Wednesday, February 19, 2014

مايوسيءَ جي خاڪ - رضوان گل

مايوسيءَ جي خاڪ
رضوان گل

هوءَ شهر جي هڪ مصروف روڊ جي فُٽ پاٿ تي بيٺل هئي. سندس اکيون نقاب جي پويان پريشانيءَ مان هيڏانهن هوڏانهن گُھوري رهيون هيون. ٺهندڙ قد بت ۽ گوري چٽي رنگ واري نوجوان ڇوڪريءَ کي اڪيلو بيٺل ڏسي ڪيترائي ماڻهو سندس اردگرد لامارا ڏئي رهيا هئا. مان فٽ پاٿ جي سامهون هڪ سپر اسٽور جي شيشن واري دروازي مان اهو منظر ڏسي رهيو هوس. ٻه نوجوان موٽر سائيڪل جي ايڪسيليٽر جا زوردار آواز ڪندي سندس آڏو اچي بيهي رهيا. مون خريد ڪيل سامان پيڪ ڪرائي جلدي جلدي ان ڇوڪريءَ طرف وڃڻ ٿي چاهيو. دل ۾ خيال آيو، کانئس وڃي پڇان ته تون هتي اڪيلي ڇو بيٺي آهين ۽ ايڏي پريشان ۽ هراسان ڇالاءِ آهين!


ٻن شاپنگ بيگس ۾ سامان پيڪ ڪرائي مون جلدي جلديءَ ۾ اچي گاڏيءَ جو پويون دروازو کولي، سامان پوئين سيٽ تي رکيو. سامهون بيٺل ڇوڪري اکين مان وهي آيل ڳوڙها اگھي رهي هئي. منهنجي دل سَٽ کاڌي. مون کي هن ڏانهن وڃڻ گھرجي، سندس مدد ڪرڻ گھرجي... وري خيال آيو، الاءِ جي ڪير آهي، ڪنهن مسئلي ۾ نه اچي وڃان! پر هوءَ معصوم ٿي لڳي مون کي سندس مدد ڪرڻ گھرجي. ذهن ۾ مختلف خيال اچي رهيا هئا. سندس مدد لاءِ وڃان يا نه وڃان... مون آخرڪار سندس مدد ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو. اهو ارادو ڪري روڊ ٽَپي سندس سامهون اچي بيٺس.
”پٽ! پريشان ٿا لڳو. بابا! ڪير آهيو توهان؟“ مون هن ڏانهن نهاريو. سندس اکين مان ڳوڙها ٽمي رهيا هئا. ڪجهه به نه ڪُڇيائين. صرف نظرون کڻي هڪ ڀيرو ڏسي، ڪنڌ جھڪائي ڇڏيائين.
”پٽ! مان تنهنجي مدد لاءِ آيو آهيان. هي وحشين جي وستي آهي، مون کان ڊپ نه ڪر. مان پاڻ نياڻين وارو آهيان، توکي پريشان بيٺل ڏٺم ته...“
هن هڪ سڏڪو ڀريندي ٿڌو ساهه ڀريو. شايد هن منهنجن جملن کي ٻڏندڙ لاءِ سهاري وانگر محسوس ڪيو. هن ڪنڌ مٿي کڻي مون ڏانهن نهاريندي وراڻيو: ”چاچا! منهنجو هتي ڪوبه نه آهي. مان نوابشاهه مان آئي آهيان.“
منهنجي دل ۾ هڪدم خيال آيو هيءَ شايد ڀڄي نڪتل ڇوڪري آهي. مون کانئس پڇيو: ”پٽ! گھران ڇو نڪتا آهيو؟!“
”چاچا! مان پنهنجن کان جان بچائي گھران نڪتي آهيان!“
”پنهنجن کان! پر پٽ تون هتي ڇو بيٺي آن؟ ۽ هاڻي ڪاڏي ويندينءَ؟ جتي چوين توکي ڊراپ ڪيان، بابا!“
هوءَ خاموش ٿي وئي. ڪجهه دير جي خاموشيءَ کان پوءِ ڳالهايائين: ”چاچا! مان پاڻ مارڻ ٿي چاهيان. هاڻي دنيا ۾ ڪوبه ناهي منهنجو.“
هڪ ويل خيال آيو ته ويچاري ڏاڍي پريشان آهي، کيس پاڻ سان گڏ وٺي وڃان، پر پل اڌ پل ۾ پنهنجي ئي خيال کي رد ڪيم. ذهن ۾ سوچن جي جنگ ڇڙي پئي. ڇا ڪريان... ڪجهه به سمجھ ۾ نه ٿي آيو. هاڻي هوءَ مون ڏانهن اميد ڀريل نظر سان نهاري رهي هئي. مان سندس ان اميد ۽ التجا کي ٽاري نه سگھيس.
”هلي آ بابا! مون سان گڏ هل منهنجي گھر.“
”توهان جي گھر!؟“ هن حيرانيءَ مان چيو.
آس پاس بيٺل ماڻهو مون کي مسلسل شڪي نگاهن سان گھوري رهيا هئا. مصروف روڊ تي اڪيلي بيٺل ڇوڪريءَ سان ڏسي ڪجهه سڃاڻڻ وارا ماڻهو به سواليه نظرن جا تير هڻندا گذري رهيا هئا.
”پر، توهان جي گھر!“
”پٽ منهنجي گھر ۾ منهنجون تو جيترون ڌيئرون آهن... تون ڊپ نه ڪر، منهنجي ڌيءَ. نه ته هتي آس پاس بيٺل درندا توکي...“ ڄاڻي واڻي جملو اڌ ۾ ڪٽي ڇڏيم.
هن پنهنجي ٿيلهي ۾ هٿ وڌو. مون روڊ ڪراس ڪري اچي کيس پنهنجي گاڏيءَ ۾ ويهاريو. گاڏي اسٽارٽ ڪري ڪجهه گھڙين بعد مون کانئس پڇيو: ”پٽ! تنهنجو نالو ڇا آهي؟“
”ڪنول!“ روئڻهارڪي آواز ۾ جواب ڏنائين.
”پٽ ڪنول! زمانو ڏاڍو خراب آهي. تون هُتي گھڻي دير بيهي نه سگھين ها. ماڻهو ڏاڍا ظالمَ آهن...“ هوءَ خاموشيءَ سان ٻڌندي رهي. ”ڀلا هڪ ڳالهه پڇانءِ پٽ؟“ مون کانئس سوال ڪيو.
”ها!“
”ڀلا اهڙي ڪهڙي ڳالهه هئي جو توکي گھر ڇڏڻو پيو؟“
