Friday, March 12, 2021

ڇڪڙو

ڇڪڙو

ڪهاڻي

نصير ڪنڀر



جڏهن هن گاڏي جي پوئين ٽائرن جي هوا گهٽ پئي ڪئي تڏهن سج جي رهيل روشنيءَ جي ڪرڻن جا نشان ختم ٿي چڪا هئا ۽ اماس رات جي ڪاري چادر سڄي وايو منڊل تي ڦهلجي وئي هئي. جنهن ڪري وسيع ۽ وشال ڀٽن واري ماحول ۾ وحشت وڌيڪ واسو ڪري وئي هئي. چوڏس هلندڙ تيز هوائن جي آواز سان گڏ، جيتن جا آواز رات جي وايو منڊل کي منڊي رهيا هئا. اُڏامندڙ واري جا ذرا ۽ گهيرٽيون کائي ايندڙ هوا ،اهو احساس ڏياري رهي هئي ته گاڏي ڀٽ جي اڌ ۾ بيٺل آهي. نه ته ڪٿان به ڪنهن شئي جو صحيح سڃاڻڻ مشڪل هو. ڪنهن ڪنهن مهل چرڙاٽ ڪري وڻ مان اُڏاميل چٻري جو آواز، رات جي سيني ۾ ڀالي جيئن کپجي ٿي ويو. هن هٿوراڙيون هڻي، ٽائر جو وائل هٿ ڪري، هواءِ ڪڍڻ جي ڪوشش پئي ڪئي ۽ ڪنهن مهل ڳلن تي هٿ پئي گهمايا، جتي تازو ڊرائيور استاد سلامت عرف بابو ٽي چار چنبا واهي ڪڍيا هئس. هن جي ڪلينڊري واري دور ۾ هيءُ پهريون دفعو هيو، نه ته هن پنهنجي ڪلينڊري جا پنج سال بادشاهي وارا گذاريا هئا. هن کي اڄ انهي ڳالهه جو پڪو يقين ٿي ويو هو، جڏهن ڳوٺ جي جهوني ڊرائيور اوستي يوسف چيو هو؛ “پٽ هن ڪاري کاتي ۾ نه وڃ، هي دنيا صرف گار ۽ مار جي آهي.”


هن ٽائر مان هوا ڪڍي، ٽائر ۾ رهيل هوا کي چيڪ ڪرڻ لاءِ گيج وال ۾ هڻي، ماچيس جي تيلي ٻاري ٿورو زور ڏئي ڏٺائين. ايئر پريشر جو نشان ستيتاليهه تي بيٺل هو. وري پوئين ٽائر ۾ هوا ڪڍڻ لاءِ، ڪاٺي وال ۾ هڻي، هوا نڪرڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو. استاد بابو ڊرائيونگ سيٽ تي نئين ڪلينڊر فيصل سان ڳالهائي رهيو هو. کلندي ٻاهر ڪنڌ ڪڍي، هن سان مخاطب ٿيو؛ “اڙي ڇورا نيازو هوا ستيتاليهه پائونڊ رکجانءِ!”

استاد وري نئين ڪلينڊر سان ڪچهري ۾ لڳي ويو. هي هوا نڪرڻ جو انتظار ڪندي خيالن ۾ گم ٿي ويو. ياد ماضي هن کي گذريل وقت ڏانهن گهلي رهي هئي.

جڏهن اڄ کان پنج سال پهرين، اسڪول ۾ ماستر هن کي ڪاپي مڪمل نه هجڻ تي مار ڏني ۽ هي اسڪول مان ڀڄي استاد بابو جي گاڏي ۾ چڙهي ويو هو. ڇڪڙو جڏهن ڀٽن جا فاصلا طئه ڪندو، اڳتي وڌڻ لڳو ته ڪنڊيڪٽر به ڪرايو وٺڻ شروع ڪيو. هن کي به چيائين؛ “هل ابا ڀاڙو ڇڏاءُ!”

هن ڪجهه به نه ڳالهايو.

“هل ڇوڪرا تو کي آهيان ڀاڙو!” ڪنڊيڪٽر ساڄي هٿ جي آڱر، آڱوٺي تي ڦيرائيندي چيو.

هن جو ڪنڌ هيٺ.

“ڪنهن سان گڏ آهين؟” ڪنڊيڪٽر تلخ ٿيندي چيو.

هن ڪنڌ ناڪار ۾ لوڏيو.

“ويندين ڪٿي؟” ڪنڊيڪٽر سوال جو هٿوڙو وهائي ڪڍيو.

هن جون خاموش نظرون هيٺ.

“الائي ڪهڙي مصيبت آهي، استاد گاڏي روڪ!” ڪنڊيڪٽر ڇڪڙي جي ڇت واري پٽي کي ڌڪ هنيو. استاد بابو گاڏي بيهاري ڇڏي.

“هل لهو هيٺ، هينئر واپس وڃ. اڃان شهر ايترو پري ڪونهي، صرف ٻه ڀٽون آهن، نه ته اڳتي رُلي ويندين.” ڪنڊيڪٽر ٻانهي ۾ ڇڪي هيٺ لاهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هي ڇڪڙي جي پٽين ۾ ڏاڍا هٿ وجهي ويٺو رهيو.

“اڙي ڇورا نڀاڳا، لهو هيٺ، اڳيان مصيبت ڪندين.” ڪنڊيڪٽر هن کي وارن ۾ جهلي لوڏيندي چيو.

پر هي اهڙو ڪڇي جهڙو ديوار. سڀئي مسافر هنن ڏانهن متوجه ٿي ويا ته آخر معاملو ڇا آهي. ڇت تي ويٺل مسافرن پوئتي مڙي عجيب سوال ڪرڻ شروع ڪيا. ڀاڙو ڪونهي، آهي ڪنهن سان گڏ؟ ويندو ڪٿي، آهي ڪير؟

ڪنڊيڪٽر ڪنهن جي به سوال جو جواب نه ڏنو، بلڪه ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي چڪو هو. انهي ڪري ماڻهو وري پنهنجي ڳالهين ۾ لڳي ويا. پر انهن جي ڪشمڪش هلي رهي هئي. استاد بابو سمجهيو؛ مسافر هئا لهي ويا. سو هلڻ لاءِ هارن وڄايائين ته ڪنڊيڪٽر رڙ ڪندي چيو؛ “روڪي روڪي!”

“اڙي ڇورا لهو! پڻهين جي گاڏي اٿئي ڇا؟ اسان جو ٽائيم ٿو وڃائين!” هن کي ٻانهن مان ڇڪيندي، لاهڻ جي ڪوشش ڪيائين پر هن ٻئي هٿ ڇڪڙي جي اينگلار وارين پٽين ۾ وجهي ڇڏيا.

“اڙي ڇڏي ڏي يار ويٺو هجي، ڀاڙو ڪونه هوندو!” ڪنهن مسافر چيو.

“ڇڏي ڪيئن ڏيان؟ مفت ۾ هلندو ڇا؟” ڪنڊيڪٽر تيز ٿيو.

“اڙي رمضان ڇا آهي؟” استاد بابو هيٺيان رڙ ڪئي.

“استاد ڇورو الائي ڪير آهي، نه ڀاڙو ٿو ڏي، نڪو لهي ٿو.”

“آهي ڪير؟” استاد بابو سيٽ مان ڪنڌ ڪڍي مٿي نهاريندي چيو.

“ڳالهائي به ڪونه ٿو.” ڪنڊيڪٽر جواب ڏنو.

“استاد اينگلار جي پٽي ۾ ڏاڍو هٿ وجهي ويٺو آهي.” هڪڙي مسافر چيو.

“اڙي روئي پيو” ٻئي مسافر چيو.

استاد سلامت پنهنجي زندگي هن ڪاري ڌنڌي کي ڏني هئائين. الائي ڪيترا سيارا اونهارا انهي گاڏين جي اسٽرينگ تي گذاريا هئائين. ٿر جي وسيع ڀٽن ۾ هلندڙ پهرين ٻن گاڏين تي ڪلينڊري کان شروعات ڪندڙ استاد سلامت، هينئر مارڪيٽ جو مشهور ڊرائيور هو. ڳالهه کي سمجهي ويو. ڊرائيونگ سيٽ ڇڏي مٿي چڙهي آيو. هن تي نظر پوندي اکين ۾ چمڪ اچي وئي؛ “اهڙو خوبصور” پنهنجي من ۾ چيائين، ڏاڍي نرمائي سان پڇيائين؛ “گهر وارا وڙهيا آهن؟”

هن ڪو به جواب نه ڏنو.

“اسڪول ۾ استاد مارن ٿا”

هن مٿي نهاريو ڪو به جواب نه ڏنائين.

استاد بابو سمجهي ويو، ڏکڻي نبض تي هٿ اچي ويو آهي.

“هل تون هيٺ مون سان گڏ ويهه!” هن ٻانهن ۾ جهلي مٿي اٿاريائين. رستي ۾ نالو، ذات، ڳوٺ سڀ تفصيل معلوم ڪري ورتائين. بلڪه گڏ رهڻ لاءِ به راضي ڪري ورتائين. ٻئي ڏينهن جڏهن ڇڪڙو واپس اچي شهر ۾ پهتو، تڏهن استاد سلامت هن کي هٿ ۾ هٿ ڏئي گاڏين جا گيريج ۽ مارڪيٽ گهمڻ لڳو.

“هلي ڏيکار سهڻا!” ڊرائيور محب جي آواز تي، هن مُڙي ڏٺو ته محب، ٽئي نمبر تي سگريٽ ڇڪيندي مرڪي رهيو هو.

“استاد سلامت جو خير، هلي آءُ ڪو چڪو چانهه پيءُ وڃ.” محب صلاح ڪئي.

“نه يار، ٿورو ڪم آهي.” سلامت جان ڇڏائڻ جي ڪئي.

“خبر آهي، خبر آهي، تنهنجي گاڏي فل لوڊ آهي! پر اسين به بنفر ڀرائي پيا اچون.” محب رومال ۾ ويڙهي هنئي.

هي جواب ڏئي انهي کان اڳ محب چيو؛ “ها سائين نئين گاڏي، اصل زيرو ميٽر، انهي ڪري تنهنجي چاندي آهي.”

هوٽل واري غلامو کي هڪل ڪيائين؛ “اڙي ڇوڪرا ٻه دودهه پتي کڻي آءُ، آءُ استاد هلي آءُ، ڪنهن جي صدقي تي اسين به چڪو پيئون.”

سلامت ٻي واهه نه ڏسي واپس وريو. هٿ ڏئي، کٽ تي ويٺو.

“استاد وڏو گرناري آهي، الائي ڪٿان ٿو مارون ڪرين، هي همراهه ڪير آهي؟” محب، هن ڏانهن اشارو ڪيو.

“همراهه پنهنجو آهي.” استاد سلامت ڍڪ ڪندي چيو.

“بس يار وڏا! اسان وارين گاڏين جا ته چيچز ئي ڍرا ٿي ويا آهن، ٽيوننگ ڪرائي ڪرائي ٿڪا آهيون، ڪٿان ڪو سودو ملي ئي ڪونه ٿو!”

“ماءُ جا..... مڙين ڪونه ٿو!” سلامت گار ڏيندي چيو.

“بس بي غيرت! قسمت جي گهوڙي تي چڙهيل آهي، نه ته اسان وانگر ڇڪڙا ڪاهي ڪاهي مري وڃين ها. اسين ته مڙئي موبل آئل پيا بدلايون، تون ته بريڪ آئل ئي ڪونه ٿو مٽائين ته مولا ٻي گاڏي ڏيو ڇڏي.”

سلامت، اٿڻ ۾ خيريت سمجهندي، چانهه پيءُ اٿڻ جي ڪيائين.

“ابا ڪڏهن اسان جي چانهڙي پيو وڃجئين، اسين پنهنجا آهيون.” محب، هٿ ٻڌيندي چيو.

“ها ها تون هينئون ٿڌو رک!” سلامت چيو.

“ها استاد دعاگو آهيون، بس تون هل پوزٽ ڀري رکي پويان، اسين به بنفر ڀرايو پيا اچون!”

“استاد محب، انهي جو ته مڊ ڪاڊ ئي صحيح ڪونهي.” هوٽل واري غلامو چيو.

“بس اسان وٽ ته اهڙيون به ڪانهي.” محب، ٿڌو ساهه ڀريندي چيو.

“لاهي وڃ گاڏي ڪچي ۾!” غلامو چيو ته استاد سلامت پنج ئي آڱريون کولي غلامون ڏانهن ڪيون.

ڪجهه ڏينهن بعد، مائٽن ڳوليندي هن کي هٿ ڪيو ته هي مائٽن سان گڏ وڃڻ لاءِ جواب ڏئي ويٺو. استاد بابو سلامت، مائٽن کي مطمئن ڪندي چيو ته؛ “جيڪڏهن هتان وٺي ويندا ته هي ڪنهن ٻي پاسي ڀڄي ويندو. بهتر آهي، هتي رهڻ ڏيو. آئون پنهنجي گهر ۾ رهائيندس. ڀلي امتحانن وقت وٺي امتحان ڏيارجو. باقي هي رهندو ڪٿي به ڪونه.”

نيٺ مائٽ هن کي زوري وٺي ويا. پر هي ڦيٿي جي ڦيري جي نشي مان نڪري نه سگهيو. گاڏي تي گهمڻ ڦرڻ، هن کي اهڙو ته ڪري ڇڏيو جو هي ڪجهه ڏينهن اندر، ڀڄي واپس گاڏي تي آيو ۽ استاد سلامت سان بي کٽڪو رهڻ لڳو. اسڪول جو امتحان به هن جهڙو تهڙو ڏنو. هاڻي گاڏي جو شوق ۽ سحر، هن جي انگ انگ ۾ ويهي رهيو هو. هن گاڏين جي ڊرائيورن يا هن کاتي جي باري ۾ اڳي ته صرف ٻڌو هو پر هاڻي هي سڀ اوباش جملا ۽ حرڪتون ڏسي رهيو هو. ڪئي ڀيرا هنن جو ڇڪڙو ۽ مختلف رستن جا ڇڪڙا هڪ هنڌ رات جو اسٽاپ ڪيائون. پوءِ آڌي رات هوٽلن جي ڍرين کٽن تي سوڙون هيٺ مٿي ٿيندي، ٿڌا ساهه ۽ دٻيل رڙيون به ٻڌيون هيون پر هن کي استاد سلامت ۾ اڃان اهڙي ڳالهه ڏسڻ ۾ نه ٿي آئي. اڪثر رات جو استاد سلامت ڪلينڊر کي زور ڏيڻ جو چوندو هو ۽ پوءِ ڪلينڊر به گڏ سمهي رهندو هو يا سمهاريو ويندو هو، جنهن جو سبب کٽون نه هجڻ ٻڌايو ويندو هو.

ڪجهه ڏينهن تي استاد سلامت انهي ڪلينڊر کي معمولي ڳالهه تي موچڙا هڻي روانو ڪيو. انهي ڏينهن رستي ۾ مسافري دوران استاد جي ٽپال به هن ڪئي. رات جو آخري اسٽاپ تي وڃي ستا ته استاد هن کي زور ڏيڻ جو چيو. هي زور ڏئي ٻي کٽ تي ستو، پر آڌي رات جو هن کي پنهنجي مٿان وزن محسوس ٿيو. پوءِ هي قيامت جي حالت مان گذريو، پر ڪري ڪجهه نه ٿي سگهيو. صبح جو اٿي سوچيائين گهر هليو وڃان، جنهن لاءِ ٿورو ناراض به ٿيو، پر استاد سلامت اٿندي ئي سرچائڻ جي ڪوشش ڪيائين؛ “رات مونکي الائي ڇا ٿي ويو، آئينده ائين ڪونه ٿيندو، آئون پاڻ شرمندو آهيان”

هي زهر جو ڍُڪ ڀري ماٺ ٿي ويو، هن جا ڪيل سڀ فيصلا گاڏي جي شوق اڳيان برف وانگي پگهرجي ويا، پوءِ هر رات اهو ويل ائين ٿيڻ لڳو ۽ هي ڪجهه به ڪري نه سگهيو. ائين هن پنج سال گذاري ڇڏيا، عمر وڌڻ سان گڏ هاڻي استاد جي رويي ۾ به گهڻي تبديلي اچي وئي هئي، پر هي هاڻي ٻئي پاسي جون سڀ ٻيڙيون ساڙي چڪو هو.

پوئين هفتي کان استاد سلامت سان گڏ نئون ڪلينڊر هو. هن سمجهيو پئي ته استاد نئون شڪار ڦاسايو آهي، يا اچي ڦاٿو آهي. ڪيترا ڀيرا دل ۾ خيال آيو ته هن کي سڄي حقيقت ٻڌائي، معصوم جي حياتي بچائيندو. پر پهرين ڏينهن استاد انهي حوالي سان ڳالهه ڪرڻ تي اُگرا نتيجا ڀوڳڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي هئي. نه ئي وري نئين ڪلينڊر کي ايتري مهلت ٿي ڏنائين، جو هن سان وڌيڪ ڪچهري ڪري. اڄ جڏهن گاڏي هن ڀٽ تي پهتي ته رات پئجي چڪي هئي. گاڏي ڀٽ تي نه چڙهڻ ڪري، ٽائرن مان هوا ڪڍڻ لاءِ چيائين ۽ گڏو گڏ ٽارچ گهريائين. هن کان ٽارچ جا سيل وٺڻ وسري ويا. جنهن تي ٽي چار چنبا وهائي ڪڍيائين. هي پنهنجو پاڻ تي ضبط ڪندي، لڙڪ روڪي نه سگهيو هو.

“اڙي ڇورا، ڪيتري هوا نڪري وئي؟” استاد سلامت جي هڪل تي، هي ماضي جي سمنڊ مان لڙهندو حال جي حقيقت ۾ آيو. تيلي ٻاري هوا چيڪ ڪيائين. ٻين ٽائرن جي هوا چيڪ ڪري، هلڻ لاءِ ڊبل جو اشارو ڏنائين. استاد فور ويل لڳائي ايڪسيليٽر ڏنو ته گاڏي جهٽڪو کائي ڀٽ چڙهڻ لڳي. هي به گاڏي سان گڏ هلڻ لڳو! استاد سيٽ مان ڪنڌ ٻاهر ڪڍي رڙ ڪندي چيو؛ “هل هل! اڳتي هل رستو صحيح ڪر!”

هي ڊوڙي گاڏي کان اڳتي نڪري ويو. وڃي چيلهي ۾ پيرن سان واري لتاڙڻ لڳو. ڇڪڙو آهستي آهستي مٿي چڙهڻ لڳو. جيئن ڀٽ چڙهي لاهي ۾ لٿو ته هي ٽپ ڏئي ڍالي ۾ چڙهي ويو. لوڊ سان سٿيل گاڏي تي ويهي هوا کائڻ لاءِ ٻانهون مٿي ڪيائين. ڪنڌ مٿي ڪري تازي هوا کائڻ لڳو. پگهريل جسم ۾ هوا ڪتڪتايون ڪندي لنگهي وئي. ڳلن تي اڃان سُور محسوس ڪيائين. وري هٿ گهمائي، سوچيائين شايد هاڻي هن گاڏي تي منهنجو رهڻ نه ٿئي. اڳي ته استاد چرس واري سگريٽ ۾ به ڪش هڻائيندو هو ۽ ٺري جي چُڪي ۾ به ڪمپني لاءِ چوندو هو. پر هاڻي ته هفتي کان سگريٽ به نه پيتو هئائين. هوا ڪڍندي، جڏهن استاد سگريٽ تيار ڪيو، تڏهن سوچيائين؛ استاد کي ٻاڏائي ته وزم مان گهٽ ۾ گهٽ هڪ سوٽو ته هڻائي. انهي سگريٽ جي اڃان خوشبو پئي آئي، ته مٿي ۾ سور محسوس ڪيائين. سوچيائين اڳيان اسٽاپ تي گوري وٺندس. ٿوري دير ۾ گاڏي اسٽاپ تي پهتي ته شهر ڏانهن ويندڙ ٻي رستي واري گاڏي بيٺي هئي. استاد سلامت ڊرائيور سان ڪچهري ڪئي. هي گاڏي جو ڪم ڪار لاهڻ لڳو. جڏهن ڊرائيور شهر وڃڻ لاءِ تيار ٿيو ته استاد سلامت هن کي سڏ ڪيو؛ “اڙي ڇورا، تون حرام خور ٿي ويو آهين، استاد سان گڏ چڙهي وڃ، شهر ۾ لاهي ڇڏيندو!”

هن سُٽ سان هٿ اُگهيندي، گاڏي ڏانهن وڌيو.

“استاد هن کي ڇڏيو ڇو ٿا؟” نئين ڪلينڊر استاد سلامت کان پڇيو.

“هي هاڻي ڇڪڙو ٿي ويو آهي.” ٻئي ڊرائيور کلڻ لڳا. نئون ڪلينڊر وائڙو ٿي، هنن جي منهن ۾ نهارڻ لڳو.

هي بکايل پيٽ سان ڀڻڪيو؛ “منهنجي عمر جو ٿيندين ته پاڻهي ڇڪڙي جي معنيٰ سمجهي ويندين!”

آخري نظر، گاڏي تي وڌائين، جنهن تي پنج سال گهاريا هئائين، جيڪا هن جي نظر کان ڏور ٿيندي ٿي وئي ۽ شهر ويندڙ گاڏي اونداهي جي سيني ۾ ڌوڪيندي ٿي وئي، جنهن ۾ هي بي جان پيو هو.

No comments:

Post a Comment