Monday, March 30, 2020

سنڌي ڪهاڻي - ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو


سنڌي ڪهاڻي
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ جيڪو ارتقاءَ جو عمل جاري آهي، تنهن کي ڪنهن حد تائين پنهنجي ماحول جي اثر ۽ ليکڪن جي سوچ جي وهڪري جي روشنيءَ ۾ ڏسي سگهجي ٿو. گذريل پنجن ستن سالن ۾ جيڪي نوان ڪهاڻيڪار اُڀريا، تن کي چڱي حد تائين همت افزائي وارا ٻول مليا. کين ساراهيو ويو. اڪثر کي سندن دوستن کان بيجا داد به مليو. (جيڪو هر حالت ۾ فائدو ڪو نه ڪندو) اُن داد کي عام ٻوليءَ ۾ پوزي ڏيڻ چئبو آهي. اُن پوزيءَ ملڻ تي ڪي ته ڦونڊجي ٽانءِ ۾ ڀرجي ويا ۽ پنهنجي نئين ٽهيءَ جي ڏيڍ چانور جي جدا ديڳڙي چاڙهي ويٺا. شايد سندن نادان دوستن کين ضرورت کان گهڻو ۽ اجايو واکاڻيو. واکاڻ ليکڪ لاءِ ضروري به آهي پر ڪڏهن اُها ليکڪ لاءِ قلم مڏو ڪندڙ ڪاروائي جو ڪم به ڪندي آهي.


۱۹۵۰ع کانپوءِ جيڪي ڪهاڻيڪار سنڌ ۾ اُڀريا اُنهن مان ڪن کي عظيم سڏيو ويو. هو هاڻي به موجود آهن، پر ڪي لکڻ کان گهڻو پري آهن. اُن کانپوءِ آغا سليم، امر جليل، عبدالقادر جوڻيجو، غلام نبي مغل ۽ ٻيا ڪهاڻيڪار اُڀريا، داد حاصل ڪيائيون. پنهنجو پنهنجو رنگ ڏيکاري، سنڌي ڪهاڻيءَ کي اوج تي رسايائون. مغل هاڻي چپ آهي، جليل وانگر ڪو ڪالم به ڪو نه ٿو لکي. آغا ۽ عبدالقادر اڃا لکندا اچن. آغا جو ناول ”اڻپورو انسان“ ڇپيو ته به اُها ڪهاڻيءَ جي هڪ طويل صورت آهي ۽ عبدالقادر جو ناول ”سو ديس مسافر منهنجوڙي“ پريس ۾ آهي. نجم عباسي ۱۹۵۰ع کان به اڳ ابتدا ڪئي آهي ۽ اڃا لکندو اچي. سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ طويل عرصي تائين رهڻ جو رڪارڊ اٿس. اڄڪلهه فقط هڪ ئي ڳالهه تي لکي پيو. سهڻيءَ پبليڪيشنس طرفان جيڪا ادبي عدالت پئي تيار ٿئي سا ساڻس معاملا طئي ڪندي. هي ڳالهيون بيان ڪرڻ مان منهنجو مقصد هي آهي ته پختو ۽ سڄاڻ ڪهاڻيڪار ٿيڻ لاءِ تجربو ۽ وقت درڪار آهي. اڄ بحث اهو ڪونهي ته وري ڪو امر لعل هڱوراڻيءَ جو ”ادو عبدالرحمان“ لکي ڏيکاري ته مڃيونس! يا ’شاهه جو ڦر‘ (جمال ابڙو) سفيد وحشي (شيخ اياز) بلو دادا (اياز قادري) ۽ ’ساگر جي لهرن تي‘ (شيخ حفيظ) وغيره کانپوءِ ترقيءَ لاءِ راهه نه هئي! راه هئي، بلڪ ذڪر ڪيل ڪهاڻين کان سٺيون ڪهاڻيون به لکيون ويون. مقصدي ڪهاڻيون به لکيون ويون، معاشري جي خامين تي ڀرپور چوٽون ڪيون ويون، رسول بخش پليجي ’پسي ڳاڙها گل‘ لکي، تنهن کانپوءِ هاڻي هو ’اڄ آڳڙيا آيا‘ ۽ ٻيون جيڪي مقصدي ڪهاڻيون لکي پيو، تن کي به اهميت آهي.
