Saturday, March 20, 2021

ڪجليءَ جو ڪهاڻيڪار

ڪجليءَ جو ڪهاڻيڪار

جهانگير عباسي - مختصر جائزو

تجزيو: رزاق سهتو



جنهن عهد ۾ هي چار جملا ڪهاڻي ۽ ڪهاڻيڪار جي لاءِ لکي رهيو آهيان، تنهن عهد ۾سنڌي ادب، هڪ وڏي الميي مان گذري رهيو آهي. ليکڪن کي مايا جي موهه، لوڀ ۽ لالچ، ماڻهپي جي دائري مان ڌڪي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو آهي. ادب جي پرک جا ماڻ ۽ ماپا، هر ڪنهن پنهنجا پنهنجا ٺاهي ڇڏيا آهن. مٿان رهي سهي ڪثر جديديت پڄاڻان جي دور ۾ ميڊيا جا پرنٽ ميڊيا کان ٿيندي اليڪٽرانڪ تائين پهتي آهي. تنهن نج ادب کي ڪاپاري ڌڪ هنيو آهي. پرنٽ جي عروج ۾ ئي مونجھارو موجود هئو ته اديب ۽ صحافي هڪ ئي قطار ۾ بيهاريا پئي ويا. جڏهن ته ادب ۽ صحافت جي وچ ۾ سرحد جون چٽيون لڪيرون نڪتل آهن. جڏهن دنيا هڪ ڳوٺ ٿي وئي آهي، ڪيترا ئي ٽي وي چينل کلي ويا آهن، تڏهن مختلف ملڪن جي ڪلچر ۽ ٻولي ۽ تهذيب جا اثر هر ڪنهن قبول ڪرڻ شروع ڪيا آهن. جيڪي ادب جي ميدان ۾ پيار پختا ڪري نه سگھيا، سي صحافت ڏانهن لاڙو ڪري، صحافتي ادب کي جنمڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. جن هڻي ٻولي ۾ بگاڙ پيدا ڪري ڇڏيو آهي. اسان اديب، رڳو سَندي سنڌ ۾ نه پر سنڌ کان ٻاهرين دنيا ۾ پڌرا ٿي پيا آهيون. اسان جي قابليت، ڪلچر ۽ ٻولي اجھو هي آهي. اهڙي مايو منڊل ۾ هڪ حقيقي اديب ئي هر محاذ تي وڙهڻ جي سگھه رکي سگھي ٿو. پنهنجي تخليق ذريعي ٻولي، ڪلچر، تهذيب ۽ تمدن کي جديد ڪلاسڪ جو رنگ ڏئي، دنيا آڏو پيش ڪري سگھي ٿو. پر اڄ جو تخليقڪار ته رنگين مزاج ميڊيا جي رنگن ۾ وڃائجي ويو آهي. تڏهن ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا آهن جيڪي سڌي دڳ لائڻ جا جتن پيا ڪن. اهڙا ئي جتن اسان جو جوان سال ڪهاڻيڪار جھانگير عباسي، پنهنجي ڪهاڻين  ۾ ڪري رهيو آهي. هو ادب جي دنيا ۾ ڪهاڻي واري صنف جي چونڊ ڪري، ٻاٽ ۾ لاٽ بنجڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل آهي. ڏاڍي ڏکي صنف ڪهاڻيءَ سان لئون لاتو اٿائين. جيڪا ذهن ۾ سرجڻ کان وٺي پَني تي لکڻ، وري لکڻ ۽ ها وري وري لکڻ جهڙو پورهيو ڪرائيندي آهي. اهڙي محنت، محبوب جي ماڳ تي رسڻ جيان هڏن تان ماس به روڙي ڇڏيندي آهي. جهانگير عباسي ڪهاڻي لکڻ ۾ ڪٿي ڪٿي ڪمزور ته لڳي ٿو پر سندس نشانو گٿو ناهي. اهو ئي عمل، کيس اڳتي وٺي وڃي جاندار ڪهاڻيڪارن ۾ شمار ڪري ٿو. سندس ڪهاڻين کي پرکجي ته منهنجي ويساهه ۾ اها ڳالهه آهي ته تخليق اها جا پاڻ ڳالهائي، محسوس ڪرائي ۽ پنهنجي سحر ۾ آڻي ڇڏي ۽ پنهنجي جوهر ۾ هر دور جي ڪهاڻي بڻجي پوي. تخليقڪار جو نالو ته ان سگھاري تخليق کي سڃاڻپ لاءِ هوندو آهي. سندس ڪهاڻي “خدا مان ڪير آهيان.” هڪ سوال آهي جو ڪردار جي اندر مان آهه جي صورت ۾ پڙاڏو ٿي، طبقاتي سماج جي محلن ۾ گونجي ٿو ۽ جواب جي ڳولا ۾ فضا جو رخ ڪري ٿو. ڪهاڻيڪار، عالم جي اڳيان ڪهاڻي جو اهو عنوان “خدا مان ڪير آهيان” رکي، وڏو سوال ڪري وڌو آهي. هو ان ڪهاڻي کي ڪيڏي خوبصورت پيرائي ۾ بيان ڪري ٿو:


