Monday, April 20, 2020

علم الدين رازو - انور ابڙو


علم الدين رازو
مختصر ڪهاڻي
انور ابڙو
منهنجي پاڙي ۾ علم الدين رازو رهندو آهي، جيڪو اصل ۾ لاڙڪاڻي جو آهي، پر ڪجهه سالن کان هو ڪراچي شهر ۾ اچي رهيو آهي. لاڪ ڊائون کان اڳ ۾ هو ڪٽي پهاڙيءَ واري علائقي ۾ هڪ ٺيڪيدار وٽ ڪم ڪري رهيو هو. جنهن دوران هو هڪ نه ٻئي ڏينهن ڪجهه پئسا کڻي گهر اچي ويندو هو. پر لاڪ ڊائون جي ڪري سندن ڪم بند ٿي ويو. رستن تان گاڏيون غائب ٿي ويون ۽ هُو ڪٽي پهاڙيءَ ۾ ڦاسي پيو. ٻي ڪا واهه نه ڏسي، اُتي ئي رهندڙ پنهنجي هڪ مزدور دوست وٽ، هڪ هفتي تائين رهي پيو. سندس گهرواري به ڪورنگيءَ ۾ گارمينٽ جي جنهن فيڪٽريءَ ۾ ڪم ڪندي هئي، اها فيڪٽري به بند ٿي ويئي.


هفتي کانپوءِ علم الدين، سيٺ کان مليل ٻن ڏينهن جي ڏهاڙيءَ وارا ٽي هزار رپيا کڻي، جيئن تيئن ڪري ڪورنگيءَ ۾ پنهنجي گهر اچي پهتو. گهر ۾ سندن کاڌي پيتي جو سامان باقي ٻن ڏينهن جو وڃي بچيو هو. سندس گهرواريءَ کي فيڪٽري مان جيڪا پگهار ملي هئي، ان مان هُن ڪجهه اڌارا ورتل پئسا واپس ڏيئي، باقي بچيل پئسن مان سيڌو وٺي گهر ۾ رکيو هو، جيڪو به هينئر کپڻ تي هو. هنن جا ٻه پهلوان پٽ ۽ هڪ ڌيءُ آهن. انهن مان هڪ جي عمر ۱۰ سال کن ٿيندي، ٻئي جي ۱۲ سال ۽ ڌيءُ جي عمر ۱۶ سال ٿيندي.
هن گذريل سال، منهنجي گهر جو به ٿورو مرمتي ڪم ڪيو هو. پنهنجي ڪم جو وڏو ماهر آهي. ڳالهيون ڪندي ٻڌائيندو هو ته، هن شهر ۾ رڳو بلاڪن جو ڪم ٿو ٿئي، پر تمام گهٽ. ڪاريگرن کي سرن جي صحيح طرح ڇِت وجهڻ ايندي آهي. مان ڇت وجهان ۽ جي ان مان مينهن جو ٽيپو به ٽَپڪي وڃي ته جهڙي سزا چور جي تهڙي سزا منهنجي. ۽ واقعي هو وڏو رازو آهي.
هڪ ڀيري ته پاڙي ۾ هن هڪ جاءِ پئي ٺاهي ۽ هيٺان مزدور جنهن تيزيءَ سان مٿي کيس سِرَ اڇلائي پئي ڏني، سا تيزيءَ سان، هڪ هٿ سان جهپي اها هڻندو ٿي ويو. اڪثر ڪاريگرن جي ابتڙ چيڙاڪ به بلڪل ئي نه. کل ڀوڳ ۾ ڪم اُڪلائي وٺندو هو. وڏي ڳالهه ته پنهنجي ڪنهن مزدور کي اُن جي غلطيءَ تي ڪڏهن ڪو گٿو لفظ نه چيائين. منهنجي گهر جي ڪم ڪرڻ دوران، ڪڏهن ڪڏهن مزدور مسالو ٺاهڻ وقت ريتيءَ جي ٻن ٽرالين تي سيمينٽ جي هڪ ٻوري وجهڻ بدران جڏهن ريتيءَ جون ٽي ٽراليون وجهي ويندو هو ته به ان کي سمجهائيندو هو ته ائين نه ڪر بابا. هڪ ڀيري هن کي سُڪو مسالو ٿي کَتو ۽ مزدور اهو پٽڙو ٺاهي، تغاري کڻي اچي سندس اڳيان رکي ته، استاد کانئس اهُا وٺندي، مُنهن ۾ هلڪو گُهنڊ وجهندي، کيس هڻڻ واري انداز ۾ مٿس اها تغاري اولاري، پوءِ کِلي کيس سمجهايو هو ته، پٽ مون کي هن قسم جو مسالو کپندو آهي.
علم الدين ايماندار به وڏو آهي. مان کيس پئسا ڏيئي، گهربل سامان وٺڻ لاءِ دڪان تي موڪليندو هئس ته ان مان هڪ رپيو به نه کائيندو هو، ۽ جيترن پئسن جو سامان ملندو هئس، اوترا ئي بل ۾ لکرائي ايندو هو. ٺيڪي بدران ڏِهاڙيءَ تي ڪم ڪيو هئائين، پر ڪڏهن به اهڙي ڪوشش نه ڪيائين ته، پنجن ڏينهن جي ڪم کي ڏهن ڏينهن تائين اينگهائي، پئسا ڪمائي.
اهو علم الدين مون کي پاڙي ۾ ڪرياني جي هڪ دڪان تان ڪجهه سامان وٺي، ايندي گهٽيءَ ۾ ملي ويو. ڪافي  پريشان هجي. پر مون کي ڏسندي ئي جيئن ئي مون سان اڪير مان هٿ ملائڻ ۽ ڀاڪر پائڻ لاءِ اڳتي وڌيو ته، مون پوئتي هٽندي، رڙ ڪندي کيس چيو؛ ”علم الدين، هَٿُ نه... هَٿُ نه.... حالتون صحيح ناهن... حالتون صحيح ٿين ته پوءِ ٻِٽا ٻِٽا ڀاڪر پائي ملنداسين..“
هو اُتي ئي رُڪجي بيهي رهيو ۽ فوري طور، منهنجي ڳالهه سمجهي ويو.
”سائين صحيح، صحيح..... مون کان وسري ويو هو ته ڪو هٿ ناهي ملائڻو.... ۽ ڀاڪر ناهي پائڻو... ڳوٺاڻا آهيون نه، جيستائين ملندڙ ماڻهوءَ سان هٿ نه ملايون يا ڀاڪر نه پايون ته مزو ئي نه اچي....“ علم الدين وضاحت ڪئي ته مون کانئس پڇيو؛ ”اڄڪلهه ته ڪم تي نه ويندو هوندين علم الدين؟“
سندس منهن جو ٿورو اڳ روشن ٿيل ڏيئو، منهنجي سوال جي هڪ ئي ڦوڪ سان وسامي ويو.
”ها ڪمال صاحب، ڪٽي پهاڙي تي جنهن سيٺ جو ٺيڪو هو، ان جو ڪم بند ٿي ويو. ڪجهه پئسا ڏنائين. ڪجهه رهائي ڇڏيائين... گهرواري به بيروزگار ٿي اچي گهر ۾ ويٺي آهي. تو کي پاڻ خبر آهي ته منهجا ٻارَ ته هونئن ئي ناهن ڪمائيندا.... اسان ته ڏهاڙيءَ تي ڪمائڻ وارا ماڻهو....بچت ته اسان جي نصيب ۾ آهي ئي ڪو نه.... سو هاڻي خبر نٿي پوي ته هن صورتحال ۾ ڇا ڪيان؟“
مان چپ ٿي ويس. گهڙي پل کان پوءِ کيس چيم؛ ”ڳالهه ته صحيح ٿو ڪرين علم الدين. هنن حالتن ۾ غريب ماڻهو ته وڏي مصيبت ۾ اچي ويو آهي....“ مون ايترو چئي سندس اکين ۾ ڏٺو ته ائين محسوس ٿيو ڄڻ، هو مون کي مدد لاءِ ڪجهه چوڻ چاهيندو هجي، پر چئي نٿي سگهيو.... مون سندس اندر جي اڻ تڻ پڙهي کيس چيو؛ ”مون کان ڪجهه ماڻهن چندو گهريو هو ته جيئن هو غريبن کي ڪجهه سامان وٺي ڏيئي سگهن. انهن کي مون کي اڄ ٻه هزار رپيا ڏيڻا هئا، سو اهي تو کي ٿو ڏيان..... باقي مان انهن واسطيدار سماجي ڪارڪنن کي به چوان ٿو، جيڪي غريبن کي راشن ڏيئي رهيا آهن ته، اهي به تنهنجي ڪا مدد ڪن. جيترا ڏينهن هيءَ صورتحال رهندي، اسان تنهنجي مدد ڪندا رهنداسين. تون پريشان نه ٿيءُ...“
مون ڏٺو ته علم الدين جون اکيون چمڪي پيون.

(انور ابڙو جي فيسبڪ وال تان تاريخ ۱۴ اپريل ۲۰۲۰ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment