Monday, April 6, 2020

مفت جي پريشاني - استاد خالد


مفت جي پريشاني
(فلئش فڪشن)
استاد خالد
اڄ هڪ دوست آيو. چانهن اڳيان رکيمانس. يڪدم چيائين ته؛ ”يار مان ڏاڍو پريشان آهيان.“
مون چيو؛ ”وري ڇا ٿيو؟
چيائين ته؛ ”ملڪي حالتون ڏاڍيون خراب آهن...“
چيومانس ته؛ ”حالتون تو خراب ڪيون آهن؟“
چيائين ته؛ ”نه.!“
چيومانس ته؛ ”حالتون ٺيڪ تون ڪندين؟
چيائين ته؛ ”نه.!“
چيومانس ته؛ ”پوءِ! ماٺ ڪري ويهي چانهن پيءُ!“

(استاد خالد جي فيسبڪ وال تان)

No comments:

Post a Comment