Sunday, April 26, 2020

واھ مائي - ڊاڪٽر امداد شيخ


واھ مائي
مختصر ڪھاڻي
ڊاڪٽر امداد شيخ
پنج صابڻ، پنج ميري بسڪيٽس. خوبصورت شاپر لاءِ دوڪاندار ڏي آيس. شاپر ھٿ ۾ جھلي، سيلفي جا شارٽس ورتا. ڦوٽو سٺو لڳو. دوڪاندار بسڪيٽ ريپر جا ڏھ رپيا ته شاپر جا چيائين پندرھه. سوچيم؛ شاپر پنج ڪافي آھن. صابڻ سکڻو ڀلو، ڦوٽو به چٽو. سئوٽ کي فون ڪيم؛ ”سؤٽ! سڀاڻي دادو ڪئنال جي ڪپ تي، پندرھه ويھه گھر آھن. الله الائي ڪھڙي ڳالھه ۾ راضي. ڇونه ڪنھن جي ھن ڏکئي وقت ۾ مدد ڪجي. صبح روشنيءَ ۾، جيئن ڦوٽو ڪليئر اچي، پنھنجي سمارٽ فون کڻي اچجانءِ. سئوٽ تنھنجو ڦوٽو ڪڍڻ جو انداز، مجال آھي جو ڪنھن کي اچي. بس سڀاڻي اھڙو ٿي وڃي جو، فيس بڪ تي ھڻان ته ڪمينٽس جا ٽڙڪا ھجن.“


ھيڏانھن گھڙيال جي سئي ڏھن تي لڳي، ھوڏانھن گھر جو بيل وڳو. ٻاھر ڏٺم ته سئوٽ گليل ڦليل ڪيو بيٺو آھي. ساڻس ٻه دوست به گڏ ھئا. چيائين؛ ”ادا! ڦوٽو اسڪرين ڀريل ھوندي ته شارٽس خوبصورت لڳندي.“
اسين دادو ڪينال جي ڪپ لڳ، غريبن جي دروازن تي گاڏي بيھاري. گاڏيءَ جي آواز تي، ماڻھن در کوليا. شايد سوچيو ھوندن ته؛ ھفتي جو ته راشن ھوندو ئي ھوندو. ھوڏانھن وري سئوٽ ڦوٽو لوڪيشن ڳولي ورتي. مونکي سڏ ڪندي، مخصوص ھنڌ تي بيھاريندي، چيائين ته؛ ”ولڻ تو کي شاپر ڏيندو، ڍولو ماڻھن کي قطار ڪري بيھاريندو. مان ھڪ، ھڪ جا ٻه ٽي شارٽس ڪڍي وٺندس.“
ٿيو به ائين، پنجن سون (٥٠٠) جي سامان جا، ڏھ ٻارھن شارٽس وٺي، گاڏيءَ ۾ ويٺاسين.
ايتري ۾ سامھون گھر مان ھڪ مائي اڇي برقعي جو اڳيون حصو مٿي وريل گاڏي اڳيان پنھنجي ننڍڙي ٻارڙي جنھن جي ھٿ ۾ اسان جو ڏنل شاپر ساڻ ھو. گاڏي روڪيندي چيائين؛ ”توھان کي شرم به نه آيو، جو ھڪ بسڪيٽ جي فاري ۽ صابڻ ذري ڏئي ايڏا چار ھٽا ڪٽا، ايڏي وڏي گاڏي ۾، وري ھڪ ھڪ شيءِ تي ڦوٽو ڪڍي، ھاڻي وري فيس بڪ تي لڳائيندؤ ته اسان غريبن ۾ راشن ورھايوسين.“
مائي ڪا ٻه ٽي درجا پڙھيل پئي لڳي. پنھنجي برقعي مان ھٿ ڪڍندي، ھڪ وڏي شاپر مونکي ڏيندي چيائين؛ ”کاڌي پيتي جون شيون اٿو. مون کي ڦوٽو، فيس بڪ جي ضرورت آ، نه وري مان ڪنھن کي ٻڌائيندس. سنڀال پنھنجي ٿيلهي.“ ننڍڙي کان وٺندي مون ڏانھن اڇلائي.
مان سئوٽ کي پنھنجي گھر ڇڏيندو، راشن جا پاڪيٽ ٺھرايم. ھر ھڪ پاڪيٽ ۾ ڪجھ روڪ پئسا وجھي، ساڳئي ھنڌ آيس. ڪڙو کڙڪائي، سڀ راشن مائيءَ حوالي ڪندي، سڀني کي ورھائي ڏيڻ لاءِ چيو. ھوءَ مونکي ڏسندي رھي. مون ھٿ ٻڌي چيس؛ ”ھاڻ مونکي نه ڦوٽو، نه وري فيس بڪ جي ضرورت آھي.“

No comments:

Post a Comment