Tuesday, April 28, 2020

ميٽافزيڪل وائرس - ممتاز بخاري


ميٽافزيڪل وائرس
(ڪهاڻي)
ممتاز بخاري
جسم ۾ اهڙي چرپر مون پهريون ڀيرو محسوس ڪئي. مون کي سمجهه ۾ نه ٿي آيو ته منهنجي جسم تي لاٽونءَ جي شڪل وانگر سوين پيرن واري نظر نه ايندڙ ڪا شيءِ ڊوڙون پائي رهي آهي يا منهنجي هٿ ۾ موجود پني مان ڪجهه منتقل ٿيو آهي. جنهن لفافي ۾ اهو پنو پيل هو، اهو لفافو ته پٽ تي ڪِرڻ بعد ڪنهن ڪُنڊ ۾ هليو ويو هو، شايد ان کي به ڪي ٻه ٽي سو پير لڳي ويا هئا. هٿ ۾ موجود پني جا سڀ لفظ منهنجي جسم ۾ داخل ٿي چڪا هئا. انهن جون ڊوڙون پهريائين ته مون کي پنهنجي ڳلي ۾ محسوس ٿيون ۽ پوءِ لڳم ته منهنجي ڦڦڙن ۾ ڪجهه ٿي ويو آهي. ٿوري دير بعد اهو پنو به منهنجي هٿن ۾ نه هو پر ان جا سڀ لفظ منهنجي ڪاڪڙي ۽ ڦڦڙن ۾ بود ڪندا رهيا. منهنجي ڪمري ۾ هڪ ماڻهوءَ جي سمهڻ وارو پلنگ پيل هو. ان جي ڀر ۾ رڳو هڪڙي سائيڊ ٽيبل هئي ڇو ته ٻئي پاسي کان اهو پلنگ ڪمري جي ڀت سان لڳل هيو. ان ڪري پلنگ جي ٻي سائيڊ ٽيبل، مون ڊريسنگ ٽيبل جي ڀر ۾ رکي ڇڏي هئي. جنهن جي درازن ۾ ته الاءِ ڇا ڇا گڏ ٿي ويو هو. پر ان جي مٿان اهي فائيل هئا جن ۾ پوليو بابت ڊيٽا رکيل هئي. اها ڊيٽا به منهنجي جسم تي چرپر ڪري رهي هئي. ان ڊيٽا ۾ سوين ٻارن ۽ ڳوٺن جا نالا ٻاهر نڪري آيا هئا.


مون آخر اهو ليٽر وٺڻ مهل رسيونگ تي صحي ڇو ڪئي؟ نه ڪيان ها سٺو هو. چئي ڇڏيان ها ته مون کي ليٽر مليو ئي ناهي، پر اهو ممڪن نه هو. ليٽر آڻيندڙ ڪلارڪ خونخوار ٿي ويو هو. هڪ ڀيرو کيس جواب به ڏنو هيم ته وڙهڻ تي اچي ويو. هن کي پنهنجي نوڪري جو خطرو هيو.
ها، اهو به ٿي سگهي ٿو منهنجي نڙي ۽ ڦڦڙن ۾، ۽ شايد منهنجي جسم تي به اهي سوين پير خطري جا آهن، اهو خطرو منهنجي پٺيان ڊوڙي رهيو آهي.
منهنجي چهري تي اکين هيٺان کاڏيءَ تائين به چرپر محسوس ٿي. پر اها چرپر بلڪل مختلف آلي آلي هئي. مون کي لڳو ته ماڪوڙا ڪنهن آلي وڻ تان لهي رهيا آهن. منهنجو ساڄو هٿ هڪدم کاڏي ڏانهن وڌي ويو. انهي مهل امان جو آواز ڪن تي پيو؛ ”هي ڇا هي فهمي!“
امان جي هٿ ۾ اهو ئي پنو هيو، جيڪو منهنجي هٿ مان ڇڏائجي ويو هو، ان جا لفظ منهنجي ڪاڪڙي ۽ ڦڦڙن ۾ چرپر ڪري رهيا هئا. پکي جي هوا ان پني کي ڪهڙي مهل در کان ٻاهر ڦٽي ڪيو هو، مون کي اها خبر ئي نه پئي؛ ”فهمي! تون روئي رهي آهين؟“ امان جو لهجي ۾ حيرت اوتجي وئي.
مون هڪدم رئي سان لڙڪ اگهي ڇڏيا ۽ امان کي ڀاڪر ۾ ڀري ڇڏيم. ماءُ جي ڀاڪر ۾ آسيس محسوس ڪرڻ لڳيس.
حقيقت ۾ خوف سڄي گهر ۾ واسو ڪري ويو هو. منهنجي ننڍي ڀيڻ ته ٽي وي هلائڻ ئي نه پئي ڏئي. موبائيل تي سوشل ميڊيا جي سرفنگ ڪندي اوچتو روئي پوندي هئي. يا صفا اهڙي چپ جهڙو ڪاٺ جو ڪو پراڻو دروازو. هن جي مايوسي ويتر سڀني کي ڊڄ ۾ وجهي ڇڏيندي هئي. هن جيئن جيئن سڄي دنيا ۾ وبا جي ڪري فوتگين جي وڌڻ جون خبرون ٿي پڙهيون ته گهر يا ٻاهر خوف جي لهر به ڄڻ وائرس بڻجي رهي هئي. اڃا سنڌ ۾ ته چئن ماڻهن جي مرڻ جون خبرون ڇا پکڙيون، ڄڻ گهر گهر، پاڙي اوڙي ۾ اڻ ڏٺو لامارو محسوس ٿيڻ لڳو. مان امان جي ڀاڪر ۾ هيس ته مونا اندر آئي. پلنگ تي ويٺي ۽ رڳو اسان ڏانهن نهاري رهي هئي. مان وٽس وڃي گڏ ويهي رهيس؛ ”مونا ڪجهه نه ٿيندو. ڇو ٿي ڊڄين؟ اهو ايئن ئي وائرس آ. ٿورو ٿڪو زڪام ڪري وري هليو ٿو وڃي.“
هن چيو؛ ”مان ڊڄان ڪٿي ٿي!“ لڳم ته هن جي لهجي، چهري ۽ اکين ۾ مايوسي چري پري رهي آهي.
”ته پوءِ ايئن ڇو آهين، مايوس مايوس!“ مون پنهنجي لهجي مان خوف کي ڇنڊيندي چيو.
”الاءِ. بس رڳو بوريت ٿئي ٿي.“ ايئن چئي هوءَ وري اتان هلي وئي.
جيڪڏهن ڀؤ نه هيو ته سڌير کي نه هيو، پر ان بابت ڀوَ ۾ سمورو گهر ورتل هيو. هن کي ڄڻ اسڪول بند ٿيڻ کانپوءِ رولڙي جو موقعو ملي ويو هو. انهن ٻن چئن ڏينهن دوران هُن کي ٻاهر وڃڻ کان روڪيندي ۽ جي نڪري وڃي ته واپس گهرائڻ لاءِ جتن ڪندي امان کي ته ساڻو ڪري ڇڏيو هئائين. ٻه ڏينهن اڳ ته مان سچ پچ پريشان ٿي ويس جڏهن امان جو گهڻو ڳالهائڻ سبب ڳلو ويهجي ويو، جنهن ڪري کنگهه ۽ زڪام ۾ وٺجي وئي. منهنجا ته هٿ پير ٺري ويا. الڪو جاڳي پيو ته ڪٿي امان کي ڪورونا ته ناهي لڳي ويو. ان حالت ۾ ڪلاڪ بعد امان کي ننڊ آئي ته سندس ڪمري مان ٻاهر آيم. ورانڊي ۾ مونا ۽ سڌير ويٺا هئا. سڌير جو منهن لٿل هيو. مونا کيس چئي رهي هئي؛ ”سڌير تون گهر ۾ اسان جو اڪيلو ڀاءُ آهين. ادي يا مان اتفاق سان وائرس لڳڻ سبب مري به وڃون يا اسان جون ٻاهر ڪٿي شاديون ٿي وڃن، ڀلا تون ٻڌاءِ، ان کانپوءِ گهر ۾ امان جو خيال ڪرڻ وارو ڪير هوندو؟“ سڌير حيرت ۾ مونا کي ڏٺو؛ ”تون ئي ته اڪيلو امان جي اميد آهين. پنهنجو خيال ڪر. امان جي ڳالهه مڃيندو ڪر.“
منهنجون اکيون ڀرجي آيون. نڙيءَ ۾ سڏڪي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪندي ڪمري ۾ اچي، در بند ڪري روئڻ ۾ پيس ته لڙڪ رڳو ٻنهي اکين مان لهي کاڏيءَ وٽان نه ٿي لٿا پر انهن تي وهڪرا ٺاهي ڇڏيا هئا.
