Monday, April 20, 2020

ڪورونو ۽ ماسي ڪامُلِ - انور ابڙو


ڪورونو ۽ ماسي ڪامُلِ
مختصر ڪهاڻي
انور ابڙو
منهنجو هڪ ويجهو دوست ساجن ۽ اُن جي ويجهن مائٽن جا ڇهه ست خاندان، ڪراچيءَ ۾ هڪ ئي پاڙي ۾ رهندا آهن. ڪلهه فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي. تمام گهڻو پريشان هجي. سبب معلوم ڪرڻ تي ٻڌايائين ته؛ ”ٻاهر ته لاڪ ڊائون آهي، پر اسان واري پاڙي ۾ لاڪ ڊائون کان لڳ ڀڳ اڳ جهڙو ئي ماحول آهي. اسان جي گهر اسان جون مائٽياڻيون، انهن جا ٻارَ ۽ مرد ساڳي طرح اچن وڃن ٿا، جهڙي طرح هو اڳ ۾ ايندا ويندا هئا. ٻارن کي به ساڳي طرح ڀاڪر ۾ کڻن ٿا، جيئن هو کين اڳ ۾ کڻندا هئا- ۽ اسان جا ٻارَ به هُنن جي گهر، اڳ جيان ئي اچن وڃن ٿا.“


مون کيس چيو ته؛ ”پوءِ سمجهايونِ ته ٿورو احتياط ڪن، جيڪو هُنن جي، پنهنجي لاءِ به ضروري آهي،“
وراڻيائين؛ ”ائين هڪ ٻه دفعو مون کين چيو ته هُو چڙي پيا. چيائون؛ ’ڪجهه ڪو نه ٿيندو. اوهان هروڀرو ڊڄو ٿا.‘ مون پنهنجي ستر سالن جي ماسيءَ کي به سمجهائيندي چيو ته؛ ’ماسي، ڏسو، صورتحال ڏاڍي خراب آهي. ڪورونا جي نالي وارو هڪڙو وائرس آهي، جيڪو ڏاڍو خطرناڪ آهي. اوهان وڏي ماتا به ڏٺي، ڪالرا جا ڏينهن به ڏٺا، ٽي بي به ڏٺي، ۽ ٻيون به ننڍيون وڏيون وبائون ۽ بيماريون به ڏٺيون، پر هيءَ وبا انڪري وڌيڪ خطرناڪ آهي جو هن جو هن وقت تائين ڪو خاص علاج ناهي تيار ٿي سگهيو.‘
’ته پو جيڪي ٻيون دائون ٺاهن ٿا، اهي هن ماريئي ڪوريني جي دوا ڇو نٿا ڪڍن؟‘ ماسيءَ جي ان ڳالهه تي مون کيس چيو ته؛ ’ماسي، اُهي ڪوشش ته ڪري رهيا آهن، پر چون ٿا ته، جيستائين اسان دوا ٺاهيون، تيستائين اوهان پاڻ پنهنجو خيال رکو. اوهان پنهنجو خيال رکندئو ته ان وائرس کان بچي سگهندئو. هن وقت ان کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي.... ۽ ان لاءِ ائين ڪرڻ تمام گهڻو ضروري آهي ته هڪٻئي سان نه ملو... گهر ۾ ئي رهو..... ٻاهر ضروري ڪم هجي، يا سيڌو سامان وٺڻو هجي ته ڪو هڪڙو ئي ماڻهو بازار يا شهر وڃي. پر هو لازمي طور ٻوٿاڙو جنهن کي ماسڪ ٿا چون، اهو ۽ هٿن تي هٿن جا جورابا، جن کي هُو دستانا ٿا چون، پائي وڃي. واپس اچي ته ڪپڙا بدلائي، اهي ڪپڙا ٻاهر ئي رکي... هٿن کي ٽيهن سيڪنڊن تائين صابڻ سان ڌوئي... بازار مان آندل سامان کي به ڌوئي.... جي موٽر سائيڪل يا سائيڪل اٿس ته ان جي هينڊل کي به صرف يا صابڻ سان ڌوئي.... ڪار اٿس ته ان جي دروازن کي به ڌوئي..... گهر جي ٻاهرئين دروازي جي ڪَڙي يا ڪنڍيءَ کي به صرف يا صابڻ سان ڌوئي..... ۽ پوءِ اندر اچي ويهي.... ان سان گڏ موبائيل فون، ڪمپيوٽر، رمورٽ ڪنٽرول، بجلي جي بٽڻن کي به هڪ پاڻيٺ جهڙي شيءِ آهي، جنهن کي سينيٽائزر چون ٿا، ان سان صاف ڪجي.... ان طرح ئي هِن بيماريءَ کان بچي سگهجي.“
”پوءِ؟“ مون پنهنجي دوست ساجن کان پڇيو.
”پوءِ ته ماسيءَ کي اها ڳالهه نه وڻي ۽ هلڪي ڪاوڙ مان چيائين؛ ’ابا، اسان ته هن کان به وڏيون وڏيون بيماريون ڏٺيون آهن، پنهنجيءَ عمر ۾. پر ائين ته ڪڏهن ڪو نه ٿيو ته جو ڪير ڪنهن سان نه ملي؟‘ جنهن تي مون بدران امان چيس؛ ’ادي ڪامُلِ، ساجن صحيح ٿو چوي. اسان سڀني کي ڪجهه ڏينهن تائين، پنهنجي پنهنجي گهر ۾ ئي رهڻ کپي.... اهو ئي في الحال ان جو علاج آهي... ٽي وي تي سڀئي ماڻهو اهو ئي چون ٿا.... سرڪار به اهو ئي چوي ٿي.... ٽي وي نٿي ڏسين ڇا؟ اُتي ته ڏيکارين ٿا ته جيڪي ماڻهو گهران ٻاهر نڪرن ٿا، پوليس انهن کي ماري ڪُٽي پوئتي گهرن ڏانهن ٿي موڪلي... تنهن ڪري تون ڪاوڙ نه ڪر.... ساجن جي ڳالهه کي سمجهه. ان ۾ ئي اسان سڀني جي چڱائي آهي...‘ پوءِ به ماسيءَ کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ۽ ڪاوڙجي اهو چوندي هلي وئي ته؛ ’ادي جمالان، سڌو سڌو گهر اچڻ کان جهلين ڇو نه ٿي؟ باقي ڪوريني جو بهانو ڇو ٿي بڻائين؟ ادي، اسان کڻي اڳتي تنهنجي گهر نه اينداسين. پنهنجي ٻچن سان خوش رهه.‘
امان پوئتان ماسيءَ کي هلڪي حيرت مان ڏسندي رهي.... پوءِ کِلندي مون کي چيائين؛ ’ابا، ان مُئي ڪوريني کان، اديءَ ڪامل جي ڪاوڙ سئو دفعا ڀلي آهي ... ڪوريني کان پوءِ اديءَ کي پرچائي وٺي اينداسين.‘“
مون ساجن کي چيو؛ ”تنهنجيءَ امڙ صحيح ڪيو ادا. سمجهداريءَ کان ڪم ورتائين....اسان کي ههڙين حالتن ۾ پنهنجي رويي ۾، ٿورو سخت ٿيڻو پوندو. تڏهن ئي وڃي هڪٻئي کي بچائي سگهنداسين.“
هُن اتفاق ڪيو.


(انور ابڙو جي فيسبڪ وال تان ۱۰ اپريل ۰۲۰ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment