Saturday, April 4, 2020

هوءَ پنهنجي بڻ بڻياد ۾ ڪهاڻيڪاره آھي


هوءَ پنهنجي بڻ بڻياد ۾ ڪهاڻيڪاره آھي
ڊاڪٽر اعجاز سمون
ڪتاب: خواب ۽ حقيقت
ليکڪه: سيما ابڙو
مون کي سيما ابڙو چيو؛ ”منهنجي ڪتاب جي مهورت آھي- توهان کي اچڻو به آھي ۽  ڪتاب تي ڳالهائڻو به آھي-“
پهريان ته ٻڏ تر ۾ پيئجي ويس - خيرپور کان ڪراچي- ايڏو پنڌ ڪري ڪتاب تي اچي ڳالهايان- انهي ڪري ها نه ڪيم - ۽ نه وري اچڻ جو ڪو وعدو ڪيم -پر سيما جيڪا ضد تي بيھي رهي-
چي: ”توهان کي ضرور اچڻو آھي.“
پوءِ مون کي لڳو ته اُھا سيما جي ضد نه آھي...
مون لاء سائين قبول ابڙو جو حڪم آھي...
مان سيما جي ضد کي ڪو بهانو ڪري ٽاري ٿي سگهيس... پر سائين قبول ابڙي جي حڪم اڳيان انڪار ڪو نه ٿي ڪري سگهيس...


سيما ابڙو، سائين قبول ابڙو جي نياڻي آھي ۽ پرويز ابڙو جي ڀيڻ آھي-
اهو ٻڌائيندو هلان ته جيترو منهنجو ويجهو دوست پرويز آھي... اترو ئي منهنجو دوست سائين قبول ابڙو هو - منهنجي ڪراچي اچڻ جي سائينءَ کي خبر پوندي هئي ته فون ڪري چوندو هو؛ ”رات اچجانءِ، ڪچهري ڪنداسين ۽ تاج بلوچ کي به گهرائي وٺنداسين.“ 
پر اتفاق سان سائين تاج بلوچ سان اتي ڪڏھن به ڪچهري ڪ ونه ٿي سگهي ۽ مان وري صبح جو ”سوجهري“ جي آفيس ۾ سائين تاج بلوچ سان ملڻ لاء هليو ويندو هئس-
ڪلفٽن واري گهر ۾، سنڌي ادب جا ٻه تمام خوبصورت ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار رهندا هئا- يعني ٻه ادبي دور گڏ گڏ رهندا هئا - پوءِ اچانڪ انهيءَ گهر ۾ ھڪ ٻيو ڪهاڻيڪار پيدا ٿي پيو - جنهن جي هڪ ڇپيل ڪهاڻيءَ جو ذڪر جڏھن مان ”سائين قبول ابڙي“ سان ڪيو هو ته کلي پيو هو- چيائين؛ ”مان به ميگزين ۾ پڙھي آھي... پر پاڻ ٻڌايو ڪڏھن به ڪو نه اٿائين.“
ائين انهيءَ خوبصورت گهر ۾ ٽيون ڪهاڻيڪار به ساه کڻڻ لڳو- اها سيما ابڙو هئي-
سيما بابت جئين پرويز، ڪتاب جي بئڪ پيج تي لکي اهو اعتراف ڪيو آھي ته؛ ”سيما... جا ڄائي ڄم کان ڪهاڻيڪاره آھي- نس نس ۾ جنهن جي رت بدران ڪهاڻيون ٿيون گردش ڪن... هوءِ پنهنجي بڻ  بڻيادَ ۾ ڪهاڻيڪاره آھي-“
مان به پرويز جي انهيءَ ڳالھ کي ٽيڪ ڏئي... سيڪنڊ ٿو ڪيان... ته سيما ابڙو پنهنجي بڻ بڻياد ۾ ڪهاڻيڪاره آھي...
انهيءَ ڪري سندس ڪهاڻيون - اوريجنل ۽ پنهنجي ئي رنگ ۾ رڱيل آھن-
ڇو جو هوءَ ڪنهن به وڻ جي ٽاريءَ مان ڦٽل گل ناهي- جو ان وڻ جي رنگ جي سڃاڻپ سان ادب ۾ سڃاتي وڃي... پر ادبي کيتر ۾ ھوءَ پنهنجي رنگ ۽ ڍنگ سان، پنهنجي الڳ سڃاڻپ کڻي آئي آھي...
