Sunday, April 26, 2020

ميرٽ - جعفر شاهاڻي


ميرٽ
(ڪھاڻي)
جعفر شاهاڻي
ٻارنهن سيپمبر اوڻيھ سؤ اونداھ عيسوي بروز سومر جي صبح اٺين وڳي چمن بلڊنگ جي مين گيٽ کان نوجوانن جي اچڻ جو سلسلو شروع ٿيو جيڪو ڏھ وڳي تائين مسلسل جاري رهيو. انهن ۾ اڪثريت ننڍي طبقي جي نوجوانن جي هئي جيڪي ٽيڪسين يا بسن جا ڌڪا کائي پنهنجا هيئر اسٽائيل درست ڪندي پاڻ پڙھيل لکيل هجڻ جو ڏيک ته ڏئي رهيا هئا پر سندن ڏيک ويک مان طبقي جي پروڙ به مشڪل نه هئي. هر نوجوان سنهري خوابن جي تعبير لاءِ بظاهر خوش نظر اچي رهيو هو ۽ مختلف ٽولن جي شڪل ۾ سڀئي بلڊنگ ٻاهران لڳ ڀڳ پنج ايڪڙ جي ايراضي واري پارڪ ۾ ڇٻر تي پنهنجي لياقت بابت هڪٻئي سان ڳالهيون ڪري رهيا هئا توڙي جو سڀني کي پنهنجي مستقبل جو فڪر ھُيو، پر پوءِ به سندن چهرا ھشاش بشاش ھئا. مختلف ٽولن ۾ ويٺل سڀني نوجوانن ۾ سنڌ جي ھر ضلعي جي نوجوان جو هجڻ يقينن سنڌ جي باشعور هجڻ جي شاهدي ته ڏئي رهيو هو پر، اُتي ويٺل سڀئي نوجوان ڪجهه ئي گهڙين ۾ نا اميد ٿي واپس ورڻ جي خيالن ۾ هئا ۽ سندن ذھنن ۾ ڪيئي وسوسا ڪَر کڻندا رهيا مگر ايڏو پَري کان ڀاڙو ڀري مٽن مائٽن، يارن دوستن جي معرفت مختلف حيلن بهانن سان جو ڪراچي آيا هئا سو قسمت آزمائڻ کان بغير واپس وڃڻ کين مناسب نه ٿي لڳو.


