Sunday, April 26, 2020

خواب، مان ۽ امان - آسن راٺوڙ


خواب، مان ۽ امان
مختصر ڪھاڻي
آسن راٺوڙ
اونداھي ڪمري ۾، بيڊ جي چادر ۾ منهن لڪائي روئندي مون کي ننڊ اچي ويئي. مان خواب ۾ هئس. خوابن ۾ مان ڏاڍو خوش هوندو آهيان. ٻين ٻارن وانگر رانديون ڪندو آهيان، نچندو آهيان، ڪڏندو آهيان، ٺينگ ڏيندو آهيان. پر جڏهن مان خواب ۾ نه ھوندو آهيان، تڏهن مان بي حد ڊنل ۽ هراسيل هوندو آهيان. مونکي هر هڪ شيءِ مان خوف ٿيندو آهي. ايتريقدر جو آئون اکيون کولي به نه سگهندو آهيان. سڄو ڏينهن ڪمري ۾ لڪي ويهي رهندو آهيان. جاڳندي، کلي ۽ ٽهڪ ڏيئي نه سگهندو آهيان. جاڳندي، مون کان کلڻ وسري ويندو آهي. جاڳندي، مان صرف روئي سگهندو آهيان.


منهنجي ماءُ جي مرڻ کانپوءِ، منهنجو پيءُ هڪ ڪاري متاري عورت گهر وٺي آيو آهي. مون کي چيائين ته؛ ”هيءَ تنهنجي نئين ماءُ آهي. پر هو عورت، منهنجي نئين ماءُ ناهي. بلڪ هو عورت به ناهي. عورت جي روپ ۾ هو هڪ ڏانئڻ آهي. مونکي بلڪل نه وڻندي آهي. مان به هن کي نه وڻندو آهيان. تڏهن ته هوءَ مون کي گهوري ۽ ڪُرڙين اکين سان ڏسندي آهي. گهر ۾ سڄو ڏيهن، منهنجي پيءُ جي نئين زال جا نوان نوان مائٽ ايندا آهن، ڳالهائيندا آهن، ٽهڪ ڏيندا آهن، کينچلون ڪندا آهن پر مون کي ڏسي چُپ ٿي ويندا آهن.
منهنجي سڳي ماءُ، مونکي ڏاڍو پيار ڪندي هئي. ڀاڪر ڀري، چميون ڏيئي چوندي هئي؛ ”منهنجو لال پٽ.“ مان خفي ٿيندي چوندو هئس؛ ”امان مان لالا ناهيان، مان ٽماٽو ناهيان!” امان مونکي وري ڀاڪر ۾ ڀري، چميون ڏئي چوندي هئي؛ ”تون ته منهنجو دودو پٽ آهين، منهنجو شيهن آهين” مان به کلي ڏيندو هئس. ڇاڪاڻ ته مان دودو ناهيان ۽ نه ئي شينهن آهيان. مان صرف ڍڪڻ آهيان، (ڍڪڻ منهنجو نالو آهي). دنيا جي هر ماءُ چاهيندي آهي ته؛ هن جو پٽ دودو ٿئي، نه ڪي چنيسر ٿي پنهنجي ڌرتيءَ سان دوکو ڪري. منهنجو پيءُ، ڳوٺ جو وڏيرو آهي، پر قد ۾ ڊينڊو آهي. منهنجو پيءُ گهر ۾ گهٽ، ڪراچيءَ ۾ وڌيڪ رهندو آهي. ڪراچيءَ ۾ اسان جا ڪئي بنگلا آهن، پر مون اڃا تائين ڪراچي نه ڏٺي آهي، نه ئي ڪڏهن منهنجي امان ڪراچي ڏٺي هئي. ڪراچي ته ٺهيو، امان پنهنجو پورو پاڙو به نه ڏٺو هو. الائي ڇو بابا امان کي گهر کان ٻاهر نڪرڻ نه ڏيندو هو؟.
بابا جي ڪراچيءَ وڃڻ کانپوءِ امان بلڪل اڪيلي ٿي ويندي هئي. ڏاڍي اُداس رهندي هئي، اونداھن ڪمرن ۾ لڪي، رات جو دير تائين هنجون هاري، روئندي هئي. پوء هڪ ڏينهن اوچتو، ٻن مهينن کان پوءِ، بابا گهر آيو. ان ڏينهن بابا ڏاڍو ڪاوڙيل هو. امان کي ڪمري ۾ بند ڪري، ڏاڍو ماريو هئائين، ۽ پوءِ اوچتو ئي امان جو ڪيڪون حويليءَ جي ديوارن سان مٿو ٽڪرائي خاموش ٿي ويون ۽ جڏهن صبح ٿيو ته مونکي ٻڌايو ويو ته تنهنجي ماءُ ڪاري هئي، انهيءَ ڪري پاڻ کي ڦاهي ڏيئي ماري ڇڏيائين. پر مون کي خبر آهي ته منهنجي ماءُ ڪاري نه هئي. هوءَ کير جهڙي اڇي، خوبصورت ۽ ريشم جهڙي ملائم هئي. پوءِ به الائي ڇو سڀ چوندا آهن؛ ’تنهنجي ماءُ ڪاري هئي.‘
منهنجي ماءُ جي مرڻ کانپوءِ، منهنجو پيءُ وري ڪراچي هليو ويو ۽ مهيني کانپوءِ هڪ ڪاري متاري عورت سان گڏ موٽيو. مون کي چيائين ته؛ ”هيءَ تنهنجي ماءُ آهي.“ پر هوءَ مهنجي ماءُ ناهي. هوءَ مون کي سيني سان لڳائي، ماءُ وانگر پيار نه ڪندي آهي. هوءَ مون کي پٽ، لال، دودو ۽ شيهن نه چوندي آهي. پر پوءِ به بابا چوندو آهي ته؛ ’هيءَ تنهنجي ماءُ آهي.‘ پر هوءَ منهنجي ماءُ ناهي. منھنجي فقط هڪ ماءُ آھي، جيڪا هر روز منهنجي خوابن ۾ مون سان ملڻ ايندي آهي. لاڏ ڪندي آهي، چميون ڏيندي آهي، آکاڻيون ٻڌائيندي آهي، جنهن ۾ جن ۽ راڪاس، خوبصورت پرين کي قيد ڪري کڻي ايندا آهن ۽ پوءِ انهن کي ماري ڇڏيندا آهن. هر آکاڻي جي انت ۾، مان امان کان هڪ سوال ضرور پڇندو آهيان؛ ”امان! تو پاڻ کي ڦاهو ڏيئي ڇو ماري ڇڏيو؟ پر امان ڪو جواب نه ڏيندي آهي ۽ منهنجي خوابن مان هلي ويندي آهي.

No comments:

Post a Comment