مون چپ ڀڪوڙي، اڌمن کي روڪڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي. مونا مون کان چار سال ننڍي هئي ۽ اڃا فرسٽ ييئر ۾ هئي. سڌير اٺين درجي ۾ هو، هوءَ ان کي سمجهائي رهي هئي؛ ”بابا سائين جي مرڻ کان پوءِ اسان جو هڪ سهارو امان آهي ۽ ٻيو ادي. امان چوندي آهي ته...“ منهنجي ڪنن آڏو ڀتيون اسري ويون. ڪو به آواز اچڻ بند ٿي ويو. اکيون يڪ ٽڪ ٿي ويون. انهن جا گهارا به بند ٿي ويا. شايد مون پاڻ کي گهلي پلنگ تي پهچايو هيو ۽ ڀت جيان بستري تي ڪري پئي هيس.
امان مون کي ٻانهن کان ورتو ته مان خيالن مان موٽي آيس، هن چيو؛ ”مان تنهنجي ماما کي چوان ٿي. اهو تنهنجي اها ڊيوٽي ختم ڪرائيندو. تون بلڪل پريشان نه ٿي.“
مون ڊگهو ساهه کنيو؛ ”امان اهو مشڪل آهي. ليٽر ۾ لکيل آهي ته ڪو به عذر نه ٻڌو ويندو. رخسانه اسان جي جنرل سيڪريٽري آهي ان چيو پئي ته هن منسٽر کان به ايپروچ ڪرائي پر سندس ڊيوٽي ڪينسل نه ٿي. مون کي ان ڊيوٽي تي وڃڻو پوندو يا نوڪري تان هٿ کڻڻو پوندو.“ جسم ۾ آيل ڪنبڻي ڪپڙن جي اندر رهجي وئي. مون ڪنڌ ۽ مٿي تائين ڪنبڻي کي پهچڻ کان روڪي ورتو.
امان بلڪل چپ ٿي وئي. مون سندس هٿ پڪڙيا. هن جا هٿ ٺري ويا هئا. سکر جي ليبر ڪالونيءَ ۾، جتي اڃا ليبر مان ڪو رهيو ئي نه هو، اتي هزار کان مٿي اهڙن ماڻهن کي آندو ويو جن مان ڪي وائرس جو شڪار ٿيل هئا يا امڪان هو يا وري انهن مان ڪي بنا وائرس وارا هئا. اهي ايران مان موٽيا هئا جتي وبا وڏا ڪِيس ڪيا هئا، جيئن چين، توڙي يورپ جي ملڪن ۽ آمريڪا ۾ راڱا ڪيا هئائين ۽ دنيا تي راڪاس بڻيل هئي. ليبر ڪالوني ۾ ڪورونا جو شڪار ٿيل ماڻهن جي پرگهور لهڻ وارو خوف، وبا سان گڏجي ٻيڻو ٿي ويو هو. اها به خبر هئم ته اتي ٻيو عملو ڪم ڪري رهيو آهي. پنهنجي ڊپ ۽ امان جي حالت مون کي وائڙو ڪري ڇڏيو هو.
جيئن امان جا هٿ ٿڌا هئا، تيئن هوءَ ٿڌي لهجي سان آٿت ڏيندي، ڪمري مان نڪري وئي. مون ڊگها ڊگها ساهه کنيا. مٿو ڳرو ٿي ويو هو. لوندڙيون، ڌنوڻ لڳيون هيون. سمجهه ۾ نه ٿي آيو ته ڇا ڪيان. پاڻ سنڀاريان، امان کي آٿت ڏيان. پلنگ تي ويٺيس مس ته مونا چانهه کڻي آئي. مون کي مٿس تمام گهڻو پيار اچي ويو. ٽِري ۾ ٻه ڪوپ چانهه جا هئا ۽ منهنجي پسند جا بسڪوٽ پليٽ ۾ پيل هئا. مان حيران ٿيس ته ٻه چانهه جا ڪوپ ڇو آندا اٿائين؟ مون کي خبر هئي ته مونا شام جو چانهه پيئندي ئي ناهي. صبح جو به رڳو ڪاليج وڃڻ مهل رڳو بسڪوٽ يا پاپا چانهه ۾ ٻوڙي، اهي کائي پوءِ ويندي هئي. هوءَ به پلنگ تي ويهي رهي. اسان ٻنهي جي وچ ۾ ٽري پيل هئي. پاسي ۾ ويٺل مونا انتهائي سنجيدا لڳي رهي هئي. هوءَ مون کي، مون جيتري پئي لڳي. ڪمري ۾ سوين ترورا مون کي عجيب رنگن وارا ٿي لڳا. جڏهن خاموشي ڪجهه وقت تائين ختم نه ٿي ته مون ئي کانئس پڇيو؛ ”هي ٻيو ڪوپ ڪنهن لاءِ آندو اٿئي؟“ سندس هٿ پڪڙيندي چيم؛ ”سچي ڳالهه اها آهي ته وقت تي چانهه آندي اٿئي ڏاڍي ٻاڙ لڳي هئي.“ منهنجي ”ٻاڙ“ لفظ تي هوءَ مرڪي پئي جو امان ۽ بابا ۾ ان لفظ تي جهيڙو ٿيندو هو. امان بابا کي اسان ٻارن جي سامهون سگريٽ پيئڻ تي منع ڪندي هئي ته بابا کيس پنهنجي ٺاهيل مخصوص لھجي سان چوندو هو؛ ”چٻلي، مان ڇا ڪيان ”ٻاڙ“ کي روڪي نه ٿو سگهان.“ امان ان ”ٻاڙ“ کي ”ڀاڙ“ بڻائي بابا کي ڏاڍيون ٻڌائيندي هئي ۽ اسين لڪي لڪي کلندا هئاسين.
”ٻي چانهه مون پنهنجي لاءِ آندي آهي.“ هن رڳو ايترو چيو ۽ چانهه کڻي پيئڻ لڳي.
”مونا! تون ته چانهه پيئندي ئي ناهين!“ مون حيرانيءَ وچان کيس چيو.
”ادي! وبا جي ڏينهن ۾ گرم شيون پيئڻ ضروري آهن. اهو ئي علاج آهي، اهو ئي بچاءُ آهي.“ مونا ڄڻ ڊاڪٽرياڻي ٿي وئي هئي ۽ مون کي ٻڌل ۽ هليل ڳالهين جي اثرن جو اڳ ئي اندازو هو. هن چانهه جو ڪوپ ٽري تي رکندي چيو؛ ”الاهي وڊيوز ۽ پوسٽون ڏٺيون آهن، چون ٿا ليمي وارو گرم پاڻي پيئو. ليمو گهر ۾ هيو ڪون. مون سوچيو؛ ڇو نه توهان سان گڏجي چانهه پيئان. اها به ته گرم آهي.“
سوين هدايتون، ٽوڻا ڦيڻا، دوائن جا ڏس، وهم، وسوسا، افواهه، الاءِ ڇا ڇا ان سوشل ميڊيا جي ڪري گهر گهر اندر ماڻهن جي ذهنن ۽ ڳالهين ۾ وائرس جيان پکڙجي ويا هئا. افواهه هڪ ٻي وبا وانگر هئا. مونا به جيستائين مون سان گڏ ويٺل رهي، وهمن ۽ وسوسن جون ڳالهيون ڪندي رهي. هن کي امان جي به گهڻي ڳڻتي هئي. ويٺي ويٺي چيائين؛ ”امان کي وائرس لڳي ويو ته مشڪل بچي سگهندي.“
مون کان جهڙوڪر رڙ نڪري وئي؛ ”مونا اها ڪهڙي ڳالهه ٿي ڪرين!“ ڊپ ۽ وسوسا ته مون کي به هئا. مون کيس سمجهائيندي چيو؛ ”امان کي ڪجهه به ڪو نه ٿيندو. ڌڻي سائين سمورن وڏن جي ٻاجهه هڪدم ناهي هٽائيندو.“
هن ۽ مون باقي چانهه بنا ڳالهائڻ جي ختم ڪئي. هوءَ ٿانوَ کڻي ويندي ويندي چوڻ لڳي؛ ”ادي تون ان ڊيوٽي تي ڪو نه ويندينءَ نه؟“ جواب ٻڌڻ بنا هلي وئي. ان سوال ۾ هو فيصلو به ٻڌائيندي وئي. مون کي خبر هئي ته وهم ۽ وسوسا وبا سان گڏ ئي ويندا، ڇو ته افواهه به وائرس جيان پکڙجي ۽ چنبڙي رهيا هئا.
منهنجي سيل فون تي رنگ اچڻ لڳي. اسڪرين ڏٺم ته اتي آيل نالي وارا لفظ ٽي وي تي ڪورونا جي ٺهيل گرافيڪل شبيهه جهڙا ٿي لڳا. رڳو پهرين نظر ۾ ئي آفيس سپريڊنٽ جو نالو پڙهي سگهي هئم ۽ پوءِ اسڪرين جا اهي لفظ ڪورونا جيان منهنجن هٿن تي چنبڙي رهيا هئا. ڏڪندڙ هٿن سان کنيل سيل فون هيٺ ڪري پيو. بچاءُ اهو ٿيو جو بيڊ تي وڃي ڪريو. رنگون به پوريون ٿي ويون. مون سيل فون ڏٺو ٿي ته وري ان تي رنگ اچي وئي. مون فون کڻي اٽينڊ ڪيو. آفيس سپريڊنٽ جو آواز ڪن تي اچي ڪِريو. هن بنا احوال پڇڻ جي ڇپ جهڙي آواز سان چيو؛ ”فهميدا، توهان کي ليٽر ملي چڪو  آهي. صبح جو اٺين وڳي پهچڻو آهي.“
مان ڳيت به نه ڏئي سگهيس. ان دوران شايد وٽس ڪو اچي ويو ۽ آفيس سپريڊنٽ ان سان ڳالهائڻ لڳو هو. ان دوران مون پنهنجو پاڻ کي سهيڙي ورتو ۽ سوچيم ته کيس منٿون ڪري جان آجي ڪرائينديس. هن جيئن ئي ”هيلو!“ ڪيو مون هڪدم چيو؛ ”سر پليز منهنجي ڊيوٽي نه لڳايو. امڙ جي طبيعت انتهائي خراب آهي. سر پليز، منهنجي هيلپ ڪيو نه.“ منهنجو سڏڪو، لاٽونءَ وانگر فرش تي وڃي پيو هو ۽ جي مان پلنگ تي نه ويٺل هجان ته شايد مان به گهوماٽيون کائيندي فرش تي هجان ها.
”نه نه، اهي مٿان جا حڪم آهن. هر ڪنهن کي ڪا نه ڪا مجبوري آهي. سموريون نوڪريون مون اڪيلي کي ڪرڻيون آهن ڇا. جيڪو ڏس ساڳي ڳالهه ٿو ڪري.“ هن جي هڪ هڪاڻي واري انداز مان لڳو ته هو فون ڪٽڻ وارو آهي.
”سر سر منهنجي ڳالهه ٻڌو.“ مون هڪدم چيو؛ ”مان اها ڊيوٽي نه ٿي ڪري سگهان.“
”تنهنجي نوڪري به وڃي سگهي ٿي. تون ڪالهه منهنجي آفيس ۾ ٻه ڪلاڪ موجود هئين، ٻڌاءِ ڪنهن هڪ جي به ڊيوٽي ڪينسل ٿي هئي؟! ٻڌاءِ.“ هن اهو اهڙي لهجي ۾ چيو ڄڻ اوچتو فرينڪ قسم جو آفيس ڪليگ بڻجي ويو؛ ”ٻه صورتون تنهنجي نوڪري به بچائي سگهن ٿيون.“
”مون نه سمجهيو سر!“ حيران ٿيندي چيم.
”ڪورونا ڪيمپ جي ڊيوٽي.......“ هن هڪدم فون ڪٽي ڇڏيو. ايئن لڳو شايد ڪو وٽس اچي ويو هو.
مان برف ٿي چڪي هئس. سڌير ڊوڙندو مون وٽ پهتو. هن منهنجن هٿن کي پڪڙيو ته مون کي لڳو منهنجا هٿ پگهرڻ لڳا آهن. جڏهن سندس جملو ٻڌم ته مٿي کان پيرن تائين پَگهري ويم؛ ”امان کي الاءِ ڇا ٿي ويو آهي؟“
هڪدم اٿي بيٺس؛ ”ڇا ٿيو آهي؟“
”الاءِ خبر ناهي. ڏاڍو روئي ٿي.“ ايئن چئي سڌير منهنجي هٿ کي وڌيڪ جڪڙيو.
شايد ڪو ڇرڪ، ڪو صدمو به ڪنهن اڻ ڏٺي خوف جي جاءِ وٺي ويندو آهي. مان به ساڻس گڏ ڊوڙندي ڪمري مان نڪتيس. امان جي ڪمري ۾ پهتاسين ته اتي مونا به ويٺي هئي. مان امان جي سامهون اچي بيٺيس. منهنجي ورائي ورائي پڇڻ باوجود ته؛ ’آخر ٿيو ڇا هي؟‘ هوءَ رڳو سڏڪندي ۽ رئي جي پاند سان ڳوڙها اگهندي رهي. ڪو جواب نه ڏنائين. نيٺ مان به چپ ٿي ويس. ڪجهه دير بعد امان به سڏڪي سڏڪي خاموش ٿي وئي. مون، مونا ۽ سڌير کي ٻاهر موڪلي ڇڏيو. ”امان پريشان ٿيڻ سان ڪو مسئلو حل ناهي ٿيندو.“ مون امان جي سامهون گوڏن ڀر فرش تي ويهندي چيو. اهو چوندي منهنجي چپن تي خبر ناهي ڪهڙي مرڪ تري آئي هوندي، جنهن جي نه مون کي خبر ۽ نه امان ڌيان ڏنو هوندو.
”مان ڇا ڪيان ڌيءَ! نه چاهيندي به پريشاني ٿي وڃي ٿي. ڪنهن ٻڌايو ته ڪيمپ وارن ماڻهن کي به وائرس لڳي وئي آ.“ امان جو آواز خوف سان ڀريل هو. امان اوچتو اٿي ويٺي ۽ چوڻ لڳي؛ ”بس فهمي، ڌوڙ پائي تنهنجي نوڪري، جيءُ آهي ته جهان آهي. تو کي ڪڍي ڇڏن ته ڪڍي ڇڏن. تنهنجي پيءَ واري پينشن مون کي ملي ٿي، ان مان گذارو ڪري وينداسين. سڌير کي سرڪاري اسڪول ۾ داخل ڪرائينديس. مونا به هاڻي سرڪاري ڪاليج ۾ آهي، اتي ڪو خاص خرچو ناهي. بس ضرورت ناهي ته تون نوڪري ڪر.“ ڳالهائيندي ڳالهائيندي لڳم ته امان جو بلڊپريشر مٿي ٿيندو پيو وڃي. ڪاوڙ ۾ امان ڳاڙهي ٿي وئي ۽ وري اچي روئڻ ۾ ڇٽي.
مون امان کي نه ڳالهائڻ کان روڪيو ۽ نه روئڻ کان منع ڪئي. مان سندس ساڄو هٿ پڪڙي ان تي ٿپڪي هڻندي رهيس. اوچتو امان کي الاءِ ڇا ٿي ويو، چوڻ لڳي؛ ”مون کي اهو مئو وائرس نظر ايندو آهي. تنهنجي جسم جي ڳولها ۾ آهي. هو تو کي کائڻ لاءِ وات پٽيو ويٺو آهي. تنهنجي ڪري مونا ۽ مان به مرنداسين. اسان گهر ۾ هوندا آهيون. سڌير ان کان ڀڄي ويندو.“
مان هراسجي ويس. امان هڪدم پنهنجو هٿ منهنجي هٿن مان ڪڍيو، ڄڻ تاس جي ٿهيءَ وچان پتو نڪري ويو.
هوءَ اٿي بيٺي ۽ ”سڌير سڌير!“ ڪندي ڪمري مان ٻاهر نڪري وئي. اهو ڪڏهن مونا ته ڪڏهن مون تي پيو حملو ڪندو هو. پر امان کي پوري ريت لڳي ويو هو. مون کي پڪ هئي ته هوءَ ٻاهر نڪري سڌير کي گهر کان نڪرڻ جو منع ڪندي هوندي. ڪنهن کي نه ڪنهن کي پٽون پاراتا به ڏيندي هوندي. پنهنجي مرڻ جي به ڳالهه ڪندي هوندي. صحت کاتي ۾ هجڻ سبب مون کي خبر هئي ته وبا اڃا وڌيڪ پکڙجي ويندي. پر خوف به ان جيان ئي اڻ ڏٺي انداز ۾ پکڙجي رهيو هو.
رات جو امان کي گهڻو سمجهايم ۽ آسرو ڏنم ته آفيس سپريڊنٽ سٺو ماڻهو آهي. وڌ ۾ وڌ پگهار وٺندو، نالو ڪڍي ڇڏيندو. کيس اهو به سمجهايم ته وائرس برابر آهي پر جنهن کي لڳي هر ڪنهن کي ناهي ماريندو. سون ۾ هڪ به مشڪل سان. امان کي شايد انهن ڳالهين آٿت ڏني. هن سڄو ڏينهن ماني نه کاڌي هئي. اها ڳالهه ٻڌي هن ماني به کاڌي. ان دوران هوءَ سڌير کي سمجهائيندي رهي ته هو گهران ٻاهر نه نڪري. سڌير کي اها ڳالهه بلڪل ڪو نه ٿي وڻي پر هو چپ ٿي ٻڌندو رهيو. مون کي سندس اها ڳالهه سٺي لڳي. امان کي مطمئن ڏسي مون به پنهنجي مٿي تان بار جهڪو محسوس ڪيو.