انهي ڪري هوءَ ھر رنگ ۾ چٽي ۽ الڳ نظر اچي رهي آھي... پر پوءِ به سندس لکڻين ۾ خوشبوءِ- قبول ابڙي جي ضرور آھي- اهڙي خوشبوءِ هن مان اچڻ به گهرجي-
قبول ابڙو سنڌي جديد ادب جو ليکڪ هو- هن ڪيترا ئي خوبصورت ناول ۽ ڪهاڻيون سنڌي ادب جي جهول ۾ پنهنجي پڙهندڙن کي ڏنا - هو سيما ۽ پرويز جو بابا هو - منهنجو سائين هو... هو دوستن جو دوست هو- هر ويڪ اينڊ تي سندس گهر تي ڪچهري لاء آغاسليم - تاج بلوچ - قمر شهباز ايندا هئا- 
جڏھن هو بيمار ٿيو هو ته مان هن کي چيو هو؛ ”سائين! ليور-ٽرانسپلانٽيشن ڪرائي ڇڏيو!“
چيائين: ”ڊاڪٽر! جيئڻ کانپوءِ - هڪ ڏينهن مرڻو به آھي.“
ھو مرڪي پيو هو- هن جي مرڪ ۾ زندگي هئي -
ڪجھ سال گذي ويا هئا - هڪ ڏينهن خبر پيم ته هو گهڻو بيمار ٿي پيو آھي- وجود هيڻو ٿي پيو هئس - ان وقت هو ”ليور ٽرانسپلانٽيشن“ ڪرائڻ لاءِ تيار ٿي ويو هو- مون کي فون ڪري چيو هيائين؛ ”تون پنهنجي دوست هندو ڊاڪٽر کان، انڊيا واري ڊاڪٽر جو نمبر وٺي ڏي-“
شايد ان وقت هن جيئڻ ٿي چاهيو - پر وقت هن جي زندگيءَ مان آڱرين ۾ واريءَ جيان وهي چڪو هو - پوءِ هڪ ٻرندڙ ڏيئو سڄي گهر کي اونداه ڪري ويو هو- ۽ ادبي آڪاش تان هڪ  ستارو ٽٽي زمين ۾ دفن ٿي ويو هو...
اڄ هت ٻن مختلف ڪتابن جي مهورت آھي - ٻنهي ڪتابن جي ليکڪا وري هڪ ئي آھي - اُها به عورت آھي- عورت جيڪا ڄڻ  بگهڙن جي شهر ۾ ھڪ ڊنل هرڻي جيان ساه کڻي رهي آھي... اهڙي معاشري ۾ هن جي هٿ ۾ قلم آھي... جيڪو قلم خوبصورت ڪهاڻيون هڪ چترڪار جي رنگن وانگر چٽي ٿو...
منهنجي حصي ۾- جيڪو ڪتاب آيو آھي اهو ڪهاڻين جو ڪتاب آھي-  جنهن جو نالو آھي ”خواب ۽ حقيقت“.
خواب ۽ حقيقت“ جي ليکڪا سيما ابڙو آھي - سندس خوبصورت ٽائيٽل سان هي ڪهاڻين جو پهريون ڪتاب آھي - ڪتاب ۾ ڪل ويھ ڪهاڻيون آھن - ۽ ڪتاب جو مهاڳ محترمه ڪهاڻيڪاره تنوير جوڻيجو لکيو آھي...
مان سمجهان ٿو ته جيڪي هن هال ۾ ويٺل آھن - هن محفل ۾ جيڪي شريڪ ٿيا آھن- انهن سڀني هن ڪتاب جون ڪهاڻيون پڙهيون هونديون - جيڪر نه ته پوءِ ضرور پڙھڻ گهرجن...
مان به پڙهيون آھن -
پوءِ به منهنجي اڳيان ڪجھ سواليه نشان آھن...
ڪهاڻي ڇا آھي ؟... ڪهاڻيءَ جو جنم ڪئين ٿيو ؟...
ڪهاڻي ڇو ٿي لکي وڃي ؟... ڪهاڻي ڪنهن لاءِ ٿي لکي وڃي؟
ڪهاڻي جنهن کي انگريز ليکڪ چوي ٿو ”شارٽ اسٽوري“ آھي - وري سنڌي ليکڪ چوي ٿو ته اهڙو قصو جيڪو هڪ ئي ويهڪ ۾ - ويھن منٽن ۾ پڙهي پورو ڪجي-
بهرحال ڪهاڻيءَ تي گهڻا ئي بحث ٿي چڪا آھن-
پر مان چوندو آھيان ته جتي سوچ ۽ سوال جنم وٺي ٿو - اتي ڪهاڻي جنم وٺي ٿي - جت عقل - ڏاهپ ۽ شعور جو ٽڪراءُ آھي اتي ڪهاڻي اک کولي ٿي -
ڪهاڻي جو ته جنم پٿر جي دور کان ئي شروع آھي- غفائن ۾ ٺھيل تصويرون پڻ هڪ ڪهاڻي کي جنم ڏين ٿيون- ان بابت جيڪو قصو - آکاڻي ٻڌائي ٿو اها ڪهاڻي آھي -
رڳ ويد - کان وٺي رامهڻ- شاه جي سورمين کان وٺي - قرآن پاڪ تائين - ڪهاڻين جي ذريعي ئي ڳالھ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي -
سو ڪهاڻي هر دور ۾ موجود آھي- ۽ ماڻھوءَ سان لاڳاپيل ئي رهي آھي- جيستائين ماڻھو جو وجود آھي- تيستائين ڪهاڻي ان ۾ زنده آھي...
ڪهاڻي ڇو ٿي لکي وڃي؟ ڪنهن لاء لکي ٿي وڃي.
ڪهاڻي- سنڌي ادب ۾ نثر جي صنف آھي - جيڪا تمام گهڻي دلچسپ پڻ آھي... ۽ پڙھندرن لاءِ ھڪ وندر پڻ آھي-
انهيءَ ڪري اها صنف پڙھندڙن ۾ مقبول پڻ آھي - جنهن ۾  پڙھندڙ دلچسپي وٺي ٿو-  جيڪو ڪهاڻيءَ ۾ پنهنجي مسئلن جا حل ڳولي وٺي ٿو- ۽ پڙهندڙ- ليکڪ جي تحريرن سان معاشري کي ڄڻ آئيني ۾ ڏسي ٿو -
ڇو ته اديب ئي معاشري جو ترجمان آھي - جيڪو پنهنجن لکڻين سان منجهيل زندگين کي مونجهاري مان ڪڍي، جيئڻ جا مختلف دڳ ۽ پيچرا ڏئي ٿو... ڏيکاري ٿو...
پڙھندڙ وري کوڙ سارن ليکڪن مان پنهنجي پسند جا ليکڪ چونڊ ڪري ٿو... پوءِ اهي ئي سڄي حياتي سندس محبوب ليکڪ  بڻجي پون  ٿا...
ورهاڱي کان پهريان سنڌ ۾ چار ڪهاڻيڪارن ڪهاڻيون لکيون ٿي - جن ۾ شيخ اياز - محمد عثمان ڏيپلائي- نجم عباسي - جمال ابڙو پر ان دور ۾ ڪا به اهڙي عورت ليکڪا ڪو نه ٿي ملي، جنهن ڪهاڻيون لکيون هجن -
پر ورھاڱي کان پوءِ جيئن ته سنڌي ادب ۾ ماٺاڻ سان گڏوگڏ مايوسي ڇانئجي وئي هئي - روسي ادب ٽرانسليٽ ٿي ڪري سنڌي ادب کي پوئتي ٿي ڌڪيو... پوءِ ان مايوسي واري ماحول مان نڪرڻ لاءِ انهيءَ دور ۾ مرد ڪهاڻيڪارن سان گڏ عورت ڪهاڻيڪاره به ادب ۾ ظاهر ٿيون، جن اوريجنل ادب لکي، روسي ادب جي ٽرانسليشن واري ادب کي ڪاپاري ڌڪ ھنيو- ۽ سنڌي ڪهاڻيءَ ورهاڱي کان پوءِ ٻيهر وڏو ساه کنيو... ۽ ليکڪن وري ان دور جي گهرجن کي پورو ڪري، ڪهاڻي ۾ ڄڻ ٻيهر ساه ڦوڪيو -
ورهاڱي کان پوءِ جن ڪهاڻيڪارائن ڪهاڻيون لکيون، انهن ۾ بيگم زينت عبدالله چنا - رشيده حجاب - ثميره زرين - ماھتاب محبوب - خير النساءِ جعفري - نورالهدي شاه - جيجي زرينا بلوچ - فهميده حسين - مهتاب چنا - شبنم گل - تنوير جوڻيجو وغيره
ماضي جي ڪهاڻيڪارائن، ڪهاڻين جون جيڪي گهرجون هيون، پوريون ڪري ڪهاڻيون لکيون - پر جديد دور ۾ جديد ڪهاڻيءَ ۾ جيڪي ڪهاڻيڪارائون سنڌي ادب جي افق تي اُڀري آيون، انھن ۾ خير النساء جعفري - نورالهدي شاه ۽ مهتاب محبوب جيڪي سڀ کان اول آھن - جن جي بولڊ سبجيڪٽ تي لکيل ڇرڪائيندڙ ڪهاڻيون پڙهندڙن کي اڄ به ياد آھن - جيڪي پڙهندڙ- اهي ڪهاڻيون ڪڏھن ڪڏھن حوالي طور به ڪم آڻيندا آھن -
سيما جنهن دور ۾ لکي ٿي اهو جديد ڪهاڻي جو دور آھي- ڏاهپ ۽ شعور  جو دور آھي - هڪ مقابلي جو دور آھي - اهو دور ناهي جو چار پنج ڪهاڻيون لکي، ماڻھو پٽڪي کي ور ڏئي گهمندو وتي - ۽ وڏي ڪرسيءَ تي ويهي پيو ٻٽاڪون هڻي...
سيما جي هن ڪھاڻين جي مجموعي ۾ ڪهاڻي ”بي وفائي“ جي عنوان سان آھي -
سيما هن ڪهاڻي جا ٻه رخ  ڏيکاريا آھن-
پهريون رخ اهو ته مرد هن معاشري ۾ بي وفا آھي - اهو ليکڪا ڪهاڻيءَ ۾ عورت کي رڙيون ڪندي چورايو آھي -پوءِ اهو مرد پڙھيل لکيل هجي يا اڻپڙھ هجي -
ٻيو رخ اهو جيڪو ڪهاڻي جي ڪلائميڪس پڻ آھي-
اهو، اهو ته معاشري ۾ ڪنهن اڪيلي عورت جو مغل چاچا (مرد) سهارو بڻجي شادي ڪري ان کي گهر ۾ وٺي اچي ٿو - ته پهرين زال، مڙس کي مار ڪٽ ڪري ٿي- ۽ گارگند ڪري ٿي-
اتي سيما هڪ سوال ڇڏي ٿي معاشري اڳيان - ”ڇا مغل چاچا بي وفا هو.“
انهي ڊائلاگ تي ڪهاڻي ختم ٿئي ٿي...
ٻي ڪهاڻي جنهن جو عنوان آھي ”خيالي ڪهاڻي“ جيڪا مڪمل پلاٽ سان مڪمل ڪهاڻي آھي -  تمام خوبصورت ڪهاڻي آھي - جنهن کي پڙهندي آواز ڳرو ٿي وڃي ٿو - سڄو وجود  درد ۾ ڀرجي وڃي ٿو - خيالي ڪهاڻي هر ان گهر جي ڪهاڻي آھي جنهن گهر جي وڏي جي موت کانپوءِ پٺيان ڇڏيل ملڪيت جي ورهاست تي رشتن جو جهيڙو -پوءِ اها ورهاست رت جي رشتن کي ڇڳل تسبيءَ جي داڻن وانگر ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏي ٿي -
اُڪير“ ڪهاڻي احساساتي ۽ جذباتي ڪهاڻي آھي - ننڍپڻ جي ٿيل مڱڻي واري رشتي ۾ ڦاٿل هڪ نوجوان جي ڪهاڻي آھي - جيڪو يونيورسٽي جي رنگين دنيا ۾ اهو وساري ويٺو هو ته ڳوٺ ۾ به  سندس مڱ سورٺ ويٺل آھي... جيڪا رشتي ۾ سوٽ آھي... پر هو پنهنجي زندگي گذارڻ جو وعدو پنهنجي ڪلاس ميٽ سان ڪري آيو هو - پر آخر ۾ هو ڪو به فيصلو پاڻ نٿو ڪري سگهي ۽ اسٽيشن تان واپس ڳوٺ موٽي اچي ٿو ۽ پيءُ جي فيصلي اڳيان ڪنڌ جهڪائي بيهي ٿو...
هن ڪهاڻيءَ ۾ ليکڪا انهن ڇوڪرن کي اهو ٻڌائڻ چاهيو آھي ته توهان ۾ فيصلي ڪرڻ جي اگر سگھ نه هجي ته ڪنهن جي  جذبن سان پيارجي راند کيڏڻ به هڪ  وڏو ڏوه آھي -
“ڄور“ هن مجموعي جي بهترين ڪهاڻي آھي - جيڪا فرسٽ پرسن واري فارم ۾ لکيل آھي- تمام خوبصورت ڪلائميڪس سان ڪهاڻيءَ جي پچاڻي ٿئي ٿي - هيءَ ڪهاڻي، سيما کي هڪ سٺي ڪهاڻيڪاره جي صف ۾ اچي بيهاري ٿي- ڪهاڻي پڙهي ختم ٿيڻ کانپوءِ مونکي نسيم کرل جي ڪهاڻي ”ڪرنٽ“ ياد اچي وئي - ۽ سائين قبول ابڙي جو ناول ”شڪر آ مڙس ته مليو“.
سيما جئين ته سنڌ جي وڏي شهر ڪراچي ۾ رهي ٿي - جيڪو روشنين جو شهر آھي - ان شهر جي اونداھين ۾ به لڪيل کوڙ ساريون ڪهاڻيون آھن -جن ڪهاڻين کي ڳولڻ جو هن وٽ ڏانءُ پڻ آھي -
پر پوءِ به هن مجموعي ۾ سندس ڪهاڻين جا موضوع شهري زندگي سان گڏوگڏ ٻھراڙيءَ سان به لاڳاپيل آھن - انهيءَ ڪري سيما جي اڪثر ڪهاڻين جا پلاٽ لوور ڪلاس ۽ مڊل ڪلاس جي ماحول مان ورتل آھن...۽ انهيءَ جي اردگرد ئي ڦرن ٿا...
سيما ذهين آھي - سنڌي سبجيڪٽ ۾ ڊاڪٽريٽ به ڪئي اٿس - هوءَ ڪهاڻيءَ جي تاڃي پيٽي کي سمجهي ٿي- پوءِ به هن کي محنت ڪرڻي آھي - ڇو جو مطالعو ۽ مشاهدو ليکڪ جون اکيون هوندا آھن... جن اکين سان ليکڪ سڄو جهان ڏسندو آھي- ديوار جي پوئين پاسي جي چرپر کي ڏسڻ جي سگھ رکندو آھي... اهڙي سگھ جي سيما کي سخت ضرورت آھي...
سيما ابڙو، سنڌي ادب جي هن دور جي ڪهاڻيڪاره آھي- هي دور جيڪو انٽرنيٽ جو دور آھي- جنهن ۾ سڄي دنيا ھر ماڻھو جي هڪ موبائيل سيٽ ۾ قيد آھي -
ست سمنڊ پار رهندڙ ماڻھو، هڪٻئي کي پنهنجي موبائيل اسڪرين تي ڏسي ۽ ڳالهائي سگهي ٿو- ڪهڙو به ڪتاب هجي- ڪنهن به ٻوليءَ جو هجي- آسانيءَ سان گوگل سرچ انجن تان ملي وڃي ٿو ۽ پڙھندڙ اتان پڙھي وٺي ٿو-
پر پوءِ به ڪتاب جي اهميت سڄي دنيا ۾ آھي - ۽ اهو ڇپجي پيو- تڏھن ته نوبل انعام فڪشن ادب تي اڄ به ملي ٿو-
اهڙو ادب سيما کي ڄڻ ورثي ۾ مليو آھي- جنهن جا خواب به، تلخ حقيقت جهڙا آھن- جيڪي وري سنڌي ادب جون خوبصورت ڪهاڻيون آھن-
ڪهاڻيون- جن اسان سڀني کي هت گڏي ويهاريو آھي...

(سيما جي ڪھاڻي-ڪتاب ”خواب ۽ حقيقت“ جي مهورت تي پڙهيل)

No comments:

Post a Comment