِ رهي، نه وري مستقبل ۾ ڪڏھن ڇڏيو ويندو.

هونئن ته فقير اخبارن رسالن ڪتابن لائبررين جي جهان کان پري ڳوٺ ۾ رهندڙ رهيو آهي جتي زندگيءَ  اڌ جون بنيادي سهولتون ته موجود آهن پر لائبريري موجود نه هئي جنهن خال کي محسوس ڪندي ڳوٺاڻي سطح تي مهيري ڪميونٽي جي نوجوانن طرفان هڪ ننڍڙي لائبريري کولي ويئي آهي جنهن ۾ سنڌي اردو ڪتاب گڏي وڌ ۾ وڌ  سٺ کن ٿيندا.

فقير کي سوشل ميڊيا جي سڀ رنگي جهان ۾ اچڻ کانپوءِ خبر پئي ته سنڌي ڪهاڻي اڄ به وڏي چاھ سان لکجي ۽ پڙهجي پئي اجائي هُلڙ بازي کان پري رهندڙ ۽ جديد دور جي ٽيڪنالاجي مان فائدو وٺندي نوجوان سائل مهراڻ سوشل ميڊيا تي الڳ انداز سان پهرين سنڌي ڪهاڻي ويهڪ رکي هئي جنهن ڪهاڻي ويهڪ ۾ نوجوان سائل مهراڻ سنڌ جي سينيئر ناميارن ۽ نون ڪهاڻيڪارن کي سوشل ميڊيا تي گڏ ڪيو هو ۽ نوجوان ڪهاڻيڪار ليکڪن لاءِ سينيئر ڪهاڻيڪارن جي سايي هيٺ سکيا جي تربيتي ادبي درسگاھ کولي هئي  پهرين ڪهاڻي ويهڪ جي ڪاميابيءَ کانپوءِ ڪجھ عرصي بعد ٻي ڪهاڻي ويهڪ رکي ويئي هئي سوشل ميڊيا تي ٻي ڪهاڻي ويهڪ جي عام اعلان کانپوءِ فقير پنهنجي هٿ لکيل هڪ ڪهاڻي ٻي ڪهاڻي ويهڪ ۾ پيش ڪئي هئي ظاهر آهي ته فقير جي اها پهرين لکيل ڪهاڻي هئي جيڪا پهريون دفعو ڪنهن ڪهاڻي ويهڪ ۾ پيش ڪئي ويئي هئي جنهن ۾ ڪيتريون ئي آڏيون ابتيون ڳالهيون ۽ فني خرابيون موجود هيون بحرحال فقير جي ڪهاڻي تي سائين نصير ڪنڀر صاحب جن سمجهاڻي لاءِ صدارتي نوٽ لکيو هو ۽ ڪهاڻيڪار امداد ڪانهيو صاحب فقير کي گذارش ڪئي هئي ته فقير توهان جي تخليقي تحرير ۾ ٿورو گهڻو دم موجود آهي پر توهان کي پنهنجو مطالعو وڌائڻو پوندو جنهن بعد ئي توهان ڪا ڪامياب ڪهاڻي لکي سگهندا؟

فقير کي ڪيترائي ڪهاڻي جي سفر جا پانڌيئڙا ٻي ڪهاڻي ويهڪ ۾ شموليت بعد مليا جيڪي هاڻي فيس فرينڊشپ ۾ ايڊ آهن اهي سمورا دوست جن جو هن تحرير ۾ ذڪر ناهي ڪيو ويو سي سڀ فقير کي گهر جي ڀاتين جيان پيارا آهن ضرورت آهر ڪٿي نه ڪٿي انهن جو سڀني جو ذڪر فقير طرفان تحريرن ۾ ضرور ڪيو ويندو.

