Tuesday, April 28, 2020

ڊاڪٽر تهمينه مفتيءَ جي ڪهاڻي ڪتاب ”ڪٿا اپڪٿا“ تي هڪ نظر - امر لغاري


ڊاڪٽر تهمينه مفتيءَ جي ڪهاڻي ڪتاب ”ڪٿا اپڪٿا“ تي هڪ نظر
امر لغاري
ايڪيهين صديءَ جي پهرين چوٿائيءَ ۾ اڄ به جڏهن اسان پنهنجي شهري توڙي ٻهراڙيءَ واري سماج جو جائزو وٺون ٿا ته ان ۾ عورتن جو وڏو تعداد اسان کي يا ته گهر تائين خادمه جي حيثيت ۾ محدود ملي ٿو يا وري کيتن ۾ ڪم ڪار ڪندي نظراچي ٿو. ”عورت کي سوچڻ جو حق ناهي“، ”عورتون گهر ۾ فقط ٻار پئدا ڪرڻ ۽ ٻنيءَ ۾ پنهنجن ڀوتارن لاءِ هڄڻ لاءِ ئي پئدا ٿيون آهن“، ”عورتن کي ڪو به حق ناهي ته هو پنهنجي اندر جا اڌما شاعريءَ جي روپ ۾ بيان ڪن“. سماج پنهنجي پدرشاهانه سوچ واري طاقتور موقف ذريعي عورت جي ذهن (conscious) کي مسلسل ترتيب ڏيندو رهي ٿو. اهو ئي سبب آهي ته اهو عورت جي ذهني پورهئي توڙي شعور کان انڪاري آهي. پر جڏهن به عورت کي شخصي آزاداي، خودمختياري ۽ سوچڻ جو موقعو مليو آهي ته هن نه فقط پاڻ کي جسماني طور مضبوط هجڻ جو احساس ڏياريو آهي، پر ذهني توڙي شعوري طاقت کي استعمال ڪندي سماجي، سياسي، معاشي ۽ تخليقي ميدانن ۾ به پاڻ مڃائي ڏيکاريو آهي. نئين دور جي حساب سان سماج جو هيءُ هڪ عجيب ۽ ايبنامل روپ آهي. ايئن ڀاسي ٿو سنڌ ڄڻ ته ٻن سياسي ۽ سماجي انتحائن وچ تي ٽنگيل هجي. هڪ تعصب ۽ تنگ نظريءَ ۾ ڦاٿل شهري سماج  ۽  ٻيو رياستي ڏاڍ جي زور تي اڏيل وڏيرن، جاگيردارن ۽ سردارن جي ٻهراڙي.


پاڪستان ۾ تخليق ٿيندڙ سنڌي ادب انهن ٻنهي انتحائن جي چڱي پر ڇنڊڇاڻ ڪري ٿو. ڊاڪٽر تهمينه مفتيءَ جي لکيل ڪهاڻي ڪتاب ”ڪٿا اپڪٿا“ اندر به اهڙا ئي ٻه سماج سپيءَ جيان ساهه کڻندي نظر اچن ٿا. عورت هجڻ جي ناتي هن جي ڪهاڻين اندر هڪ نئين حساسيت جو اڀار ملي ٿو.
ليکڪا جنهن خوبصورتيءَ سان پنهنجي ڪهاڻي ”در لاهه ڏيئو ٻار“ ۾ سنڌ جي جنهن نهايت اهم ۽ ٻرندڙ مسئلي تي قلم کنيو آهي، سو نه فقط پڙهندڙ جون اکيون کولڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿو،  پر اسان سڀنيءَ جو ڌيان ان منجهان جنم وٺندڙ سوالن ڏانهن به ڇڪائي ٿو. سنڌ ۾ پنهنجو گهر ڇڏي ڪنهن ڇوڪريءَ جو ڪنهن مرد سان ڀڄي وڃڻ هڪ وڏو عيب سمجهو وڃي ٿو. گهٽ ماڻهن ان ڳالهه تي سوچيو آهي ته سماج ان کي برو ڇو ٿو سمجهي، ۽ ڇوڪريءَ کي سڄي عمر لاءِ ڀاڄوڪڙ جو لقب ڇو ٿو ملي. اسان ڀڄڻ جي سببن  تي ته مٿاڪٽ ڪيون ٿا، پر ڀڄندڙ ڇوڪر ۽ ڇوڪريءَ جي ان اوچتي عمل سان پنهنجي خاندانن جي فردن سان جيڪي رشتا ناتا متاثر ٿين ٿا، ۽ وري هڪ ڏينهن اندر جيڪي نوان رشتا خاندان جي فردن تي مسلط ٿين ٿا، تن جي سماجي ۽ معاشي پاسن کان اسان سوچڻ جا عادي ناهيون. هيءُ ڪهاڻي هڪ اهڙي ئي جوڙي جي مائٽن جي پنهنجي اولاد جي پيار کي پروان چاڙهڻ لاءِ ڏنل قربانيءَ جو اذيتناڪ داستان آهي، جن پنهجي ۽ پنهنجن ٻارن جي جان بچائڻ خاطرِ پنهنجا پڊ ۽ زمينون وڃائي، شهرن ۾ رلي پرايا ٿانوَ ٺڪر ڌوئي، حالتن پاران ٿاڦيل خانابدوشيءَ واري زندگي گذارڻ قبول ڪئي. اڳتي ڪهاڻيءَ جي مک ڪرادار شهناز ۽ ان جي ٻارن کي مڙس به ڇڏي وڃي پرايو ٿيو. هُن جو  پيار تان به ويساهه کڄي ويو. هوءَ پنهنجي پاليل پٽ ۽ ان جي ڀڄايل پيار جو ڦل ڏسي، نوجوان نسل کي ڄڻ ته خبردار ڪندي چوي ٿي :
”.... اهڙي پيار جو فائدو؟ جنهن جي انجام جي اڳواٽ خبر هجي. اهو عشق ڪهڙو، جيڪو گهر ڀاتين لاءِ بربادي ۽ ڏک جو سبب بنجي!“
ليکڪا انهيءَ ئي ساڳي ڪهاڻيءَ ۾ هڪ طرف شهناز جي واتان”پيار هڪڙن پاتو ۽ برباد ٻيا ٿيا“ جو تاثر ڇڏي ٿي ته ٻئي پاسي گڏو گڏ ڪهاڻيءَ جي بيان ڪندڙ ڪردار جي حيثيت ۾ پيار کي خوشين ۽ مسرتن جو حاصل به ڪوٺي ٿي. هوءَ چوي ٿي ته :
”پريت برباديءَ جو ڪارڻ نه پر خوشين ۽ شادمانن جو سنيهو آهي. منهنجي اندر هر هر پئي ورجايو اسان نياڻين لاءِ ٻيا ٿي پوندا آهيون. سندن جنم تي اسان جا منهن لهي پوندا آهن، ڪنڌ جهڪي ويندا آهن....“
ٻي جاءِ تي سندس ڊائلاڳ آهي ته  :
”شهناز، هنن ٻنهي پيار جو ديپ جلائي اونداهين کي روشن ڪرڻ پئي چاهيو. شفو ۽ ساران اڻ اظهاريل محبتن کي زبان ڏني.“
ليکڪا هن ڪهاڻيءَ ۾ جيترو سهڻو سنڌ جي روح ، ان جي اندروني منظر ۽ سندس ڇڪ جو اپٽار ڪيو آهي، اوترو ئي وري شهري سماج جي اوپرائپ ۽ ان جي ڌاريئي پن جو تاثر ڏنو آهي. شهناز ٻهراڙيءَ جو ڪردار آهي، جو هاڻ شهر ۾ هڪ فرضي نالي سان سنڌ جي وڏيرڪي سماج جي ڪاتيءَ کان بچندو لڪندو وتي ٿو، تنهن جي واتان پنهنجا اباڻا ڪک ياد ڪرائيندي لکي ٿي ته:
”جنهن مهل گهر جو اڱڻ ٿي ڇڏيم، تڏهن ڪنڍي ۽ چال ورائي ورائي ٿي مون ڏانهن ڏٺو. ننڍڙن ڦرن کي ڏهائي مهل ڇڏينديئي ٿڻن م کير لهڻ ۽ چونئريءَ جو کير سان ڀرجي وڃڻ واري اها ويل، منهنجي اکين آڏو پئي ڦري. ڦٽين جو چونڊو ۽ پلاندن جو ڀرجڻ مونکي ياد اچي رهيو هو. هاڻ ته جهوليءَ ۾ ڪجهه به نه هو. ابابيلن جا ولر ۽ ڪونجڙين جي قطار جو هڪٻئي پويان ڍنڍ ڪناري لهڻ ڏسي نه سگهنديس. مينهن ڪڻين ۾ ڪچيءَ مٽيءَ جي سڳنڌ جو واس منهنجي روح مان ڪڏهن به نه ويندو. گهر جي بتين کي ڀاڪر پائي رنس.“
ليکڪا جون هي سٽون نه رڳو هن جي خوبصورت ڊڪشن کي ظاهر ڪن ٿيون، پر اهو پڻ ٻڌائينديون هلن ٿيون ته سنڌ جي هر عورت منجهه هڪ مارئي رهي ٿي، جنهن جو ساهه پساهه ڌرتيءَ جي محبت ۽ ان جي خوشبوءِ سان رچيل آهي. شهناز ۽ ڪهاڻي بيان ڪندڙ آپا جي سوچن جون نديون وچ ۾ ڪٿي ڪٿي هڪٻئي ۾ ڇوڙ ڪندي به نظر اچن ٿيون. اهڙي قسم جي حادثي جو ڪارڻ اڌوري پن جو اهو احساس آهي، جنهن آپا جي لاشعور ۾ سر ڪڍي جهاتي پائي ٿي ورتي.
”.... سانوڻ جي مينهوڳي رت جون بيواجبيون اهڙي طرح بيان ڪندي هئي، جو ڄڻ اهي منهنجي ئي وجود جو حصو هجن، منهنجو اصل ۽ ازل هجن....“
ليکڪا هن ڪهاڻيءَ ۾ پنهنجن پاران ڪيل بي واجبين کي تمام سهڻي نموني چٽيو آهي.
ڪتاب جي ٽائيٽل ڪهاڻي، نه نظر ايندڙ قوتن هٿان گم ڪيل شخص ۽ ان جي پريمڪا جي اڌوري ڪهاڻيءَ آهي، جا سماجي اڻبرابريءَ ڪري هڪ داستان بنجي وئي آهي. ليکڪا هي ڪهاڻيءَ پاٺڪ ۽ ڪهاڻيءَ جي مکيه ڪردار سان مخاطب ٿي ڪري لکي آهي. ٽيڪنڪ جي اهڙي انداز ذريعي ڪهاڻي بيان ڪندڙ هر وقت سيڪنڊ پرسن (تون) ۽ ضمير غائب (هو) ۽ پڙهندڙن وچ ۾ هڪ ڪردار ۽ ڪهاڻيڪار جي شڪل ۾ موجود رهي سگهي ٿو ۽ ڪردارن جي اندر جا احساس ڀرپور نموني بيان ڪري سگهي ٿو. خط انڪري ئي احساسن جا ڀنڊار ۽ دل کي ڇهندڙ هوندا آهن جو اهي پڙهندڙ سان مخاطب هوندا آهن. پڙهندڙ کي ايئن ڀاسندو آهي ڄڻ لکندڙ هن سان ڳالهائي رهيو آهي. مخاطب ٿيندڙ جي هر ڳالهه هن جي دل اندر پيهي ويندي آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ گم ڪيل ماڻهو هڪ ٻٽي تشبيهه بنجي وڃي ٿو. هڪ ڊڪٽيٽر خلاف جدوجهد جي علامت سان گڏوگڏ هو پيار جي تڪميل لاءِ وڙهندڙ اهڙو سپاهي به هوندو آهي، جنهن کي سماجي اڻبرابريءَ جي تلوار پنهنجي منزل کان ڇني ڌار ڪري ڇڏي ٿي، ان اذيتناڪ درد سان ته هن جو عام هجڻ ناقابل قبول عمل آهي. سنڌ ان هڪ خرابي ڪري اڄ ڪٿي بيٺي آهي. هڪ طرف وڏيراشاهي، جاگيرداري، بزنيس ڪلاس خاندان ، عسڪري ۽ سول ڪاموراشاهيءَ جا ترڪتال آهن ته ٻئي پاسي وري ملڪ جو پيڙهيل، انهن طبقن آڏو سر کڻندڙ ۽ تبديليءَ جا خواب ڏسندڙ غريب عوام آهي، جو شودر وانگر هنن کان ستر قدم پري ويٺو آهي. ليکڪا ڪهاڻيءَ ۾ عورت جي تنهائيءَ کي به چٽڻ ۾ ڪامياب وئي آهي، جا پنهنجي محبوب لاءِ هر پل واجهائيندي رهي ٿي، جو هن جي وجودکي  تنهائيءَ جي مچ ۾ سڙندو ڇڏي ويو آهي، جنهن جي ظاهر ٿيڻ (موٽي اچڻ) سان اهو خال ڀرجڻو هو، جو رياست جي جبر ۽ سماج جي جاگيرداراڻا روش جي ور چڙهي ويو آهي.
ليکڪا خيال آرائيءَ کي ڇڏي، ڪهاڻي وارتا مان ئي پنهنجا نتيجا ڪڍيا آهن، جيڪي ڪهاڻيءَ جي فني لوازمات ۾ هن جي غيرجانبداريءَ ڏانهن اشارا ڪن ٿا.
