Wednesday, March 17, 2021

ڊاڪٽر - دريا خان شنباڻي

ڊاڪٽر

مختصر ڪهاڻي

دريا خان شنباڻي



اسان جي پاڙي واري ماسي سهجان کي خبر پئي ته اڄ شھر مان ڊاڪٽر نثار آيل آھي، ڪر چڱو ٿئي جو ننڍڙي پوٽي جي تيڪ به نه ٿي بيهي... سندس جسم جو پاڻي اهڙو ته سُڪي ويو اٿس جو باقي وڃي رهيس کل، سو هن کي ڏيکاري اچي.

سو مُٺ ۾ ٻه سؤ روپيا ڪري، نڪرڻ ئي واري هئي جو ننڍڙي جي پيءُ پڇيو؛ “امان! هن کي ڪاڏي پئي وٺي وڃين؟”


“اڙي ابا سُتيون ڦڪيون جام استعمال ڪيم پر ڇورو صحتمند ٿيڻ بجاء پوئتي پئجندو وڃي. ڪالھ شھر مان ڊاڪٽر مڪيش کي به ڏيکاري آيس پر ڇوري جي توتلي ئي ڪو نه ٿي بيهي. سو اڄ پنهنجي پاڙي وارو ڊاڪٽر نثار آيل آھي. ان کي ڏيکارڻ پئي وڃان.”

“امان! هُن جي هتي ڪا اسپتال ته ناهي، جو ڏيکارڻ پئي وڃين!”

“اڙي ابا وري به لکي ته ڏيندو ۽ متان فيس به نه وٺي، جو ڄاتو سڃاتو آھي.”

“ڀلي امان، پر مون کي مشڪل ٿو لڳي. الاء شھر ۾ به اسپتال اٿس الائجي ڪو نه!”

“ابا ماڻس ته خوشيءَ مان ناهي ماپندي. اھو چئي پئي ڪڏائيندي اٿس؛ “منهنجو پُٽ وڏو ڊاڪٽر آھي!”

بهرحال ننڍڙي کي وٺي، وڃي ڊاڪٽر نثار وارن جي گهر جو دروازو کڙڪايائين. ڊاڪٽر نثار جي ماءُ، دروازو کوليو؛ “ائي ادي سهجان ڪيئن آھين؟”

“ٺيڪ آھيان ادي سومل!”

“اچ اچ.....!!”

سهجان کي وٺي اچي کٽ تي ويهاريائين ۽ سهجان ننڍڙي پوٽي کي به کٽ ويهاريو.

“پاڻي پيئندينءَ ادي سهجان؟”

“هائو ادي! پاڻي ڏي ته پهريان ڇوڪري کي ڏيان! ڏس ته ڇوري جا چپ ئي سُڪي ويا آھن!”

پاڻيءَ گلاس ڀري اچي ڏيندي پڇيائينس؛ “ادي خير ۾ اچڻ ٿيو آھي؟”

“هائو ادي! الله پيو خير ڪري! ٻڌم ته تو وارو پٽ ڊاڪٽر نثار آيل آھي!”

“ها ادي! خير سان ڪالھ شام جو پهتو.”

“هيءُ ننڍڙو پنجن ڏينهن کان اصل هٿن مان پيو وڃي. لُڪيءَ ۾ ڄڻ ساھ اٽڪيل اٿس.”

“پوء؟” سومل پڇيو

“سو ڊاڪٽرن کي به ڏيکاريم. پنهنجا به ٽوڻا ڦيڻا ڪيم. پر ڇورو چئي ته ٺيڪ ٿيان ڇا! سو خبر پئي ته تو وارو ڊاڪٽر پٽ آيل آھي. ان سان ملي به اچان ته ننڍڙو به ڏيکاري اچانس!”

“هائو هائو ادي نثار پٽ سان ملرايائين ٿي، اجهو ٿي وٺي اچانس!” ائين چئي سومل ڪمري ۾ هلي وئي ۽ ٿوري دير ۾ ڊاڪٽر نثار سميت ٻاهر نڪتي. ڊاڪٽر نثار، سهجان تي نظر پوندي ئي چيو؛ “ماسي ڪيئن آھين؟”

“پُٽ! شڪر آھي!”

ڊاڪٽر نثار سهجان سان هٿ ملايو ۽ پوءِ ننڍڙي جي ڳٽي تي هٿ ڦيريندي چيائين؛ “ماسي! هي ڪنهن جو آھي؟”

“منهنجو پوٽو آھي، پٽ....! هن جي ڪري ئي ته پنڌ پئي آھيان!”

“خير ۾ ماسي؟!”

“ابا نڀاڳو اسري به نه ٿو. هاڻ ته ڪجھ ڏينهن کان دست جو ٿي پيا اٿس ته وڃي ٿو سُڪندو، سو طبيعت ڏيکارڻ آئي آھيان!”

“ڪنهن کي ڏيکاريندينئس طبيعت، ماسي؟”

“اڙي ابا تون ڏسينس ته ڇوري کي الاءِ پيٽ ۾ ڪيئان آھن الاءِ ڇا؟ جو جيئن ٿو پاڻي پيئي، اهو ئي پاڻي پيٽان ٿو ويھي!”

“ماسي! مان ڏسانس؟”

“هائو ابا تون ڏسينس!“

“ماسي مان ڊاڪٽر ته.....”

“اڙي پٽ فيس لاءِ نه گهٻراءِ، هي ٻه سؤ روپيا آندا اٿم، باقي کپنئي ته بعد ۾ ڏئي وينديسانءِ!”

“ماسي فيس جي ڳالھ ناهي!”

“ته پوءِ ڪهڙي ڳالھ آھي؟”

“ماسي مان اهو ڊاڪٽر ناهيان جيڪو تون سمجهين پئي!”

“ته پوء ڪهڙو ڊاڪٽر آھين؟”

“ماسي مان ادبي ڊاڪٽر آھيان!”

“اهو وري ڪهڙو ڊاڪٽر ٿيندو آھي؟”

“هو جيڪي لکندا پڙھندا ناهن، اخبارن، ڪتابن ۽ رسالن ۾، مان اهو ڊاڪٽر آھيان!”

“ائي ابا ائين کڻي چئو ته ڌوڙ پائيندو آھيان.... جڏھن ڊاڪٽر ناهين ته پوءِ ڊاڪٽر سڏائين ڇو ٿو؟” ائين چئي هوءَ ٻار کي ڪڇ ۾ ڪري هنن جي گهران نڪري وئي.

No comments:

Post a Comment