ڪجھ مهينا گذرڻ بعد وري ٽي ڪهاڻي ويهڪ رکي ويئي جنهن ۾ سموري سنڌ جي ڪافي ڪهاڻيڪارن پنھنجيون ڪهاڻيون ڏياري موڪليون جن تي ڪهاڻي ويهڪ جي شامل مهربانن پيش ڪيل ڪهاڻين تي خوب لکيو ۽ ڪهاڻي جي فن تي ڀرپور کُلي ڳالھايو ۽ هر هڪ ڪهاڻيڪار کي پنهنجي علم آڌار سيکاريو هو ياد رهي ته فقير کي به ٽي ڪهاڻي ويهڪ جي دعوت هئي پر ڪن مجبورين سبب شامل نه ٿي سگهيو هو جن مجبورين جو اظهار فقير نوجوان سائل مهراڻ سان سوشل ميڊيا تي ڪيو هو. سائل مهراڻ فقير کي چيو ته؛ ٽين ڪهاڻي ويهڪ جي واڳ، متحرم نهايت ئي عزيز دوست چندر سکاڻي صاحب جن کي ڏني وئي آهي فقير توهان مهرباني ڪري اُن سان پنهنجي ڪهاڻي جي پيشڪش جي باري ۾ سڌو رابطو ڪيو چندر سکاڻي صاحب فقير کي ٻہ ٽي دفعا يادگيري ڏياري ته سائين پنهنجي ڪهاڻي ڏياري موڪليو. مگر الائي ڇو گهڻي دير ٿيڻ سبب نه کي نو ڪوٽ اچي چڪا هئا ۽ فقير ٽين ڪهاڻي ويهڪ ۾ صرف شموليت کان پري ٿي، پنهنجي دنيا ۾ مست مگن رهيو پر ڪهاڻي ويهڪ ۾ پيش ٿيندڙ سموريون ڪهاڻيون راين سميت روزاني جي بنياد تي پڙهندو رهيو ۽ ڪا به راءِ نه ڏيئي خاموش رهيو.

فقير کي ڀلي ڀت سڌ آهي ته سنڌي ڪهاڻي اڄ به پنهنجي جوهر سان لکجي ۽ پڙهجي پئي. ظاهر آهي ته ڪا به ڪهاڻي لکڻ نه ايڏي ڏکي آهي نه وري ايڏي آسان آهي. هن مصروف دور ۾ معياري ادبي رسالن جي اڻلڀ ھئڻ باوجود به ڪهاڻي جي ڪلا سان محبت ڪندڙن ۾ مسلسل واڌ اچي رهي آهي ۽ هيستائين سوشل ميڊيا تي ٽي عدد ڪامياب ڪهاڻي ويهڪون ٿي چڪيون آهن ۽ نت نوان نالا سوشل ميڊيا جي ڪري منظر عام تي اچي چڪا آهن، جن پنهنجي منفرد ۽ الڳ انداز سان سنڌي ڪهاڻي لکي پنهنجي هجڻ جو اظهار ڪيو آهي. سنڌي ڪهاڻي جي سڪي جو ٻيو پاسو به موجود آهي. جنهن جو ذڪر ڪرڻ فقير ضروري سمجهي ٿو. سنڌي ڪهاڻي رڳو مرد ليکڪ ڪو نه ٿا لکن. عورت ليکڪائون به سنڌي ڪهاڻي لکڻ ۾ برابر جون حصيدار آهن.

تازو ڪهاڻين جي ڇپجندڙ ڪتاب *ڀانڊارو*_ وضاحت سان_ان ڪتاب جو هن راقم الحروف فقير فقط سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي سهڪار سان مطالعو ڪيو آهي. فقير جي پڙهيل ڪتاب جي تخليقڪار جيجي ياسمين چانڊيو صاحبه آهي جيجي ياسمين چانڊيو جي ڪهاڻين جو پهريون ڪتاب ڇپيو آهي. هڪ ليکڪ يا ليکڪا کي ڪو به پهريون ڪتاب ڇپجي اچڻ جي خوشي ڪيتري ٿيندي آهي ان جو اندازو لڳائڻ مشڪل نه آهي. پر سئو سيڪڙو ان کان وڌ ڀاڳ ڀلا فقير سمجهي ٿو جو فقير ڪتاب جي خريداري کان بي پهچ هئڻ ۽ڪتاب جي سافٽ ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر کي دان ٿيڻ ڪري ئي سندس جي لکيل ڪهاڻين جي پهرين ڪتاب جو مطالعو ڪرڻ کان محروم نه رهيو.

ذهن تي زور ڏيڻ بعد فقير جي اڳيان ڪهاڻي جي کيتر ۾ ڪيترين ئي سنڌي عورت تخليقڪارائن جا الاهي سارا نالا اچي وڃن ٿا جن ڪهاڻي جي صحرا ۾ پاڻ پتوڙيو آهي  هڪ ته فقير کي فرصت تمام گهٽ ملندي آهي ٻيو ته انڪري فقير ڪجھ لکڻ کان پري ۽ ملندڙ وقت ۾ صرف پڙهڻ تائين محدود رهندو آهي. هن وقت جڏهن فقير کي ڪجھ فري وقت ۽ لکڻ لاءِ موقعو مليو آهي سمجهو ته گهڻن جي خيال ۾ اول کول ئي لکڻ لڳو آهي