ڪتاب جي ستن ڪهاڻين مان ”زوال جي ڪهاڻي“ انتظار حسين جي ”آخري آدمي“ جو سهڻو  ترجمو آهي. باقي ڇهه ڪهاڻيون ليکڪا جون پنهنجون تخليق ڪيل آهن. ”ڪيسپر جي ڪهاڻي“ ۾ هن سنڌ جي ادارن جي ذوال کي پنهنجو مضوع بنايو آهي. ڪيسپر، جنهن جو ڪردار هڪ جن جو آهي، سو پاڪستان جي ذوال پذير سماج ۾ منافقت، اقراپروري، رشوت خوري، فراڊ  ۽ خودغرضيءَ کي بي پاڙيءَ ول جيان اسرندي ڏسي ٿو. حڪومت جي مٿين اقتدار آعلي تي راڄ ڪندڙن جي ٺلهي روشن خياليءَ کان وٺي، پرائمري اسڪول جي انتظام تائين، جيڪو خراب ٿي رهيو آهي، جيڪو ڪوڙ ڳالهائجي رهيو آهي، اهو بلڪل سچ آهي. سماج جي ان ڀڃ ڊاهه وارن منظرن جي باوجود ڪيسپر، جو ڪهاڻيءَ بيان ڪندڙ آهي، مستقبل ۾ اميد رکي ٿو. اميد ان ڳالهه جي نه ته سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو، پر اميد ان ايندڙ نئين سماج جي، جو تاريخ جا سبق پنهنجي نئين ارتقا ۾ سمائي هلندو.
”نيڻ نظارا“ ۾ ڊاڪٽر تهمينا ان بدنصيب خانابدوش نياڻيءَ جو ذڪر ڪري ٿي، جا سماجي اڻبرابري يعني غربت ۽ رياست جي غيرذميواراڻا ڪردار جي پئداوار آهي. رياست ۾ رهندي به هوءَ رياست جي شهري ناهي. سماج ۾ رهندي به سماج جي پئداواري طبقي جو حصو ناهي ۽ سماج ڪن لاٽار ڪيو ان کي لڳاتار نظرانداز ڪندو پيو اچي. انڪري هن جي پئداواري قوت پنڻ ۽ جسم فروشي ئي وڃي بچي ٿو، جنهن جو سماج جي اوسر يا ترقيءَ ۾ ڪو به ڪردار ناهي. جنهن کي سماج ۽ رياست ٻئي برائي طور سڃاڻين ٿا. در در ڀٽڪندڙ قبيلن جون ڇوڪريون، اڄ جي ڪاري ڪامڻ ۽ ايڊز جي سڌي نشاني تي آهن. ڪهاڻيءَ جو خوبصورت پاسو ڇوڪريءَ جو آزاد هجڻ آهي، جنهن جي رومانس ۾ هوءَ اهو ڀلجي وڃي ٿي ته ڪيئن نه ٽرڪ ڊرائيور جي ڪوسين ٻاهن ۾، وچڙندڙ بيمارين جو خطرناڪ ٻوٽو وڌي وڻ ٿي چڪو آهي. هن جي ڀوڳنا ان ۾ ئي آهي ته هن لاءِ ڪو به ادارو ناهي. بلڪ هوءَ سماج ۾ اروڙيءَ تي اوڇلايل ان گند مثل آهي، جنهن کي ڪتو به کائي ته ماڻهوءَ به ڳڙڪائي. اهو حقيقت ۾ سسٽم ئي آهي، جو هن جو شڪار ڪري ٿو، نه ته سماج ۾ ڪٺورتا جي باوجود به هن جي جهول ۾ چار اٺ آنا ماڻهو اڇلائيندا رهن ٿا.
”ڪٿا اپڪٿا“ جون ڪهاڻيون، ڪارو ڪاري جهڙي ڪڌي رسم تان به پردو کڻن ٿيون. ڪهاڻين جا ڪردار رشتن جي ذات پرستيءَ واري شعورکان ويندي سماجي ڪشمڪش تائين گهڻيون ئي وڏيرڪي ۽ جاگيرداراڻيون روشون برداشت ڪندي زندگي گذاريندي ۽ زندگيءَ تان هٿ کڻندي نظر اچن ٿا. اهي مسلسل سياسي اڻبرابريءَ جو شڪار به ٿيندا رهن ٿا. سنڌ ۾ رهندڙن مختلف قومن جي  ماڻهن کي اڃا اهو ساهه کڻڻ ئي نصيب نه ٿيو آهي، جيڪو امن ۽ سڪون جي لمحن ۾ کين هڪٻئي ۾ ضم ٿيڻ جو موقعو ميسر ڪري ها. ان جي جاءِ تي مفادپرست طبقن ۽ ٽولن نفرت جا ٻج ڇٽي، جهيڙي جو پاڻي ڏيئي، پاڻ ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر بنجي، کين ويڙهائي، هنن کي پنهنجن ڊرامن ۾ اگهاڙو ڪري دنيا کي ڏيکاري رهيا آهن ته اهي ته اڃا سورهين صديءَ ۾ رهي رهيا آهن!

No comments:

Post a Comment