Monday, March 16, 2020

ٻن سزائن منجھان ھڪ - شبير شر


ٻن سزائن منجھان ھڪ
مختصر ڪھاڻي
شبير شر
هڪ بادشاهه، هڪ چور کي مخياري سزا ڏني.
مخياري ان طرح سان ته چور کي اختيار ڏنو ويو ته ٻن سزائن مان ڪا به هڪ قبول ڪري. کيس اها هڪ ئي سزا ڏني ويندي، جيڪا هو پاڻ پسند ڪندو.
چور کي اها ڳالهه وڻي.
چور حامي ڀري ته کيس سزائون ٻڌايون وڃن.


بادشاهه سلامت چيو؛ ”تو هن ملڪ جي ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. نه کين آرام ڪرڻ ٿو ڏين، نه ئي چورين جو سلسلو ٿو گهٽائين. ان ڪري تو کي ٻه سزائون ڏنيون ٿيون وڃن؛ يا پنجاهه بصر کاءُ، يا پنجاهه ڏنڊا کاءُ.“
چور ڏنڊن جي سزا کان بچڻ لاءِ، بصر کائڻ واري سزا قبول ڪئي.
ان تي بادشاهه جي قاضيءَ وري چور کي هڪ اختيار وڌائي ڏنو؛ ”جتي تون هڪ سزا پوري کائڻ جي سگهه وڃائي ويهين. اتي ان سزا کي ڇڏي، ٻي سزا وٺي سگهين ٿو.“
چور کي اهو شرط به سٺو لڳو.
هن اهو شرط به مڃي، بصر کائڻ وارو شرط پهرين قبول ڪيو.
جڏهن هن ڏهه بصر کاڌا ته بصرن جي تيزابيت وڌي وڃڻ سبب، اوڪارا اچڻ لڳس.
بادشاهه کي عرض ڪيائين ته؛ کيس ڏنڊا هنيا وڃن.
جڏهن جلاد ڏهه ڏنڊا هنيس ته همراهه جي ڏنڊا کائڻ واري سگهه ختم ٿي وئي. وري بصر کائڻ واري شرط جي ڳالهه ڪيائين.
ايئن پنجاهه ڏنڊا به کائي ويو ته پنجاهه بصر به.

(شبير شر، واچوڙي واريون گھوماٽيون کائيندڙ پارليامينٽ؛ ڏيھاڙي پنھنجي اخبار، ۶ فيبروري ۲۰۲۰ع منجھان کنيل)

No comments:

Post a Comment