Showing posts with label چار ايڪڙ ٻني، شيخ، اياز،. Show all posts
Showing posts with label چار ايڪڙ ٻني، شيخ، اياز،. Show all posts

Tuesday, June 23, 2015

چار ايڪڙ ٻني - شيخ اياز

چار ايڪڙ ٻني
شيخ اياز
رات جو پويون پهر هو. ڪڪڙن دس ٿي هنيا، اُڀ تي ڦڪي چانڊوڪي ائين ٿي لڳي ڄڻ خدا زمين تي نهاري مرڪي رهيو آهي. ساري ڪائنات تي خاموشي وسي رهي هئي. انسان ۽ ان جا هل هنگاما سانت جي گود ۾ ستا پيا هئا. قرآن ۾ انسان کي اشرف به چيو ويو آهي ته ظالم ۽ جاهل به. شايد رات جي وقت انسان اشرف آهي ۽ ڏينهن جي وقت ظالم ۽ جاهل. ڏينهن جي وقت هن جا جھيڙا ۽ جھڳڙا، ساڙ وير، غم غصو ۽ ڇڪتاڻ ڏسبي ته هن جي فطرت کان نفرت اچي ويندي. پر رات جي وقت جڏهن هو ننڊ ۾ الوٽ هوندو آهي ۽ چانڊوڪي سندس منهن کي چمندي آهي تڏهن هن تي پيار اچي ويندو آهي ته هي اهو آهي جنهنجي محنت خدا جي اڻ گھڙيل دنيا کي گھڙيو ۽ ٺاهيو آهي، جنهن هوا، باهه ۽ پاڻي کي مٺ ۾ آندو آهي ۽ هاڻي هڏ هڻي، کنبڙاٽيون کوهي، سانت جي گود ۾ ستو پيو آهي. جنهن قدرت سان هو ڏينهن جو وڙهندو آهي، سا کيس لوليون ڏئي رهي آهي.