ائين انتظار جي اُس ۾ سڙندي وڃي ڏينهن جا ٻارنهن ٿيا ته هڪ پوليس وارو کين انٽرويوز جي خوشخبري ٻڌائڻ سان گڏ قطار ۾ بيهڻ جو چئي پاڻ وري چمن بلڊنگ جي آفيس ۾ گم ٿي ويو ۽ نوجوانن جي دلين جون ڌڙڪنون وڌيڪ تيز ٿي ويون... ٿوري دير بعد سنڌي ٽوپي، آسماني رنگ جي سٿڻ ۽ قميص پهريل ننڍي قد وارو همراھ شهپرن کي وٽيندو سڀني نوجوانن تي سرسري نظر وجهي ترتيبوار نالا لکڻ بعد سيريل نمبر ياد ڪرڻ جي هدايت ڪندي نالا لکي ڇيھه ڪرڻ کان پوءِ وري سامهون گرائونڊ فلور جي گيلري ۾ داخل ٿي ساڄي پاسي کان ٽئين نمبر ڪمري ۾ ويو.
جڏھن اهو ساڳيون همراھ ٻاهر آيو ته ان وقت تقريبن ڏيڍ ٿيو هو ۽ هُن ايندي ئي نوجوانن مٿان رعب ڄمائڻ کان پوءِ فهرست جي حساب سان هڪ جوان جي انٽرويو ڏئي ٻاهر نڪرڻ بعد ٻئي کي اندر اچڻ وڃڻ بابت سمجهائيندي ضابطن جي پابندي متعلق ليڪچر ڏيندي سيريل نمبر هڪ واري نوجوان جو نالو ولديت سميت پڪاري ڪمري جي دروازي وٽ بيهڻ جو چئي پاڻ صاحب نصيب کان اجازت وٺي دروازو کوليندي ئي نوجوان کي اندر وڃڻ جو چيو ۽ پاڻ گيلري ۾ پيل ڪرسيءَ تي وڃي ويٺو.
جيئن پهريون نوجوان ڪمري اندر داخل ٿيو وچ ۾ سائي رنگ جي بخملي چادر سان ڍڪيل ٽيبل تي ساڄي پاسي کان اخبارن ڀر ۾ لينڊ لائين فون ۽ کاٻي پاسي کان ڪجهه فائيلون، ڪاغذ ۽ ڪنهن سياسي پارٽيءَ جو جهنڊو لڳل نظر آيس. نوجوان سلام ورائي صاحبِ نصيب جي ڪرسي اڳيان پيل ٽيبل سامهون بيهي ٿو ته صاحبِ اقتدار جي خاص صاحبِ نصيب خليفي فائيل وٺڻ سان گڏوگڏ نوجوان کي ڪرسيءَ تي ويهڻ جو اشارو ڪيو ۽ صاحبِ نصيب نوجوان سان انٽرويوءَ جي شروعات ڪئي:
”توهان سڀني جا تعليمي لياقت وارا فائيل مون وٽ اڳ ئي پهتل آهن ۽ هي اورجنل ڪاغذ به انٽرويو بعد توهان ڀلي پاڻ سان گڏ واپس کڻي وڃجو... پهرين ته توهان کي مبارڪ هجي جو رٽن ٽيسٽ پاس ڪري انٽرويو جي مرحلي تائين پڳا آهيو....!“
موٽ ۾ نوجوان ”ٿينڪس سر“ ئي چيو ته صاحب نصيب ڳالهه جاري رکندي پڇيو: ”تنهنجو تعارف؟“
”سر نالو: سرويچ سليم ولد آزاد علي حسن عرف شاھ عبداللطيف ڀٽائي، ضلعو عمرڪوٽ.“
”پڻھين جي تو بيت ڀانيا، سي آيتون آهن واري ڀٽائي جو پوئلڳ آھي يا عمرڪوٽ ۾ ڀٽائي جو ٻيو جنم ٿيو آھي؟“
”سر! بابا سائين انهي ڀٽ ڌڻي جو پوئلڳ آھي.“
”والد ڇا ڪندو اٿئي؟“
”سر! بي شعورن ۾ شعور جي لاٽ بيدار ڪرڻ لاءِ سماجي خدمتن سان گڏ ادب ذوق پڻ آھي!“
”ڪٿي تو وارو پڻهين ذهني مريض ته ناهي؟“
”سر! اها خبر نه اٿم پر منهنجو اهو خيال ضرور آهي ته والد هڪ کرو ۽ امن پرست ماڻهو آھي!“
”ٺيڪ آھي توکي اجازت آھي ۽ هي اورجنل ڪاغذ ڀلي کنيو وڃ.“
ٻئي نوجوان کان انٽرويو.
”تنهنجو تعارف؟“
”سر! نالو حماد اعظم ولد محمد اعظم، ضلعو لاڙڪاڻو.“
”والد ڇا ڪندو اٿئي؟“