”چاچا! منهنجي ماءُ پنج سال اڳ گذاري وئي. منهنجي پيءُ ٻي شادي ڪئي ته ماٽيلي ماءُ منهنجي زندگي جهنم بڻائي ڇڏي. سال اڳ منهنجو پيءُ به ڪراچيءَ ۾ هڪ بم ڌماڪي ۾ گذاري، مون کي يتيم ڪري ويو... جنهن کان پوءِ منهنجي ماٽيلي ماءُ منهنجو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو. هن پنهنجي ڀاءُ جي ذريعي مون کي هڪ سٺ سالن جي پوڙهي وٽ وڪڻي ڇڏيو... اهو پوڙهو جيڪو اصل ۾ عورتن جو دلال آهي. لوڪ کي ڏيکارڻ لاءِ هاڻي ان ڪميني شخص سان منهنجو زوريءَ نڪاح ڪرائڻ پئي گھري.“ بيوسي سندس اکين جي نيسارن مان وهي ڇڙي. اوڇنگارون ڏيندي چيائين: ”مان اهڙي زندگيءَ کان نجات لاءِ گھران ڀڄي نڪتي آهيان، چاچا!“
”بابا! الله خير ڪندو، بس تون روءُ نه...“ مون دلجاءِ ڏيندي کيس چيو.
گاڏي شهر جي مختلف رستن تان موڙيندو، ٽريفڪ جي ڄار مان نڪري اچي پنهنجي بنگلي جي دروازي تي پهتس. هارن لڳايو ته ملازم دروازو کوليو، گاڏي اندر اچي ڪار پورچ ۾ بيهاري.
مون ڪنول کي ڊرائينگ روم ۾ ويهاريو.
پنهنجي گھر واريءَ کي اعتماد ۾ وٺڻ لاءِ تڪڙو تڪڙو پنهنجي بيڊ روم ڏانهن وڌي ويس. منهنجي گھر واري ڊريسنگ ٽيبل تي ويٺي ڪنهن فنڪشن ۾ وڃڻ لاءِ تيار ٿي رهي هئي.
مون وڏي اطمينان سان کيس ٻڌايو: ”بلقيس! اڄ مان هڪ نيڪيءَ جو ڪم ڪري آيو آهيان! هڪ بي سهاره انسان کي سهارو ڏنو آهي... پاڻ سان هڪ اهڙي ڇوڪريءَ کي وٺي آيو آهيان، جيڪا گھران ڀڄي نڪتي آهي.... ۽ هن وقت ڊرائينگ روم ۾ ويٺي آهي.“
بلقيس منهنجي ڳالهه ٻُڌي ڀڙڪي پئي: ”هان هان، ڇو ڀلا! هوش ۾ ته آهين؟! اهو ڪهڙو قهر ڪيو اٿئي؟! الاءِ ڪير نه ڪير ڇوري. الاءِ ڪهڙي ڪردار جي آ. بس تون کيس گھر گِهلي هليو آيو آن... مائٽياڻي اٿئي ڇا تنهنجي؟ يا ايڌي ٿيو آن؟ پنهنجي جوان ڌيئرن جو به خيال نه آيئي، جو ڏنڊي ڇوريءَ کي پنهنجي گھر کڻي اچي پهتو آن...!“
بلقيس شروع ٿي وئي ۽ ٿوريءَ دير ۾ گھڻو ڪجهه ڳالهائي وئي. سندس گفتگو ۾ ڪيئي خدشا، امڪان ۽ الزام موجود هيا. مان گھڻي دير بعد ڳالهايو.
”بلقيس! افسوس ٿو ٿئي مون کي تنهنجي اهڙي سوچ تي. پنجٽيهه سالن ۾ به تون مون کي سمجھي نه سگھين آن. مان مثبت هوندو آهيان ۽ تون الاءِ جي ڇو هميشه مون کي منفي سمجھيو آ! هوءَ منهنجي ڌيئرن جيتري آ ۽ مون لاءِ ڌيئرن جھڙي آهي. افسوس جو تو ۾ انساني همدرديءَ نالي ڪابه شيءِ ناهي! ڪنهن جي مدد ڪرڻ گناهه آ ڇا؟“
”ها! پرائي جوان ڇوري ائين گھر ۾ ڪاهي اچڻ گناهه آ.“ بلقيس جو آواز ڊرائنگ روم تائين چٽو ٻڌڻ ۾ اچي رهيو هو.
”بلقيس! اسان به ڌيئرن وارا آهيون، هوءَ به ڪنهن جي ڌيءَ آ. پاڻ ڪجهه ڏينهن کيس پناهه ڏينداسين ته....“
منهنجو جملو اڌ ۾ ڪٽيندي بلقيس ڪروڌ واري انداز ۾ اڃا زور سان ڳالهائيندي وراڻيو: ”ها!ٰ تون هتي ويهي جوان ڇورين کي پناهون ڏي. باقي مان پنهنجون ڌيئرون وٺي بابا جي گھر ٿي وڃانءِ... پوءِ جئين وڻئي تيئن وڃي ڪر!“
منهنجي گھر ۾ مهاڀارت شروع ٿي وئي. ڊرائنگ روم ۾ آيس ته هوءَ غائب هئي. چوڪيدار ٻڌايو ته پنج منٽ اڳ هتان روئندي رڙندي روڊ طرف ڊوڙندي وئي آهي!

مان پريشانيءَ ۾ روڊ طرف هلڻ لڳس. منهنجي دل ڳوري ٿي پئي هئي ۽ اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا هئا. آلين اکين سان ڪيئي پَل آس پاس جي روڊن رستن تي ڀٽڪندو رهيس. سورج آخري هڏڪي ڏئي زمين کي الوداعي گيت ارپيو ته مان مايوسيءَ جي خاڪ هٿن ۾ کڻي واپس موٽيس.

No comments:

Post a Comment