دک جا ٿوهر
رضوان گل
ڪراچي وڃڻ لاءِ ڪوچ
تيار بيٺي هئي. جيئن ئي ڪوچ ۾ چڙهيس ته سامهون ويٺل ڇوڪريءَ کي ڏسي ڇرڪ ڀرجي ويو.
ساهه پيرن ۾ وڃي پيو. مئل قدم کڻندي وڃي سيٽ تي ويٺس. مٿو چڪرائجڻ لڳو. ڪجهه به
سمجهه ۾ نه ٿي آيو. مان خوش ٿيو هوس يا پريشان ٿي ويو هوس! بس عجيب ڪيفيت ٿي وئي
هئي ان پل. هوءَ به شايد ڇرڪي پئي هئي. من ئي من ۾ سوچڻ لڳس زندگي به ڪيڏي نه عجيب
شيءِ آهي، هر روز ڪيڏا نه عجيب موڙ اچي وڃن ٿا، هر روز انسان کي ڪيترن نه ڪٺن
امتحانن مان ٿو گذرڻو پوي، هر روز ڪيڏا نه حادثا ٿين ٿا! اهڙا حادثا جن ۾ بظاهر ته
ڪو به زخمي نه ٿو ٿئي، ڪابه شيءِ نه ٿي ٽُٽي ۽ نه ئي وري ڪنهن شيءِ جي ٽُٽڻ جو
آواز ئي ٿئي ٿو، پر اهڙن حادثن ۾ اندر ئي اندر ۾ انسان زخمي به ٿئي ٿو، ته ٽٽي
ڀُري ۽ ڀڄي به پوي ٿو. ها! اهڙا حادثا بس صرف پنهنجي ذات ۾ ئي محسوس ڪري سگھبا
آهن. ڀلا ڪنهن کي دل ڪڍي ڪيئن ڏيکاربي!
