Tuesday, April 14, 2020

اديبائن جي ڪچهري


اديبائن جي ڪچهري
مختصر ڪھاڻي
شھربانو ڪاڪا
ڪالھ سنڌ جي هڪ مشهور بيوروڪريٽ جي ڇپيل ڪتاب جي مهورت ۾ وڃڻ ٿيو. پروگرام حسبِ روايت دير سان شروع ٿيو. وقت کي مارڻ لاءِ ڪو پنهنجي موبائل تي فيسبڪ ڏسي رهيو هو ته ڪو وري آسپاس جو جائزو وٺي رهيو هو ته ڪو دوست يا ڄاتل سڃاتل ماڻهو ملي ته حال احوال ڪجي. هڪ ڀاءُ تي نظر وئي. سڀني کان بي نياز مُونن ۾ منهن ڏيو ويٺو هو، ڄڻ صدين جا سور هيس، ڪنهن سان ڳالهائيندو ته اهي اُٿلي پوندس.


مان پهرين ته اڪيلي بوريت ۾ هيڏانهن هوڏانهن نهاري رهي هيس. ايتري ۾ ٻه مشهور ليکڪائون اچي منهنجي ڀر ۾ پيل ڪُرسين تي ويٺيون. مان کين سڃاڻندي هيس. هڪ تمام گھڻي سِلم صفا هڏائون پڇرو غزاله ناز هئي. ٻي سندس سهيلي، ٻٽون وارن واري ٿوري ننڍي قد سان شبنم نگار هئي. سلام دعا ٿي. سندن پاڻ ۾ گھڻي گهاٽائي هئي. غزاله پنهنجي ٻارن جي تعليم ۽ ان تي ايندڙ خرچن جو ذڪر ڪندي رهي. کيس مڙس کان اها شڪايت هئي ته گھر جي ذميدارين کان پاڻ کي آجو ٿو سمجهي. چئي رھي ھئي؛ ”نوڪري  به ڪيان، گھر به هلايان، ٻارن کي اسڪول مان آڻڻ نيڻ به منهنجي ذميداري. پاڻ آفيس کانپوءِ رڳو دوستن سان هوٽلن تي چانهيون پي وقت ٿو گذاري.“
مونکي ذاتي طور تي سندن متعلق، ٿوري گھڻي ڄاڻ هئي. سندس مڙس به ٻن ٽن ڪتابن جو مصنف آهي ۽ ڪنهن سُٺيءَ پوسٽ تي آهي. کيس سدائين همٿائيندو رهندو آهي ته؛ ”لکندي رھ! ان ۾ به نالو ۽ عزت آهي.“
شبنم بوريت مان پاسا بدلائيندي رهي. لڳم ته يا ته ڪنواري آهي يا وري مڙس ڇڏي چڪي آهي. پر منهنجو خيال غلط نڪتو. سندس هسبنيڊ به آيل هو، سو کيس اچي چيائين ته؛ ”تون اِتي ويٺي هج! مان ٻاهران ٿي اچان ٿو.“
شبنم جي منهن تي ٿوري ناگواري آئي پر ڪنڌ ڌوڻي ها ڪيائين.
ايتري ۾ اڃا به هڪ مشهور ۽ فيشن ايبل اديبه، مُرڪ تبسم، پنهنجا ريشم جهڙا وار هٿن جي جھٽڪي سان ٺاهيندي، سڀني جي سلامن جا چهڪندي جواب ڏيندي، اچي اسان جي ڀر ۾ ويٺي. پاڻ هڪ انٽرويو ۾ چيو هئائين ته؛ ”جيئن ته مان سنڌي ۽ اردوءَ ۾ لکندي آهيان، تنهن ڪري ادبي نالو به اهڙو رکيو اٿم.“ هيلو هاءِ کان پوءِ مون کي ياد آيو ته يونيورسٽيءَ جي زماني ۾ هاسٽل جون سڀ ڇوڪريون کيس شهميران (سندس اصلي نالو) ۽ ڪي ته وري چري اديبه سڏينديون هيون.
کانئس پڇيم ته؛ ”اوهان فلاڻي آفيسر جي ......“ ڄاڻي واڻي جملو اڌ ۾ ڇڏيم.
پاڻ مصنوعي ادا سان پهريان منهنجي اکين ۾ شُوڪي نهاريائين، پوءِ سوچيندي ۽ اترائيندي جواب ڏنائين ته؛ ”جي ها! مان سندس وائف آهيان.“
مونکي پَل لاءِ لڳو، ڄڻ سندس مڙس ۽ منهنجي وچ ۾ ڪنهن تعلق کي ڳولهيندي هجي. مون کي ياد آيو ته؛ هيءَ پنهنجي مڙس جي ٽين زال آهي. شايد تڏهن هر عورت کي شڪ جي نظر سان ٿي ڏسي... ان کي ٻي قطار ۾ ويٺل عورتن جي ڪمپنيءَ ۾ مزو نه آيو. سو اڳين قطار ۾ ويٺل هڪ اڇي ڪلف ٿيل ڪاٽن جي وڳي پهريل، هڪ رٽائرڊ بيوروڪريٽ سان گڏ وڃي ويٺي. ان سان ڏاڍو فري ٿي ڳالهائي رهي هئي. سائينءَ جو به ڄڻ پنڌ سجايو ويو، سو بار بار هيڏي هوڏي ڏسي رهيو هو ته؛ ماڻهن کي منهنجي هيءَ لئه نظر اچي پئي يا نه!
مان ان سوچ ۾ هيس ته؛ ”اسان جو دين به اجازت ڏئي ٿو، رواج به گھڻو ٿي ويو آهي، نه ته زال ته پهرين هوندي آهي. ٻي ٽي زال، اڪثر ڪري رکيل جيان ئي هوندي آهي.“
ايتري ۾ آجيان ڪندڙ ڪميٽيءَ جو هڪ نوجوان، هڪ نهايت نامور ۽ معزز خاتون آپا زيب النساءِ زيب کي ڏاڍي احترام سان وٺي اچي، اڳين سيٽ تي منهنجي بلڪل اڳيان ويهاريو. سندس سادو لباس، سندس شان وڌائي رهيو هو. پاڻ سڀني جي سلام جو جواب نهايت سهڻي مُرڪ سان ڏيئي رهي هئي. سندس قابليت، سندس چمڪندڙ اکين ۽ خوبصورت سڀاءَ مان بَکي رهي هئي.
اسان کي ڳالهائيندي ٻڌي، پاڻ مُڙي، اسان کي ڏسي مسڪرائيندي چوڻ لڳي؛ ”مونکي پهرين سيٽ کان وڌيڪ، توهان سان گڏ ويهڻ ۾ مزو ايندو.“ سو اُٿي اچي اسان سان گڏ ويٺي. چوڻ لڳي؛ ”نُنهن ۽ پُٽ، خير سان ڪالھ نيويارڪ واپس ويا. سو ٽائم ملي ويم. نه ته ڪيترين دعوتن ۾ وڃي ئي نه سگهي آهيان.“ مون کان پڇيائين؛ ”اوهان سان شايد مان پهرين نه ملي آهيان؟“
پنهنجو تعارف ڪرائيندي کيس چيم ته؛ ”آپا! مان پاڻ اوهان سان اڄ ئي ملي آهيان. ڏاڍو شوق هيم اوهان سان ملڻ جو.“
خوشيءَ سان پنهنجو نمبر ڏنائين ته؛ ”منهنجي گھر به اچي سگھين ته اچجانءِ! پاڻ ڪچهري ڪنداسين.“
مان سندس اکين جي رنگ کي ڏسي، دنگ رهجي ويس. سندس ڀورين اکين ۾ عجيب ڪشش هئي. رهيو نه ٿيم. کيس چيم؛ ”آپا! اوهان جون اکيون بيحد خوبصورت آهن.“
چوڻ لڳي؛ ”احمد کي ته نه وڻيون. وڃي ٻي شادي ڪيائين.“
هڪ تعليم يافته عورت کي ڏهاڳ جو الميي جو سبب، سندس مڙس جي عياش طبيعت هئي يا عورت پاران عورت کي ڏنل درد جي ورجايل پراڻي ڪهاڻي. مان پل لاءِ اداس ٿي ويس. پر، ان وقت کلي پيس، جڏهن شبنم نگار غزاله کان اوچتو سندس ڪنن ۾ پاتل ايرنگس کي حسرت مان ڏسندي پڇيو ته؛ ”نوان ٺهرايا اٿئي؟“
غزاله چيو ته؛ ”نه! ڌيءَ جا پائي آئي آهيان، کيس ڏاڏيءَ گفٽ ڪيا هئا. منهنجا سڀ زيور ٻارن جي پڙهائيءَ جي خرچن ۾ لڙهي ويا.“
مون کيس ان انويسٽمينٽ تي داد ڏيندي چيو ته؛ ”ادي! هر ڪو پاڻ پائي ٻچن لاءِ رکندو آهي. سُٺي ڳالھ آهي ته کين تعليم ۾ مدد ملِي. اسان جي مڊل ڪلاس جو هڪ الميو اهو به آهي ته هو پنهنجي پيٽ کي پٿر ٻڌي ۽ پنهنجي ننڍين وڏين خواهشن کي ماري  پنهنجي اولاد کي خانگي ادارن ۾ ڳريون فيسون ڀري اعليٰ تعليم ڏيارين ٿا.“
غزاله، آپا زيب کان پڇيو ته؛ ”توهان ڪهڙي پاسي کان ويندا؟ اڄ پُٽ کي ڪوچنگ ڪلاس لاءِ وڃڻو هو سو گاڏي نه آندي اٿم.“
آپا کيس خوشدليءَ سان چيو ته؛ ”مون سان هلجانءِ! بس رستي ۾ دهلي ڪالونيءَ مان مڇي وٺڻي اٿم. پوءِ تو کي رستي ۾ ڊراپ ڪندي ويندس.“
مون شبنم کي گھڻو بيچين ڏٺو. پاڻ هر هر مُڙي، پويان هال جي دروازي ڏانهن ڏسندي رهي. غزاله کلي کيس ٺونٺ هڻندي چيو؛ ”سڀ مايون اسان هتي ويٺا آهيون. مڙسهين ٻاهر دوستن سان بيٺو هوندو.“
شبنم چيس؛ ”هاڻي ماريي ۾ بچيو به ڪجھ ناهي، پر پنهنجي حرڪتن کان مڙندو ڪونهي.“
ايتري ۾ ٻه نوجوان ڇوڪريون، اندر داخل ٿيون. سندن ٽهڪڙن مان هر ڪنهن جو ڌيان انهن ڏانهن ويو. ٿوريءَ دير ۾، شبنم جو مڙس به اندر آيو ۽ ٺيڪ انهن ڇوڪرين جي پويان ويهي رهيو.
صاف لڳي رهيو هو ته هاڻي شبنم جو ويهڻ وِھ ٿي ويو آهي. مون موضوع بدلائڻ لاءِ کانئس سوال پڇيو ته؛ ”اوهان جا گهڻا ٻار آهن؟“ ڄڻ سندس ڪنهن ڦٽ کي رَهڙ ڏنم. اداس ٿيندي چيائين ته؛ ”نه اسان جا ٻار ناهن.“
سندس درد، مون پنهنجي اندر لهندي محسوس ڪيو.
ايتري ۾ ڪافي مهمان پهچي چڪا هئا ۽ ڪمپيئر اچي ڊائس تي بيٺو ۽ مهمانن کي ڀليڪار ڪندي، پروگرام جي رسمي ڪارروائي شروع ٿي.

(هن سڄي تحرير جي ڪردارن جو حقيقت سان ڪو به تعلق نه آهي مشابهت اتفاقي سمجهي ويندي..)

No comments:

Post a Comment