Sunday, March 28, 2021

سوڍو ۽ سونيتي - وحيدمحسن

سوڍو ۽ سونيتي

فتح محمد شھزاد فتح ٿيٻي جي ڪتاب “سنڌ جي سڳنڌ” مان ھڪ ڪھاڻي جو اڀياس.

وحيدمحسن



فتح محمد شھزاد فتح ٿيٻو سنڌ جو ناميارو محقق ۽ اديب آهي ان پنهنجي وسيع مطالعي سان کوجنا ڪري تحقيق جا جوھر عيان ڪيان آهن سندس ھي ڪتاب سنڌ جي سڳنڌ ٽي ڪھاڻيون/ ٽي حقيقتون ان جي جستجو جي ھڪ ڪڙي آهي.

ھن سوڍو ۽ سونيتي، تاريخي لوڪ داستان کي پنهنجي شعور سان اڻت ۾ آندو آهي. جنهن کي پڙهڻ کانپوءِ ان عشقيا داستان کان آشنائي ٿئي ٿي.


ڪھاڻي ائين شروع ٿئي ته امر ڪوٽ جو راجا پنهنجي منتري کي چوي ٿو ته اوڏن کي گهرائي قلعي جي مرمت سان گڏ جنتا جي ڪچن گهرن جي به مرمت ڪرائي وڃي جنهن تي مکيا منتري چويس ٿو ته مھاراج پاڻ وٽ ايترا سارا اوڏ پنهنجي راجائي ۾ ڪونه آهن باقي پنهنجي دنگائي رياست ۾ اوڏن جو ھڪ وڏو سرو موجود آهي ۽ اھي اتي قيد آهن انهن کي اتان آزادي ڏياري پنهنجي رياست ۾ آڻجي.

سونيتي اوڏڻ پريء جھڙي خوبصورت ڪنواري ڇوڪري جنهن تي دنگائي رياست جو راجواڙي راجا ڀيم عاشق ٿي پيو ھو ۽ ان اوڏن جي اڳواڻ کان سڱ گهريو پر ان پوڙھي سان سونيتي شادي ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته راء انهن تي ڏمرجي پيو ۽ اوڏن کي قيد ڪري پھريدارن ھيٺ رکيو آهي جيڪڏهن اوھان آشيرواد ڏيو ته مان اٽڪل سان انهن کي ھتي آڻيان.

راجا اوتار ديو ان منتري کي اجازت ڏني ته تون ڀلي اوڏن کي وٺي اچ. ان پنهنجا ويجھا  ڪارندا سمجھائي موڪليا جيڪي اوڏن جو ويس ڌاري سندن عزيز بنجي اتي پھتا ۽ اوڏن کي پنهنجي ڳالهه ٻڌائي راضي ڪيائون ۽ اھي رات جو ڏيئا ٻاري سڀئي امر ڪوٽ پھتا.

راجڪمار جي ھڪ دوست سندس دعوت ڪئي اتان اھي موٽيا پئي ته امر ڪوٽ جي راھ تي اوڏن جون عورتون گڏھن تي مٽي سٿي رھيون ھيون انهن تي نظر پوندي راجڪمار سوڍي جي جيء ۾ الائي ڪھڙي مريادھ من ڀانئي ھن ھڪدم چيو ته اوھان سڀ مجري واري منزل گاھ ڏي ھلو اھو ٻڌي اھي روانا ٿيا.راجڪمار جي سامهون ھڪ حسين نازنين پھتي ته راجائي ڪندل راجپوت جا نيڻ ھن حسن جي شاھڪار تي عجب ۾ اٽڪي پيا اکين ڇنڀڻ ڇڏي ڏنو ان ويجهو اچي راجڪمار کي چيو ته: “راجڪمار راڻا متان مون کي سونيتي سمجهي ڀليو آهين؟ ادا آئون سونيتي جي وڏي ڀيڻ ۽ پرڻيل ٽن ٻارن جي ماءُ آهيان! ادا سوڍا! ڇا سونيتي تون ڏسندين؟“. ”اي ادي جي ان نامياري نازنين جو پرتوو پسائيندينءَ ته بلاشڪ پسبو!“

اھا سوڍي کي اڳتي وٺي سونيتي جو مک پسايو جڏهن ان جي نگاھ سونيتي تي پئي ته ھوش خطا ٿي ويس ۽ ان جي حسن جي تاب ۾ ڄڻ ته جلي خاڪ ٿي ويو ۽ اتان موٽي محل ۾ ھليو ويو ۽ ڳالھائڻ ٻولائڻ وسري ويس ۽ سڪتو طاري ٿي ويس ۽ ھن کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنو ته جسم ڳري ويس ۽ ھو ڏاڍو نٻل ٿي ويو.