سنڌي ڪھاڻيڪارائون مردن جيئن سنڌي ڪهاڻي جي حوالي سان هڪ الڳ مقام رکن ٿيون ۽ زخمي ٿيل سنڌي ڪهاڻي جي ڪوڙه ۾ ورتل بيمار مريض جيان ئي قدردان مهربان نرس طور تيمارداري به ڪري رهيون آهن اهي پنهنجي ڪيل ادبي پورهيي تي پورو يقين رکن ته اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن سنڌي ڪهاڻي مڪمل صحتمند ۽ پنهنجي پيرن تي بيٺل هوندي  شال سموريون  ڪهاڻيڪار صاحبائون/ ۽ صاحب ڊگهي ڄمار ماڻين ۽ چاڪ چڱا ڀلا هجن ۽ بغير ٿڪجڻ ۽مسلسل جستجوءَ سان سنڌي ڪهاڻي لکندا رهن ته هڪ نه هڪ ڏينهن سنڌي ڪهاڻي تي پنهنجي الڳ ڇاپ ضرور ڇڏيندا باقي فقير خوب ڄاڻي ٿو اڪثر تخليقڪار اڌ پنڌ ۾ ئي ٿڪجي پوندا آهن ڪي شهرت جي ڏاڪي تي رسڻ کانپوءِ ادب کي هڪ اڌ ڪتاب ڏيئي پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ مصروف ٿي ادب کان ڪنارا ڪش ٿي ويندا آهن ڪن کي سماجي ابتر حالتون ادب کان پري ڌڪي ڇڏينديون آهن ڪن کي ادبي دنيا ۾ اضافي ۽ اجائي تنقيد جنهن جو ٻيو سنئون سڌو نالو ادبي ساڙ آهي اها تنقيد ٿڪائي وجهندي آهي پر تاريخ گواھ آهي منزل تي ٿڪجي ويهي رهندڙ نه بلڪ سفر ۾ هلندڙ ئي پهچندا آهن.

فقير سمورن سنڌي ڪهاڻيڪار مردن سميت عورت سنڌي ڪهاڻيڪارائن کي سنڌي رٿ فائون سمجهي ٿو جن بيمار معاشري جي ڪوڙه ورتل چهري تي ايذائيندڙ ڦٽن جي نشاندهي ۽ پوءِ ناسور ڦٽن جي صفائي ڪري  نسوري سچ جا ملم هڻي مردن کان به ڳريون سماج لاءِ سماج کان هضم نه ٿيندڙ کريون ڪهاڻيون پڻ لکيون آهن

هن وقت چوٿين سنڌي ڪهاڻي ويهڪ جو سوشل ميڊيا تي باضابطه اعلان ٿي چڪو آهي ضرورت ان ڳالھ جي آهي هر ٻئي مهيني بعد  هڪ ڪهاڻي ويهڪ رکي وڃي ۽ خاص طور چوٿين ڪهاڻي ويهڪ ۾ پيش ٿيندڙ سمورين ڪهاڻين کي حرف به حرف جيئن جو تيئن ۽ هر ڪهاڻي تي ايندڙ پڙهندڙن جي مختلف راين کي گڏي هڪ الڳ ڪتابي صورت ۾ جلد ڇپائي پڌرو ڪيو وڃي ڪوشش ڪري پهرين ڪهاڻي ويهڪ کان چئني ڪهاڻي ويهڪ جي قسطوار چئين ڪتابن کي ڇپائي ضرور پڌرو ڪرايو وڃي جيئن ايندڙ دور جا نوان ڪهاڻيڪار انهن ڪتابن کي گائيڊ سمجهي پڙهن ۽ هيڏانهن هوڏانهن ڀڄڻ ڊڪڻ جي بجاءِ آساني سان ڪهاڻي جي فن کي سمجهڻ جي صحيح نموني مڪمل رهنمائي حاصل ڪري سگهن

نوجوانن سائل مهراڻ ۽ چندر سکاڻي صاحب کي ڪا وڏي ادبي گڏجاڻي ڪوٺائي سندن عظيم مقصد ۽ محنت تي ڪو ايوارڊ ڏياريو وڃي جنهن جا هو حقي حقدار آهن جن ههڙي دور ۾ شهرت ۽ واھ واھ کان پري صرف سنڌي ڪهاڻي جي بقا لاءِ بنا ڪنهن لالچ ۽ لوڀ جي سنڌي ڪهاڻي کي پاڻ ارپي ڇڏيو آهي انهن ڪهاڻي جي قدردان نوجوانن جو اسان سڀني کي احترام ۽ قدر ڪرڻ گهرجي!

 

(اعجاز علي مهيري جي فيسبڪ وال تان ۶ مارچ ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment