Thursday, March 25, 2021

اڳٺ - دريا خان شنباڻي

اڳٺ

ننڍڙي ڪهاڻي

دريا خان شنباڻي



صوبيدار گهرام، سپاهي سچل جي هر گهڙي پيو بي عزتيون ڪندو هيو ته؛ “اڙي تون ڪنهن کان سئو روپيا به رشوت نه ٿو وٺي سگهين ته تو کي آخر ڀرتي ڪنهن ڪرايو آھي... صفا ڪو ڏڏ سپاهي آھين.... قد ته ڏس وڌي وڌي ڏاگھ ٿيو آھين پر عقل ذرو به ڪو نه اٿئي.... تون وڃي ٻارن سان چدا راند کيڏ، تنهنجو ڇا وڃي پوليس جي نوڪريءَ منجھ!” وغيره وغيره.


سپاهي سچل ويچارو واقعي به سادو سودو، نه ڪنهن تي رعب ڪرڻ اچيس نه ڪنهن سان ٺيڪ طرح ڳالهائي سگهي. هڪ ڏينهن ٿاڻي جي ٻئي شھپري سپاهيءَ ۽ وڏي منشيءَ شرط رکي ته؛ “اڄ جنهن چور کي گرفتار ڪري آيا آھيون، سو لاڪپ ۾ آھي، سپاهي سچل ان کي هڪ زوردار چماٽ ھڻندو!” ٿاڻي ۾ کل جا ڪوڪرا هجن، ڪو چئي ته؛ “اڄ جيڪڏھن سپاهي سچل چور کي چماٽ هنئي ته ڪڙھائي منهنجي طرفان...” آخر شرطون لڳي ويون. وڏو منشي چئي؛ “چماٽ ھڻندو”، شھپري سپاهي چئي؛ “صاحب! جيڪڏھن سچل اڄ چور کي چماٽ هنئي ته پنج سئو جو نوٽ مان اوهان جي ٽيبل تي رکندس...” سپاهي سچل ويچارو ککو وکو، وڃي ته ڪيڏانهن وڃي. ان مهل صوبيدار به اچي نڪتو. سڀني جا ڏند ٽڙيل ڏٺائين ته پڇيائين؛ “ڇا ماجرا آھي؟”

“سائين بس ڇڏيو ان ڳالھ کي.” هڪ سپاهي “خي خي” ڪندي چيو ته صوبيدار اڃان به وڌيڪ تجسس ۾ اچي ويو، “وري به ٻڌايو ته سڀئي آخر ڪهڙي ڳالھ تان پيا کلو؟”

وڏي منشيء کلندي چيو؛ “سائين! اڄ سپاهي سچل جو امتحان آھي.”

“ڪيئن ڀلا؟” صوبيدار به دلچسپي ڏيکاريندي چيو.

“رات جيڪو چور پڪڙيو سو لاڪپ ۾ آھي، اسان شرط رکي آھي ته اڄ سچل ان کي چماٽ هڻي ايندو.”

ان کان اڳ جو ٻيو ڪو ڪُڇي سو سچل پاڻ ڳالهايو ته؛ “سائين! اوهان ٻڏايو ته مان هروڀرو ڪيئن هن کي چماٽ ھڻان؟”

صوبيدار کلندي چيو؛ “پٽ! مون توکي اڳ به چيو ته ان ڀيڻ جي........ جو نالو ٻڌاء جنهن توکي پوليس ۾ ڀرتي ڪرايو آھي.”

سپاهي سچل ڪنڌ هيٺ ڪيو ته وڏي منشيء چيو ته؛ “سائين! مان واعدو ٿو ڪيان ته اڄ سچل ان چور کي چماٽ ھنئي ته سموري ٿاڻي کي ڪڙھائي مان ٿو کارايان”

“نه هڻندو بابا اصل نه هڻندو” شھپري سپاهيء سچل ڏانهن ڏسندي چيو ۽ هٿ ڊگهيريندي چيائين؛ “چماٽ هڻڻ لاء به منهن مهانڊو کپندو آھي!”

“يار ان ۾ منهن مهانڊي جي ڪهڙي ڳالھ؟!” ٻئي سپاھيء چيو

“واقعي به، اصل ۾ دل ٿي کپي.” صوبيدار چيو ۽ پوء سچل سان مخاطب ٿيو؛ “اڙي سچل! ڇا خيال آ، کارائين ٿو سموري ٿاڻي کي ڪڙھائي!!؟”

“صاحب.... صاحب” ويچارو سچل هڪو ٻڪو جو اڳتي ڪُڇي ئي نه سگهيو.

“صاحب هي ته اوندھ ۾ جهنگ جو خيال به بستري تي ئي ڪندو هوندو!” وڏي منشيءَ جي ان جملي تي سمورو ٿاڻو ٽھڪن سان گونجي اٿيو.

“اڄ ھڻندو!” صوبيدار چيو

“نه هڻندو” شھپري سپاهي! چيو.

“اڙي وڃ هڻي اچينس چماٽ!” صوبيدار سچل کي ڪڙڪ آواز ۾ چيو ته سپاهي سچل اُتان چُريو ئي ڪو نه، اصل ڀت بڻجي بيٺو رهيو.

“بس مان تو کي هينئر ئي هينئر سسپينڊ ٿو ڪرايان، پوءِ وڃي گهر ۾ دال بصر کاءُ!”

“صاحب مان ڀلا ڇو هڻان چماٽ ويچاري کي؟” سپاهي سچل منٿ واري انداز ۾ چيو.

“اڙي نڀاڳا هو نامي گرامي چور آ، ٻيو ته ٿاڻي ۾ بند آ، ويچارو ڪاڏھون ٿيو، وڃي چماٽ ھڻينس ٿو يا کڻان پين ۽ پنو؟”

سپاهي سچل ويچارو اهڙو ته ڦاٿو جو اڳيان باھ پويان پاڻي، ڪري ته ڪري ڇا!!!

“وڃ پٽ وڃ.. هڻي اچينس!” وڏي منشيءَ چيو.

“ڇورا متان چماٽ هنيئي، ٿاڻي مان نڪتو ته پوءِ تو کي ڏسي رهندو، اصل نه ڇڏيندئي!” شھپري سپاهيءَ کيس خوف ڏيندي چيو.

“ڇڏينس يار...” صوبيدار شھپري سپاهيءَ کي چيو.

“وڃ ڙي وڃ... بس صرف هڪڙي چماٽ ھڻي اچينس... پوليس جي مار ته آئي وئي ٿيندي آھي، هو شيرو ته ڏس، چڱن ڀلن جا پٽڪا ڌوڙ ڪري ڇڏي!” صوبيدار هڪ ٻئي ٿلهي سپاهيءَ ڏانهن اشارو ڪندي چيو.

سپاهي سچل ڪجھ قدم اڳتي وڌايا ۽ پوء رڪجي ويو ته صوبيدار چيس؛ “وري ڇو بيٺين.... وڃ وڃ!”

هو اڳتي وڌيو ۽ آھستي آھستي لاڪپ واري ڪمري ۾ داخل ٿيو ته صوبيدار هڪ ٻئي سپاهيءَ کي ڪڍ اماڻيو...

“صاحب خدا جو قسم اڄ جي ٿڦ هنيائين ته اوهان کي مڃيندس!” وڏو منشي کل ۾ ويڙھيو پيو هجي.

“هڻندو، تون ڏسجانءِ” صوبيدار اطمينان وچان چيو.

ٽجيڪو سپاهي ڪڍ ويو سو دريءَ منجهان لياڪا پائڻ لڳو ۽ ٿوري دير ۾ اهو سپاهي کل ۾ ٻڏيو، پيٽ تي هٿ رکيون واپس وريو ۽ ٿاڻي وارا سڀئي ان ڏانهن ڏسڻ لڳا...

“اڙي ڏي خبر!“ صوبيدار پڇيو ته هو کل ۾ کيرو پي ٿيو ۽ نهڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندو اچي پهتو ته پويان سپاهي سچل به ڪنڌ هيٺ ڪري اچي بيهي رهيو ته صوبيدار کانئس پڇيو؛ “اڙي ٻڌاءِ هنيئي؟!”