”سر! گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول رئيس ٻيڙي خان ۾ هيڊ ماستر آھي.“
”ٻني ٻارو اٿوَ يا صرف ڊيوٽي تي گذارو آھي؟“
”سر! صرف ڊيوٽي تي گذازو آھي.“
”ٺيڪ آھي تون وڃي سگهين ٿو.“
ٽئين نوجوان جو انٽرويو.
”تنهنجو تعارف؟”
”سر! نالو سائينداد زميني ولد فراق زميني، ضلعو حيدرآباد.“
”والد ڇا ڪندو اٿئي؟“
”سر! بابا پوليس ۾ ڪلارڪ آھي ۽ ادب ذوق پڻ.“
”اوڪي تون وڃين سگهين ٿو.“
چوٿين نوجوان جو انٽرويو.
”تنهنجو تعارف؟“
”سر! نالو الهرکيو ولد الهجڙيو، ضلعو بدين.“
”والد ڪهڙو ڪم ڪار ڪندو اٿئي؟“
”سر! هارپو.“
”ڪيتري وقت کان پڻهين هارپو ڪندو اچي؟“
”سر! سندس چوڻ آهي ته ڏاڏي جي وفات وقت مٿس پنج سئو قرض ھو ۽ بابا جي عمر انوقت سترهن اڙھن سال هئي ۽ انهي قرض ۾ جبرن زميندار کيس هاري ڪيو جيڪو تقريبن ويهارو سالن کان اڃا هاري آھي ۽ قرض سالئون سال وڌندو وڃي.“
”اوڪي تون وڃي سگهين ٿو.“
ان کان پوءِ نوجوانن جي رسمي انٽرويوز جو سلسلو ويتر تيز ٿي ويو...!
اهڙي ريت سڀني نوجوانن جا انٽرويوز مڪمل ٿي ويا ۽ کين ٻُڌايو ويو ته ٽن مهينن بعد انهي چمن بلڊنگ جي مين گيٽ تي رزلٽ لسٽ لڳل ھوندي جيڪي نوجوان معيار تي پورا لٿا، انهن متعلق اڳتي جي ٽريننگ ۽ پهچڻ جي هنڌ سان گڏ ٽائيم به ڄاڻايل هوندو.
سڀئي نوجوان انٽرويوز ڏئي هڪ ٻه ڏينهن ڪراچيءَ ۾ رهي گهمڻ ڦري پنهنجن گهرن ڏانهن موٽي زندگيءَ جي جستجو ۾ وڃي لڳن ٿا.
ٽئي مهينا مڪمل ٿيڻ بعد هڪ ڀيرو وري چمن بلڊنگ جي مين گيٽ تي نوجوانن جي ساڳئي رش هئي پر ان ڏينهن اُتي آيلن مان ڪنهن جو به نالو لکيل نه هجڻ ڪري سڀ پريشان پريشان واپس موٽندا ٿي ويا... جڏهن آزاد علي حسن جي پٽ سرويچ سليم جي نظر اوچتو انهي ساڳئي سنڌي ٽوپي واري ڇوٽي قد جي همراھ تي پئي ته کانئس احوال ورتائين جنهن تي ان ڏاڍي سنجيدگيءَ سان ٻڌايو ته: ”ڀائو! ان ڏينهن توهان سڀني جا انٽرويوز عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ لاءِ ورتا ويا ڇو ته جيترن نوجوان جي ضرورت هئي سي سياسي ماڻهن جا خاص خاص ماڻهو يا سندن چاپلوسي ڪندڙ اڳ ئي سليڪٽ ٿي چڪا ھئا باقي اوهان ڀٽائي، قلندر جا ڪيڏا به معتقد آهيو تڏهن به اوهان کي هِن دؤر ۾ ڪڏھن به نوڪريون نه ملنديون، جيسين رشوت ۽ سفارش نه ھوندي...!“
سرويچ سليم ميرٽ جي نانءُ تي نوجوانن سان ويساھ گهاتي ڏسي ناڪام حسرتن سان دل ئي دل ۾ گچي گار ڏيندي ويندڙ سج جا پيرا کڻندي ڀڻڪيو، ”اونداهيءَ کي مات ڏيڻ لاءِ سجاڳ رهڻ سان گڏ اميدن ڀريا خواب ڏسڻ ڪو ڏوھ ناهي!“
”نيٺ سوجهرو ٿيندو!“
”ان لاءِ مايوس ناهي ٿيڻو ۽ جدوجهد جاري رکبي!“

(جعفر شاھاڻيءَ جي ڪھاڻي ڪتاب، ’ڪائنات جو موت‘مان کنيل ڪهاڻي)

No comments:

Post a Comment