Showing posts with label ڊاڪٽر، صاحب، تنهنجي وڏي مهرباني، منصور،. Show all posts
Showing posts with label ڊاڪٽر، صاحب، تنهنجي وڏي مهرباني، منصور،. Show all posts

Monday, June 1, 2015

ڊاڪٽر صاحب! تنهنجي وڏي مهرباني! - منصور

ڊاڪٽر صاحب! تنهنجي وڏي مهرباني!
منصور
ماستر وارو ڇوڪرو اٺين درجي ۾ فيل ڇا ٿيو، اصل روئي ڪِن ڪيائين. سڀني گهڻو ئي سمجهايس، پر ڇوڪرو چوي ته اڄ نه رئان ته ڪڏهن رئان! سندس روئڻ تي ٻيو ڪنهن کي جُهٻي اچي نه اچي، پر سندس ماءُ جا آنڊا ٿي ڇڄيا، ڳل ڳراٽي پائي چيائين؛ ”ابا جي هيل پاس نه ٿئين ته مٿئين سال... پڙهائي ڪو ڀڳي ڪو نه ٿي وڃي. جي جيڏا سرتا هڪڙو سال اڳيان وڌي ويا ته به ڇا ٿيو، تون به هڻي وڃي هنڌ ڪندين.“