Friday, April 3, 2020

غسل ڪيل ڳلن جون بھارون - مٺل جسڪاڻي


غسل ڪيل ڳلن جون بھارون
فلئش فڪشن
مٺل جسڪاڻي
گس ھلندي، حيدر جو ھٿ، قميص جي ساڄي پاسي واري کيسي مان ٿي، ٻاھر نڪتو. ان ۾ ھن جو موبائيل ھو، جيڪو بنا ساھيءَ جي کاٻي ھٿ ۾ وڃي پھتو. ھن ساڄي ھٿ جي آڱوٺي ۽ ڏسڻي آڱر جي مدد سان، موبائيل کي ٿورو زور ڏنو. موبائيل جي اسڪرين تي سندس تصوير نروار ٿي.
حيدر موبائيل کي سندس تصوير ڏسڻ لاءِ حرڪت ۾ نه آندو ھو، ان ڪري ھن ڏسڻي آڱر جي چوٽيءَ سان، موبائيل کي ٻه ٽي دفعا دٻائي، کاٻي ھٿ سان موبائيل کي جهلي، ساڄي ھٿ جي آڱر سان زور ڏئي، ھڪ ٻئي پٺيان اٺ ڏھه تصويرون ڪڍي ورتيون.


حيدر ان وقت اھڙي چوڪ وٽان گذري رھيو ھو، جتان ھڪ ٻٽو رستو اوڀر طرف، ٻيو ان جھڙو ئي اولھه طرف، ٽيون ھڪ رستو اتر طرف ۽ چوٿون ان جي ابتڙ ڏکڻ طرف پئي ويو.
حيدر اھي تصويرون ڳڻي به ڪو نه ڪڍيون ھيون ۽ ڪنھن خاص ارادي طور به محفوظ نه ڪيون ھيون، ان ڪري تصويرن کي ان وقت ڏسڻ بدران، موبائيل بند ڪري، سندس ساڄي کيسي ۾ وجهي ڇڏيو.
ان ڏينھن حيدر ڳچ ڏينھن کان پوءِ، ڪنھن ضروري ڪم سانگي، صبح جو گهر کان ٻاھر نڪتو ھو. ھُو پھرين شھر کان اتر طرف، ڪنھن ڳوٺ ۾ ويو ھو. اتان پوءِ شھر مان ٿيندو، شھر جي ڏکڻ طرف نڪتو ھو.
حيدر سڀ ڪم ڪار اڪلائي گهر واپس وري آيو. ڪجهه گهڙيون گهر وارن سان، ڪا مھل ڳنڍڻ ڄار جي مدد سان، سماجي رابطي جي ذريعي چھرن جي ڪتاب سان. مختلف اخبارون ڏسندو، ڪنھن مان ڪا خبر، ڪنھن مان ڪو تجزيو، ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ مضمون به پڙھيائين.
حيدر ۽ سندس ڪٽنب به، اڄڪلھه دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب ڦھلجندڙ خطرناڪ وبا کان بچاءَ لاءِ، احتياط طور، حڪومتي صلاحن تي عمل ڪندي، پنھنجي ئي گھر ۾ ھوندا آھن. ان ڪري ماني ته معمول موجب سڀ ڀاتي گڏجي کائيندا آھن ۽ واندڪائيءَ وقت گڏجي ڪا فلم به ڏسندا آھن. اڄ به ائين ئي ڪيائون.
لاڳيتي ته ڪچھري به نه ٿي سگهندي آھي. مسلسل ته فلمون ۽ ڊراما به ڏسي نه سگھبا آھن. گهر ۾ ھوندي، سڀني ننڍن وڏن ڀاتين کان ڪٽجي، صرف مطالعو ڪندو رھڻ به ممڪن ڪونھي. ان ڪري گھر ۾ جيڪو به ڀاتي سستي محسوس ڪندو آھي، ته ڪو ٻيو ڪم، ڪا ڪرت، يا گھر جي ڇت تي وڃي، چھل قدمي ڪندو آھي. ڪو ڀاتي پنھنجي ڪمري ۾، ته ڪنھن ڪمري ۾ ٻه ٻه، ٽي چار ڀاتي گڏجي، ڪچھري به ڪندا آھن. پاڻ ۾ ڪا نه ڪا راند به ڪن ٿا. حيدر ڪنھن مھل سماجي لڳ لاڳاپي يعني چھرن جي ڪتاب وسيلي مختلف ماڻھن جا چھرا پڙھڻ ۽ پنھنجو چھرو پڙھائڻ جو عمل به پيو ڪندو آھي، ته ڪنھن وقت سندس ذھن ۾ ايندڙ ڳالھين کي لکي به وٺندو آھي.
معمول مطابق اڄ شام به، حيدر ۽ سندس گهر جا سڀ ڀاتي ڇت تي ھليا ويا. جتي ڪن چھل قدمي پئي ڪئي، ڪي موبائيل ۾ مصروف ھئا، ڪن ڪچھري پئي ڪئي. شام واري چانھ به ڇت تي ئي پيتائون، پر جڏھن مڇر سجاڳ ٿيا، ته حيدر سميت اڪثر ڀاتي ڇت تان ھيٺ لھي آيا.
حيدر گڏيل ڪچھري واري حصي ۾ اچي ويٺو. اتي ٻيو ڪير به ويٺل نه ھو. نه ئي وري ڪو اچي ويٺو. اڄ صبح وانگر، ھن جو ھٿ قميص جي ساڄي پاسي واري کيسي مان ٿي، ٻاھر نڪتو. ان ۾ ھن جو موبائيل ھو، جيڪو بنا ساھيءَ جي کاٻي ھٿ ۾ پھتو. ھن ساڄي ھٿ جي آڱوٺي ۽ ڏسڻي آڱر سان، موبائيل کي ٿورو زور ڏنو. موبائيل اسڪرين تي سندس تصوير نروار ٿي.
حيدر موبائيل کي سندس تصوير ڏسڻ لاءِ حرڪت ۾ نه آندو ھو. ان ڪري ھن ڏسڻي آڱر جي چوٽيءَ سان، موبائيل کان ڪم وٺندي، اڄ صبح جو ڪڍيل تصويرون، ڏسڻ لڳو.
حيدر اڄ صبح جيڪي غير ارادي طور تصويرون محفوظ ڪيون ھيون، انھن مان رستي جي چوڪ تي ڪڍيل مختلف تصويرون ڏسندي، ھن کي سندس ماضي جون انيڪ يادگيريون ذھن جي اسڪرين تي اچي ويون. اھڙيون يادگيريون، جن جي ڪري ڪنھن مھل حيدر مُرڪيو پئي، ته ڪنھن ويل ھن جون اکيون نه صرف ڀرجي پئي آيون، پر ڪجهه لڙڪن گڏجي، حيدر جي ڳلن کي غسل به ڪرايو پئي.
حيدر ويٺي ويٺي، تصويرون ڏسندي ڏسندي، ان رستي جي چوڪ ۽ ان جي پسگردائي ۾، غسل ڪيل ڳلن جون بھارون ساريندي، چاھيندي به اھي يادگيريون، لفظن جي صورت ۾، ڪاڳرن تي چٽڻ نه ٿو چاھي.

No comments:

Post a Comment