شام اونداهيءَ جي ڀاڪر ۾ آهستي آهستي ڀڪوڙي پئي ويئي. ته اونداهي جي ڄار مٿان بلبن، گاڏين جي جھيڻي روشني، زندگيءَ جي اهڃاڻ کي زندهه رکڻ ۾ مصروف ٿي وئي. پر هو اڃا تائين بي مقصد گھمي رهيو هو. اوچتو کيس زمين ڳوري محسوس ٿيڻ لڳي. ها.! هو هاڻي بيحد ٿڪجي پيو هو. ٿڪاوٽ جي احساس هيٺ، هو بجليءَ جي هڪ ٿنڀي کي ٽيڪ ڏئي سوچڻ لڳو؛ ”ماڻهو، رستن تي ڇو گهمندا آهن.؟“

ڪهاڻيءَ لاءِ جن مک شين جي ضرورت آهي. سي آهن ڪردار، ڊائلاگ، ٿيم، ڊڪشن، ڪلائيميڪس، اينٽي ڪلائيميڪس ۽ موضوع. پر هتي بيان ڪيل اشد ضروري ناهن. بياني انداز، شعوري وهڪري ۾، تجريدي، ڪهاڻيون لکيون ويون آهن. سٺي ڪهاڻي لکڻ لاءِ، سٺن ڪهاڻي ڪتابن جو پڙهڻ ضروري آهي. جهانگير عباسي پڪو پختو ڪهاڻڪيار ته آهي ئي پر فڪشن کي پڙهيو به تمام گھڻو اٿائين ۽ محنت ڪري ترجمو ڪيو اٿائين. سندس سڃاڻپ هڪ بهتر مترجم طور به آهي. طويل ڪهاڻي گم/ ختم ٿي وئي آهي. ننڍڙيون ڪهاڻيون، فليش فڪشن وغيره اچي ويون آهن. تجربن کان انڪار ڪونهي. اهڙو تجربو گھڻن سالن کان عزيز قاسماڻي ڪندو پيو اچي. سندس ڪهاڻي ڪتاب “ڪجھ به نه” پڙهي سگھجي ٿو. يا تازو محمد دين راڄڙي جو ڪهاڻي ڪتاب آيو آهي. سو، تجربا ٿين پيا. اسان کي ڪلاسڪ ڪهاڻي کي جديد ڪهاڻيءَ سان جوڙڻو آهي. سچ، سونهن، پيار، غربت، اهي دائمي موضوع آهن. اهڙن موضوع تي لکيل ڪهاڻيون، هر دور جون ڪهاڻيون هونديون آهن. اهڙا اهڃاڻ جهانگير جي ڪهاڻين ۾ ملن ٿا. ڪجلي ڪهاڻي، ڪتاب جي جان آهي. ڪجلي مان ڪجھ جملا:

“جنهن ڏينهن قبرستان ۾ ڪنهن مري ويل ماڻهوءَ جو لاش دفنائڻ لاءِ آندو ويندو هو، اهو ڏينهن ٻارن لاءِ وڏي خوشيءَ ڀريو هوندو هئو. اڄ به قبرستان ۾ هڪ پوڙهي جو مڙهه دفنائڻ لاءِ آندو ويو هيو. جنهن جي عطر واري خوشبوءِ لڳل لاش ڏسي بازيگر ٻار، راند اڌ ۾ ڇڏي ان جي پورجڻ جو شدت سان انتظار ڪري رهيا هئا. ان ڪري جو دعا کانپوءِ هنن کي ريوڙيون ملڻ واريون هيون.”

اوهان وڌيڪ پاڻ ڪجلي، ڪهاڻي ڪتاب پڙهي. ڪهاڻيڪار بابت راءِ جوڙي سگھو ٿا.

مهرباني

 

(رزاق سهتو جي فيسبڪ وال تان ۱۹ مارچ ۲۹۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment