Monday, March 16, 2020

مقالو يا مخولو - دريا خان شنباڻي


مقالو يا مخولو
طنز ۽ مزاح
دريا خان شنباڻي
ڪجهه ڏينهن پهريان هڪ ناليواري شاعر اسان کي پنهنجي شاعريءَ جو مجموعو ڏيندي حڪم ڪيو ته “هن آچر تي سندس شاعريءَ جي ڪتاب جي مهورتي تقريب به آھي ۽ تقريب کان پوءِ مون سان (شاعر صاحب سان) سنڌ جا وڏا وڏا ايب، ليکڪ، شاعر ۽ دانشور سڄي رات به ملهائيندا، سو تون (يعني اسان) هڪ مقالو لکي اچ ۽ اچي پڙهه” ايئن چئي صاحب ڪتاب شاعر اتر ڏکڻ ته هليو ويو پر اسان کي گهري سوچ ۾ مبتلا ڪري ويو ته هونئن ته ماڻهو شاعرن سان شامون ملهائيندا آھن پر هي پهريون شاعر آھي جو هن سان “سڄي رات” ٿا ملهائين. خير، اسان کي ته پنهنجي شاعر دوست لاءِ ڪنهن به صورت ۾ هڪ عدد مقالو لکڻو هو پر اسان کان مقالي جي جاءِ تي هڪ عدد “مخولو” لکجي ويو ۽ جڏھن اتي پهتاسين ته سڀ کان پهريان اسان کي مقالو پڙھڻ لاءِ سڏيو ويو ۽ اسان اسٽيج تي بيهي هڪ عدد اعلان ڪندي چيو “دوستو! اسان گهڻي ڪوشش ڪئي ته پنهنجي شاعر دوست لاءِ ڪو مقالو لکون پر اسان کان هڪ مخولو لکجي چڪو آھي سو حاضر مجلس پيا ڪريون”.


اسان مخولو پڙھڻ شروع ڪيو: “اسان جو شاعر به ڇا ته شاعر آھي. ڏسڻ ۾ صفا سادو سودو پر اندر ۾ نهايت ئي چالاڪ ۽ ڦڙت آهي. هڪ ڀيري هو هوٽل تي اڪيلو چانهه پيئڻ ويو، چانهه پي هيڏي هوڏي نظر ڦيرائيندي ڏٺائين ته دخل تي ويٺل هوٽل مالڪ ۽ بيرو ٻين ماڻهن سان مصروف آھن سو اتان هو کسڪي نڪري آيو. ان کانپوءِ اسان جي پياري شاعر صاحب روز جو معمول بڻائي ڇڏيو ۽ “پتلي گلي” مان نڪري اچي پر آخر ڪيترا ڏينهن. جيئن چوندا آهن ته؛ سئو ڏينهن چور جا، ته هڪ ڏينهن ڀاڳئي جو به ٿئي ۽ نيٺ شاعر صاحب هوٽل وارن جي پڪڙ ۾ اچي ويو. چڱي چوکي مرمت به ٿي ۽ پوءِ هوٽل مالڪ کي منٿ واري انداز ۾ ڪيتريون نه بهترين سٽون جوڙيائين.
لکيل ڀاڳ پنهنجي ۾ هن ڀوڳنائون
مليون بس مقدر کان مون کي سزائون
خطاڪار هر دور ۾ آھي ماڻھو
اسان جون به بخشي ڇڏيو هي خطائون
اسان جو محترم شاعر هڪ ڀيري پنهنجي محبوب جي گهٽيءَ مان لنگهي رهيو هيو ته اتي هن جي سامهون هڪ ڪتو آيو ۽ جنگ ڇڙي پئي ۽ ان جنگ ۾ شاعر صاحب جي قميص ليڙون ليڙون ٿي پئي. شاعر به زخمي ٿيو پر مخالف ڌر کي ڪجهه سرس ڌڪ لڳي ويا. شاعر صاحب هڪ ڊاڪٽر وٽ پهتو ۽ مفت ۾ پٽي ڪرائي هليو آيو. ٻئي ڏينهن ساڳئي ڊاڪٽر وٽ پهتو ته ڊاڪٽر به زخم کي ساڙڻ واري اهڙي ته دوا هنيس جو ڇرڪ ڀريندي هي سٽون جوڙيائين:
تون ته هئين اسان جي همدرديءَ وارو
تو ئي لوڻ زخم تي ڇا لئي ڇڙڪيو آ.
نيٺ ڊاڪٽر شاعر صاحب جي پيٽ ۾ ۱۴ سيون هڪ ئي جاءِ تي هڻي ڇڏيون ۽ انهن سورن جو احوال ڏيندي اسان جي هن شاعر بهترين سٽون چيون آھن:
روح ھاڻ نه ٿو هتي رلجي
بي قدر ديس مان لڏي هلجي
ڪين ڇٽندا زخم فراقن جا
سور اندر جو پوءِ ڪنهن سان سلجي.
اسان جي هن بهترين شاعر محبت به ڪئي آھي پر سندس محبوب هن کان سدا بيزار، سو هڪ ڀيري محبوب سائين شاعر لاءِ ڪتاب جو هڪ تحفو موڪليو، جنهن جي هر ورق تي ڏينڀو واڙي ڇڏيا. جڏھن ڪتاب شاعر جي هٿ پهتو ۽ ڪتاب کوليائين ته ڏينڀوئن کيس سڄائي ڇڏيو ۽ ان شدت درد کان آھون ڪندي سٽون سرجيائين ته:
رکيا تو جن ۾ گلاب آڻي
ڏنگڻ اچن ٿا ڪتاب هاڻي
اسان جي هن پياري شاعر جي شاعري کان اوڙو پاڙو تنگ، دوست احباب بيزار، ٻار ٻچا ۽ گهر وارا عاجز، پر شاعر سڀني کي شاعري ٻڌائڻ جي ڪڍ. ماڻھو وڃن ته آخر ڪيڏانهن. پهريان ته کيس تڙي ڪڍڻ جا حربا هلايائون، وري به سندن جان نه ڇٽي. اهڙو ته نرڄو جو گهمي ڦري اچي شاعري ٻڌائي. آخرڪار خلق خدا تنگ ٿي پاڻ لڏي وڃي شاعر کان پري ٿي ويٺي ۽ پوءِ شاعر ان ڏک جي منظرنگاري هينئن ٿو ڪري ته:
سنسان ٿي ويا شھر گهٽيون رستا
توبن ويران منهنجا پاڙا، سائين
اسان جي دعا آھي ته سندس هي مجموعو اصل نه وڪامي ۽ شاعري تان هٿ کڻي وڃي ته جيئن معصوم ۽ بيگناهه ماڻھن جي جان ڇٽي پوي.

No comments:

Post a Comment