سپاهي سچل نهڪر ۾ ڪنڌ لوڏيو ته ٿاڻي ۾ هوڪرا پئجي ويا....  شهپري سپاهيءَ، وڏي منشيءَ کي چيو؛ “ڏي آرڊر ڪڙھائيءَ جو!”

صوبيدار سچل کي ڀونڊو ڏيندي چيو؛ “هان هي وٺ... صفا ڪو ڊڄڻو گونھ آھين ٻيو وري ڇا؟”

۽ صوبيدار وڃي پنهنجي ڪرسيء تي ويٺو. ٿوري ئي دير ۾ ڳالھ آئي وئي ٿي وئي. ٿاڻو جيئن جو تيئن هلڻ لڳو.. سپاهي سرڙا پنهنجي پنهنجي ڊيوٽيءَ ۾ لڳي ويا.

ٺيڪ ٻي رات جو هڪ ملان کي ٿاڻي ۾ آندائون ۽ ڳالھ ھُلي ته هڪ طالب سان زوريءَ جنسي زيادتي ڪري، پوءِ ان جي ئي اڳٺ سان گهٽو ڏئي ماري ڇڏيائين. طالب جا والدين، مٽ مائٽ، ٻي خلق پريشان... سوشل ميڊيا، اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا ۾ اصل باھ ٻريل.... ماڻهن جو اهو مطالبو ته، “جوابدار کي چوڪ تي ٽنگي ٽي ڏينهن لاش کي لٽڪايو وڃي.... عدالت سرعام ڦاسيء جي سزا ٻڌائي.... انهي ملان کي ماڻھن جي حوالي ڪيو وڃي.... ملان سان به ائين ٿئي جيئن هن طالب سان ڪيو آھي..... هن کي به اڳٺ سان ئي گهٽو ڏنو وڃي.” وغيره وغيره، جيترا وات اوتريون ڳالهيون.....

ٻي رات جڏھن گذري ته صبح جو پرھ ڦٽيءَ مهل ٿاڻي ۾ سُس پُس ۽ ٿورو خوف جو ماحول پيدا ٿي ويو.... جيڪو سپاهي ڊيوٽيءَ تي اچي اهو سڌو وڃي لاڪپ جي دروازي تي بيهي تعجب ۾ ويڙھجي وڃي ته هي سڀ ڇا ٿي ويو... فونن جا ڪڙڪا ٿي ويا... صوبيدار به صبح جو سوير اچي ٿاڻي پهتو ۽ لاڪپ جي دروازي تي بيهي ڏٺائين ته، ملان جي شلوار هيٺ لڙڪيل آھي، پنهنجي ئي اڳٺ سان لاڪپ جي ڇت واري پکي ۾ مرده حالت ۾ ٽنگيل آھي.

“رات ڪنهن جي ڪنهن جي ڊيوٽي هئي؟” صوبيدار پڇيو ته هڪڙي سپاهيءَ ٻن ٽن پوليس وارن جا نالا ٻڌايا.

“ته پوء هي سڀ ڪيئن ٿيو؟” صوبيدار اچي ڪرسيءَ تي ويٺو.

“الاءِ صاحب خبر ئي نه پئي، نڀاڳي پاڻ ڦاهو کاڌو!”

“اڇا!” صوبيدار ڳڻتي واري انداز ۾ چيو.

ٻيو سپاهي آيو ۽ چيائين؛ “صاحب! لاش هيٺ لاهيون؟”

“نه نه، ميڊيا اچي پوءِ لاهجو!” صوبيدار ائين چيو ته سپاهي ٻاهر هليو ويو.

صوبيدار هڪ دفعو ٻيهر ڪجھ لکڻ ۾ مصروف ٿيو ته شھپري سپاهي ڦري اچي صوبيدار جي ڪن ۾ ڪجھ چيو ته صوبيدار بجاءِ پريشان ٿيڻ جي مُرڪي پيو ۽ پوءِ هڪ نظر ٻاهر بيٺل سپاهي سچل تي وڌائين، جيڪو اطمينان سان بيٺو هيو. صوبيدار پنهنجي منهن بس ايترو چيو؛ “واھ ڙي جوان جا پُٽ واھ!”


(درياه خان شنباڻي جي فيسبڪ وال تان ۲۵ مارچ ۲۰۲۱ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

Post a Comment