راجا اوتار ديو جي سمراٽ وزير جو پٽ ڏور ويل ھو واپس موٽيو ته راجڪمار جي طبيعت ناساز ٻڌائين ته سڌو ان ڏانهن آيو ھليو اھو راجڪمار جو دلي دوست ھو. ان پنهنجي عقلمندي سان راجڪمار کان دل جو احوال ورتو ته ان پنهنجي سموري وارتا عيان ڪري ٻڌائي ته ان کانپوء وزير جي پٽ راجڪمار کي چيو ته: “اي امر ڪوٽ جا پرجا جا پريتم  ديوتا سمان راجڪمار عام انسانن جيان ٿيو آهين بيوس ۽ لاچار ھي پرٿوي راجا تو تان وارئون وار.“

 ھڪ معمولي ڳالھ تان پنهنجو تياڳو ٿئي سنسار. جڳ جڳ جيءُ. کاءُ ۽ پيءُ پنهنجي پاڻ کي ۽ اسان کي نه ڏي آزار، سک ۽ شانتي ڪر. موٽي جوڀن ڏي ور. ناهي ڪا توکي بيماري. لڳي ٿئي عشق لاچاري. پريم ناهي پاپ، ڄڻ ديوتا آپ. اھي ٻول ٻڌي ٺاڪر ويو اٿي ۽ چيائين اي پريتم! مون ڪيو آهي مھا پاپ. جنهن جي سزا آهي مارڻ آپ. ھاڻي ڪيئن جيان زھر کائي نه مران آئون پرمار راجپوت. رن ڀومي (جنگ جو ميدان) آهي

اسان جو ڪوت آئون وچن نڀائيندس. مري مات ٿيندس پر ٻاهر ٻاڦ نه ڪڍندس. ھي ته آهي ھڪ جيون پر ھزار ھجن ته به وچن تان قربان ڪجن.

سمراٽ جا پٽ منھنجا پرين ھي ڳالهه نه ڪنهن سان ڪج. ڀرم منهنجو رکج. وچن تان مون جھڙا ھزارين سوڍا صدقي. مون کي ھر ھر ڳالهه ٿي اھا کٽڪي. ڀري ڀسم ٿيندس پر نيچ جات نه ٿيندس، اھو آ سوڍي جو قول. جنهن جو ڦولو نه ڦول. سمراٽ جي پٽ وراڻيو اھا ڳالهه تنهنجي سچي. پر ھڪ جاء تي ڪچي. ڇو ته ھندوستان جي سناتن ڌرم نيچ جات وارن سان پريم ڪندي پاپ نه ڄاتو!

ان کانپوء سوڍي کائڻ پيئڻ شروع ڪيو ۽ سونيتي به پنهنجي محبوب جي ملڻ جي خوشي ۾ وھلور ٿي پئي.

“جدائي جي پل پل گذرندڙ گھڙين ڏاڍا ڏنڀ ڏيئي پنهنجي پڄاڻي ڪئي. سوڍو سھڻو ويس پائي عطر عنبير لڳائي جوڳيءَ جاءِ تي وقت کان پھرين پھچي ويو ۽ ڪجهه گھڙين بعد سونهن جي سندري پري جمال پدمڻي سونيتي به سري اچي سوڍي جي سامهون کڙي ٿي. ھي ٻيئي پنڊ پھڻ بنجي اکيون اکين پائي ڪيترو وقت ھڪٻئي کي ڏسندا رھيا.”