نئين ٽهيءَ ۾ خير النساءِ جعفري ۽ نورالهديٰ شاهه جون ڪهاڻيون به اهميت واريون آهن. نئين ٽهيءَ جون پاڙون به پاتال ۾ آهن. انهن ليکڪائن، ڪهاڻيءَ جي ورثي کي نظر ۾ رکيو آهي. منير (ماڻڪ) ’حويلي جا واز‘ کان هڪ نهج کي ورتو ۽ ’پاتال ۾ بغاوت‘ تائين ايندي هن افسانوي ادب ۾ جيڪي ڏنو سو جونئر ڪهاڻيڪارن جي اڳيان رهيو. نسيم کرل جي ڪهاڻيڪاريءَ جو پنهنجو هڪ رنگ آهي. اڄ خيرالنساءِ جعفري ڪهاڻي ’حويليءَ کان هاسٽل تائين‘ لکي ته اُهو ڪو اُڀ مان پرگهٽ ٿيل موضوع ڪونهي. اُها هن ماحول جي پيداوار جي سنڌي ڪهاڻيءَ جي لڙيءَ جي سلسلي ۾ پوتل آهي. ليليٰ بانا جي ڪهاڻي ’من مڻيو، تن پٿر‘ لاءِ به اهو ئي رايو ڏيئي سگهجي ٿو. ماڻڪ، مشتاق شوري ۽ غلام نبي مغل توڙي نئين ٽهيءَ جي ڪن ڪهاڻيڪارن تي جنسيات بابت لکڻ جو الزام آهي. هنن جيڪي ڪجهه لکيو، انهن کي ممڪن آهي ته فرسٽريشن سڏيو وڃي. (بلڪ سڏيو وڃي ٿو).
ڪو به ڪهاڻيڪار، جڏهن ان حد تي پهچي جو هو ساري سنڌ ۾ مڃجي وڃي ته ان ڳالهه لاءِ ڪا انفرادي ’پٺيءَ ٺپر‘ ڪافي نه آهي. ڪهاڻيڪارن لاءِ فائدي کان وڌ ان ڳالهه ۾ ڇيهو آهي. تازو مون ممتاز مهر جي ڪهاڻين جو مجموعو پڙهيو. جنهنجي پوئين ڪور تي ماڻڪ، ڪهاڻيڪار لاءِ چڱا لفظ لکيا. مون ڌيان سان انهن لفظن کي پڙهيو ۽ معلوم ٿيو ته ’مهر کوکلي اخلاقي ڀرم تي ڀرپور وار ڪيا آهن ۽ ڪيترن اهم معاملن کي مهر جي ٻاهرين اک جهٽيو آهي ۽ سادي انداز ۾ پيش ڪيو آهي.‘ (ڪتاب زندگيءَ جو وهڪرو)
ڏٺو وڃي ته سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ ڪافي ڪجهه لکجي آيو آهي ۽ ان ۾ جيڪي به ’سادي انداز‘ سان لکيو ويو ته اُهو ڪو به تاثر ڇڏي نه سگهندو. پيشڪش جو طريقو نهايت اهم آهي. ممتاز مهر جي ڪهاڻين ۾ ’تجربو‘ هڪ ڇرڪائيندڙ ڪهاڻي آهي. ڪهاڻيءَ جو اوچتو خاتمو ان جي ناڪاميءَ جو سبب آهي. ڪهاڻيڪار ۾ بيان ڪرڻ جي اهليت بلڪل نه آهي. خالي خولي هڪ ڳالهه کي ڇڪي انت تائين آڻڻ ڪافي نه آهي. ’يادن کان انتقام، ڪهاڻيءَ جي ڪهاڻي ۽ دانشور صاحب‘ وغيره اهڙيون ڪهاڻيون آهن، جن ۾ هڪ ڏينهن جي واقعي جيتري به قابليت نه ڏيکاري ويئي آهي. يونيورسٽيءَ جي زندگيءَ ۾ ڪيترن واقعن کي ڪافي اهميت آهي، پر ڪهاڻيءَ ۾ ليکڪ رڳو تاثر ۾ ڏسي ته ’نيٺ مس شهر يار ڪوڪا ڪولا پيتي‘ (مٽيءَ جو طوفان)، ته ان ۾ عام دلچسپي جو ڪهڙو نقطو ملندو؟ يا ’ٻه لاش‘ ۾ جيڪو بيان آهي، سو ڪيترو غير حقيقي لڳي ٿو. هڪڙو همسفر واقف ٿيندي ئي ٿوري دير ۾ قتل جي واردات جو بيان ڪري ٿو ٻڌائي. آءٌ ممتاز مهر جي ڪهاڻين کي منڌيئڙو ڦيرائڻ نٿو گهران، نه مون هڪڙي کي اهڙو حق، ليکڪ يا سندس ماڻڪ جهڙا همدرد ڏيندا. هو اڳتي هلي مقصد حاصل ڪري سگهي ٿو. منهنجو مقصد آهي ته ڪو پنهنجي مجموعي لاءِ ’ٻه اکر‘ لکائڻ جو ارادو ڪري ته تجربي وارن ليکڪن جو ڪم آهي ته همت افزائي ڪندي، ادبي ڪارنامي ته تنقيدي نظر به وجهن ۽ خوبين توڙي خامين ڏي اشارو به ڪن.
۱۹۷۷ع جو هڪڙو ٻيو مجموعو به انهيءَ طرز جي پٺيءَ ٺپر سان شايع ٿيو. هي مجموعو رسول ميمڻ جو آهي. ’امن جي نالي‘. رشيد ڀٽيءَ، ميمڻ صاحب جي سٺي همت افزائي ڪئي آهي. ان ۾ ڪن هنڌن تي وڌاءُ به ملندو، پر ليکڪ جو تجزيو سراسر غلط ڪيل نه آهي. جيڪا ڳالهه ميمڻ جي سوچ تي پوري ٺهڪي اچي ٿي سا رشيد صاحب هن ريت چئي آهي.
”رسول ميمڻ جي افسانن جو موضوع اڄ جو اٻوجهه ۽ اياڻو ايذايل انسان آهي ۽ انسانيت جو فرسوده ۽ انسان دشمن قدر. هو انساني سماج جي اوڻاين، اوچ نيچ ۽ ايذاءَ جو اڻ ٽر ويري آهي. هو انسانيت جي دشمن ’جنگ‘ جو جاني دشمن آهي. هن جو من اَمن لاءِ ڦٿڪندو ۽ لڇندو پڇندو رهي ٿو. هو انسان جي عظمت جو داعي آهي.“
ظاهر آهي ڪو شهري پنهنجي مٿان بمبار جهازن جا لامارا پسند نٿو ڪري ۽ بمن جا ڌڪاءُ ۽ قيمتي جانين جو زيان هن کي رت رئاڙي ٿو. اُهو شهري حساس آهي ته ان جو اظهار ڪري ٿو. ليکڪ ان کي تحريرن ۾ نندي ٿو. هن مجموعي ۾ جنگ کي ڌڪار جي نگاه سان ڏٺو ويو آهي. رشيد ڀٽيءَ صحيح اندازو لڳايو آهي. حملي آور کي جنهن ريت ’شينهن جو ٻچو‘ ۾ پيش ڪيو ويو آهي، سو ڪهاڻيءَ جي سٽاءَ ۾ هڪ بيمثال ڪارنامو آهي. مون کي ميمڻ صاحب جي هيءَ ڪهاڻي سندس سڀني ڪهاڻين کان وڌيڪ پسند آئي. حمله آور ڪيترو انڌو ٿئي ٿو ان جي پرک هن ڪهاڻيءَ مان پوي ٿي. ڪهاڻيءَ جي ڊرامائي تشڪيل ڪجي ته تمام سٺو تاثر ڇڏيندي.