اهو ڏهين وڳي رات جو وقت هوندو. اک لڳي اڃا ٻه چار منٽ مس ٿيا هئا جو منهنجي سيل فون تي رنگ وڳي. ڪال واٽس ايپ تي هئي. ڪمري ۾ زيرو بلب جي هلڪي روشني هئي. مان عام طور ڊيٽا بند ڪري سمهندي هيس. پر سڄو ڏينهن گهر ۾ پريشاني جو واسو رهيو ان ڪري موبائيل جي ڊيٽا بند ڪرڻ وسري وئي هئي. مون سيل فون جي اسڪرين تي نظر وڌي، اها وڊيو ڪال هئي. مون نه چاهيندي به اٽينڊ ڪرڻ چاهي پر تيستائين ان جي رنگن جو وقت پورو ٿي ويو. مون اڃا اهو سوچيو پئي ته آفيس سپريڊنٽ جي هن وقت ڪال ڇو آئي آهي. هڪڙي ئي ڳالهه ذهن ۾ آئي ته ڪا ايمرجنسي ٿي سگهي ٿي. هڪدم ٻيهر وڊيو ڪال اچي وئي ۽ مون به اٽينڊ ڪري ورتي. اسڪرين تي آفيس سپريڊنٽ هو. مون وارو پاسو بليڪ هيو. هن کي گنجي پاتل هئي. هٿ ۾ گلاس هيس. جنهن ۾ پڪ سان شراب جو پيگ ئي ٺهيل هو. هو صوفا سيٽ تي ويٺل هو. ”لائيٽ ته کول فهميدا، تون بلڪل نظر نه ٿي اچين.“ هن ڪجهه کائيندي حجت ۾ چيو.
مان ڪو به جواب نه ڏئي سگهيس. اوندهه وڌيڪ گهري ٿي وئي. اهو شايد مون ئي چيو هو، جنهن جي مون کي ڪل نه هئي؛ ”سر ڪا ايمرجنسي آهي، وبا گهڻي ڦهلجي وئي آهي ڇا؟“
”نائو ڪم ٽو دي پوائنٽ...!“ هن جي انگريزي پنجن لفظن تي ئي پوري ٿي وئي. هن کي به لڳو ته انگريزي ڳالهائڻ کانئس ڳالهه ڳري آهي ته چوڻ لڳو؛ ”تو کي خبر آهي وبا جي ڪري لاڪ ڊائون به شروع ٿي ويو آهي. هاڻ ڪنهن جي به ڊيوٽي نه ڪٽبي. ڀلي ڪو وزير نه هجي ان جو پيءُ هجي. نٿنگ، ڪٽنگ، ڊيوٽي.“ هن وري مروڙيل انگريزي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي؛ ”ڪورونا سينٽر تي هڪ ٻيو جٿو به اچي پيو. هاڻي اتي هزار کان به مٿي ماڻهو ٿي ويندا. ان لاءِ عملو به وڌيڪ کپندو ۽ ان ڳالهه جي به گهڻي پڪ ناهي ته اهو عملو وائرس کان ڪيترو محفوظ ٿو رهي.“ هن گلاس وات تي چاڙهيو ۽ لاڳيتو ٻه ٽي ڍڪ پي ويو.
مون کي کانئس ڪراهت ته محسوس ٿيڻ لڳي ۽ هن جو وجود اسڪرين مان به بدبودار لڳي رهيو هو. ورچوئل بجاءِ ايڪچوئل ٿي لڳو. خيالن وسيلي حواس کي بدبوءِ اچڻ جو مون کي پهريون تجربو ٿي رهيو هو. هن گلاس ٽيبل تي رکيو. گلاس ٽيبل تي رکجڻ جو آواز به آيو. اسڪرين تي هن جو وڌيل پيٽ ۽ ٻوٿ نظر ٿي آيا.
”لائيٽ کول ته ٻيون ڳالهيون ٻڌايانءِ ۽ تو کي به ڏسان.“ هن چيو.
منهنجي خوف تي ڪاوڙ حاوي ٿي وئي هئي ۽ ان کان پهرين جو مان کيس اهڙو ڪجهه چوان، جنهن سان هو ناراض ٿئي، مون کي امان کي ٻڌايل ڳالهه ياد اچي وئي ته آفيس سپريڊنٽ پيسن تي منهنجو نالو ڪڍندو. مون به ضبط جا ٽي ڍڪ پي ڇڏيا. ٻيو ته هن ۾ سدائين ڪو نه ڪو ڪم پوندو هو ۽ مان به ڪڏهن ڪڏهن وٽس آفيس ۾ وڃي ويهندي هئس، پر هِي لڪاءُ نئون هيو، مون بهانو ڪندي چيو؛ ”سر ڪمري ۾ منهنجي ڀيڻ ۽ ڀاءُ ستل آهن، لائيٽ آن ڪنديس ته اهي جاڳي پوندا.“
”ٺيڪ آهي. ڏسڻ وارو ڪم کڻي سڀاڻي روبرو آفيس ۾ ڪبو.“ هن ٿورو محتاط ٿيندي چيو؛ ”في الحال پاڻ ايئن ئي رهاڻ ٿا ڪيون.“
ايتري ۾ مون ڏٺو ته وٽس ڪو آيو ۽ گهڙي لاءِ اسڪرين تي اچي ويو، اهو ڪلارڪ شعبان هيو. پر هيو آفيسرن جو لاڏلو ۽ ان کي ڪيمپ تي خرچ پکي لاءِ رکيو ويو هو؛ ”سر اچي ويون رپورٽون.“
آفيس سپريڊنٽ کيس چيو؛ ”بس ڪر في الحال.“
”سر هڪ ڳالهه ڪرڻي آهي.“ مون اهڙي طرح آهستي ڳالهايو، جيئن کيس لڳي ته ٻيا ستل آهن، ان ڪري مان جهيڻي انداز ۾ ڳالهايان ٿي، ٻيو اهو اندازو هو ته شعبان جي اچڻ سبب فون نه ڪٽي ڇڏي. هونئن مون شعبان کي به چيو هو ته منهنجي ڊيوٽي ڪٽرائي. پر مون کي انتهائي عجيب به لڳي رهيو هو.
”چئو، تنهنجو ڪم نه ٿيندو ڪنهن جو ٿيندو.“ هن اک هڻندي چيو ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر گلاس کنيو ۽ لڳم ته خالي ئي ڪري ڇڏيائين.
مون کي هن جي اک مان سندس خواهش منهنجي جسم ۽ ساهن ۾ ڦهلجڻ لڳي. مون کي منهنجو سينو وٺجندي محسوس ٿيو. خوف ۽ خواهش جي نظر نه ايندڙ شڪلين ۾ هو به مون کي وائرس جيان لڳو.
هُن پاسي به ٿوري دير لاءِ سانت ڇانئجي وئي. اوچتو شعبان جو پريشانيءَ ۾ آواز آيو، ”منهنجي ڳالهه ٻڌو!“
”نه ٿو مڙين ته ڦاٽ کڻي.“ هن کيس چيو.
”ڊاڪٽر اختر صاحب سمورين ٽيسٽن مان پازيٽو ۽ نيگيٽو جا نالا الڳ ڪيا آهن. ان ڏينهن پاڻ به ڪيمپ تي هياسي. ٻئي ڏينهن اسڪريننگ لاءِ به گڏ هلياسين ۽ گاڏي ۾ گڏ واپس آياسي.“ شعبان جي آواز ۾ ڏڪڻي هئي.
آفيس سپريڊنٽ صفا لڏي ويو؛ ”ڇا هي رزلٽ ۾؟“
”سر توهان جو نيگيٽو آ، پر منهنجي ٽيسٽ پازيٽو آئي آ. هاڻي سڀني جون ٻيهر به ٽيسٽون ٿينديون.“ شعبان سڏڪن ۾ پئجي ويو.
آفيس سپريڊنٽ جي مٿس گار مٿان گار شروع ٿي وئي. ڊپ وچان منهنجي هٿن مان سيل فون ڪري پيو. پر هن ڀيري اهو فرش تي ڪريو ۽ ان جي ڀڄڻ جو آواز مون چڱي طرح ٻڌو ۽ ڪي نظر نه ايندڙ شيون جسم ۽ ساهه کي وڪوڙڻ لڳيون.

No comments:

Post a Comment