سوڍي ۽ سونيتي جو عشق عيان ٿي پيو ۽ اھا ڳالهه اوڏن کي نه وڻي ۽ اھي سونيتي جي پتا کي مھڻا ڏيڻ لڳا. سونيتي جو پتا ۽ ماتا امر ڪوٽ جي درٻار ۾ پھچي فرياد ڪئي ته راجڪمار سونيتي سان عشق ڪري ٿو اھڙي  ڳالهه ٻڌي راجا انهن کي چيو ته اوھان سان انصاف ٿيندو. ان راجا پنهنجي پٽ کي خط ڏيئي جيسلمير ڏي روانو ڪيو ۽ اھو ڀٽي راجا وٽ پھتو ۽ راجا خط پڙهي ان کي قيد ۾ رکيو.

ان کانپوءِ راجا اوڏن کي ڌن دولت ڏئي خطا جي معافي طلبي. انهن کي چيو ته؛ توھان ھتان ھليا وڃو. مون پنهنجي راجڪمار کي موت جي منهن ۾ موڪليو آهي ۽ اھو جيڪڏهن مارجي ويو ته توهان سان ڪو اڻ وڻندڙ سلوڪ نه ڪري ويھان ۽ ھتان سلامتيَ سان ھليا وڃو.

راجڪمار جيسلمير جي قيد مان ڀڄي نڪتو ۽ پنهنجي امر ڪوٽ اچي پھتو ان کي اھا خبر پئي ته راجا اوڏن کي لڏائي ڇڏيو آهي ۽ پوء راجڪمار عشق جي آڙاھ ۾ پچي اڃ بک تي سونيتي کي ڳولينديون رھيو نيٺ ٽنڊوالھيار جي علائقي ۾ ان کي اوڏن جي گذرڻ جي خبر پئي ۽ ھڪ ھنڌ تي اچي بيٺو سامهون ماڻهو نظر آيس ته ماني ۽ پاڻيَ جي طلب ڪيائين ان مھمان جي خدمت ڪئي رات ٿيڻ واري ھئي ته راجڪمار کي اتي ترسڻ لاء چيو عشق جي آتش راجڪمار کي ويھڻ نه پئي ڏنو ميزبان ان کي چيو ته رات جو وقت آهي جھنگ ۾ بگهڙ ھوندا آهن صبح ٿئي ته مان به توسان گڏ ھلندس مان بزدل ناھيان اھڙي ڳالهه کانپوء راجڪمار ان کي وچن ڏڏئي چيو ته ٺيڪ آهي ميزبان گهر وڃي پھتو ته راجڪمار  سونيتي جي عشق ۾ نڪري پيو آخرڪار بگھڙن جو کاڄ بڻجي ويو.

صبح سوير ميزبان آيو ته راجڪمار ڪون ھيو ۽ پريشان ٿي  ھڪدم ان جي ڳولا ۾ نڪري پيو ڏسي ڇا ته جھنگ ۾ ان جي جسم جا ھڏا پيا ھئا ۽ انهن کي ميڙي ڪپڙي ۾ ٻڌي کڻي اچي دفنايو.

سونيتي سمجھو پئي ته سندس راجڪمار ان کي وساري ڇڏيو آهي ۽ بي وفا ھو. پر ڪنهن موڙ تي ان ذڪر ڪڍيو ته ان ماڻهو ان کي ان جي عشق جي ڪھاڻي ٻڌائي بيتاب ڪيو ۽ قبر تي وٺي آيس ۽ سونيتي وڏي دانهن ڪري قبر کي ڀاڪر پاتو ته ان جو روح به پرواز ڪري ويو ۽ روح وڃي روح سان مليو ۽ سونيتي کي به سندس ڀر ۾ دفنايو ويو.

فتح محمد شھزاد فتح ٿيٻي ھن ڪھاڻي ۾ ٻوليءَ جي حسناڪي سان تاريخي لوڪ عشقيا داستان کي تجنيس حرفي جي سنگم سان سينگاري اڻت ۾ آڻي ڪمال ڪيو آهي ۽ ھڪ وساريل ڪردارن کي وري ڄڻ ته زندھ ڪيو آهي.

 

(وحيدمحسن جي فيسبڪ وال تي ۲۵ مارچ ۲۰۲۱ع تي رکيل)

No comments:

Post a Comment