ميمڻ جي ڪهاڻي ’انسانيت، دونهون ۽ لاش‘ سٺي آهي. ان ۾ امر جليل وارو ڊائلاگ جو انداز ڏيڻ جي ڪوشش ڪيل آهي، پر ٻولي ايتري جاندار نه آهي. ڪيترا سنڌي ڪهاڻيڪار لفظن جي صحيح استعمال ۽ ٻوليءَ جي وهڪري واري انداز کي ڪو نه ٿا ڏسن. ٻوليءَ جي وهڪري مان منهنجي مراد لفاظي يا اهڙو نثر نه آهي، جيڪو مقفيٰ نثر جي برابر وڃي بيهي. پر اهڙو بيان هجي جنهن ۾ نديءَ وارو وهڪرو هجي. هن سلسلي ۾ عبدالقادر جوڻيجي جو انداز نئين ڪهاڻيڪار کي نظر ۾ رکڻ کپي. ذهن ۾ اردو يا انگريزي جملن کي رکي انهن جو ترجمو نه ڪرڻ کپي. ’وسنديءَ‘ کي ’بستي‘ ۽ ’ڀڃُڻ‘ کي ’ڀُنڻ‘ نه چوڻ کپي. رسول ميمڻ ۾ صلاحيتون آهن. جي منهنجي ڳالهه مڃي ته آءٌ جيڪر کيس صلاح ڏيان ته واکاڻ تي ڪن نه ڏي ۽ ڪڙي تنقيد مان سبق وٺي.
مجموعي جي پوئين ڪور تي فتاح ملڪ، ميمڻ جي جذبي ۽ فن تي ساراهڻ جي انداز ۾ سٺو لکيو آهي. ساراهڻ ۾ ڪو عيب ڪونهي. نئين ليکڪ کي ته ڇا پر پوڙهن پڪن کي به واکاڻ جي ورکا کپي ٿي.
جيستائين نئين ڪهاڻيءَ جو لاڳاپو آهي ته ان کي بيشڪ پنهنجي ملڪ جي ماحول ۾ پاڙون آهن. فني لحاظ کان ان کي سنڌي ڪهاڻيءَ جي روايت سان به وڏو ئي واسطو آهي. امر لعل هڱوراڻي، مرزا نادر بيگ، سائينداد سولنگي ۽ اميد علي سرائيءَ کان ڳڻپ ڪبي ته سماج جو عڪس نظر ايندو. ۱۹۴۰ع کان وٺي جمال ابڙي، شيخ اياز، نجم عباسي ۽ ان دؤر کي ڏسبو ته ان ۾ ڌرتيءَ جا ڏک ۽ سماج کي پسبو. اياز قادري، شيخ حفيظ، رباني، اَمر جليل، نسيم کرل، غلام نبي مغل، آغا سليم، عبدالقادر جوڻيجي، شوڪت شوري، عبدالحق عالماڻي، پليجي، مشتاق شوري، ماڻڪ، طارق اشرف ۽ ڪيترن ڪهاڻيڪارن جو فن ۽ فڪر موجوده ٽهيءَ کي ڪجهه نه ڪجهه سيکاري ٿو.
موجوده ٽهيءَ ۾ جيڪي ليکڪ آهن، تن ڄڻ اڃا بئنڪ ۾ کاتو کولايو مس آهي. اُميد آهي ته چڱا پئسا جمع ڪرائيندا. ڏيڍ چانور جي جدا ديڳڙي چاڙهڻ کان پاسو ڪندا. سنڌي ڪهاڻيءَ جي ورثي کي نه وساريندا. اَجائي پٺيءَ ٺپر تي ڀنڀلجي کڙ کوٻڙ ۾ نه پوندا.

(زنبيل، سنڌي ادبي بورڊ، ڇاپو سال ۲۰۱۰ع، صفحو ۵۶۱-۳ تان کنيل)

No comments:

Post a Comment