Monday, April 20, 2020

راجن ڪهاڻيءَ تي راڄ ضرور ڪندو


راجن ڪهاڻيءَ تي راڄ ضرور ڪندو
تبصرو؛ فرهاد جيلاني
ڪتاب جو نالو؛ اهو اجنبي...
ڪتاب ڌڻي؛ راجن مڱريو
سنڌي ادب ۾ اڄ تائين به ڳاٽ اوچو ڪري هيءَ هام هڻي سگهجي ٿي ته سٺي ڪهاڻي سرجي رهي آهي ۽ ڪهاڻيڪارن جو سٺو تعداد لکي رهيو آهي. ٻين ڪهاڻيڪارن سان گڏ سانگهڙ جي ويجهو ڪچي آباديءَ واري هڪ ننڍي ڳوٺ گل حسين سيريوال سان واسطو رکندڙ فقير منش ۽ امير دل جو ڌڻي راجن مڱريو سٺيون بلڪ شاهڪار ڪهاڻيون لکي رهيو آهي جن کي پڙهڻ سان لونءِ ڪانڍارجي وڃي ٿي، بت جو هر هڪ وارُ ڇٻر جي سطح جيان اڀري اڀو ٿي پوي ٿو. مون هڪ پاٺڪ جي حيثيث سان راجن مڱرئي جون ڪهاڻيون دل سان پڙهيون آهن جن ۾ علامتي عنصر گهڻي حد تائين پسي سگهجي ٿو، راجن جون ڪهاڻيون هڪ اديب جي اکين جهڙيون سندر آهن، سندس ڪهاڻين ۾ ڪٿي سنڌ سان ٿيندڙ ويساهه گهاتيءَ کي علامتي نوع ۾ چٽيو ويو آهي ته ڪٿي سماج جي وارتائن کي هڪ ذميوار فرد بڻجي ڪهاڻين جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويو آهي.


“وجود جا عذاب” سائين محمد صديق منگئي جي ڪهاڻين جو شاهڪار ڪتاب آهي، پنهنجي پاران واري حصي ۾ سائين صديق لکي ٿو ته؛ “اڻ برابري، ناانصافيءَ جا نهرا پٿر ۽ ناڪاري روين جا تکي ڌارا وارا خنجر جڏهن اديب جي اکين ۾ جاڳي پوندا آهن تڏهن ڪهاڻي سماج جي اک بڻجي ويندي آهي.” بلڪل ايئن ئي راجن جي ڪهاڻين ٻن نڀور ڪارين اکين سان سماج کي پرکيو ۽ پرجهيو آهي، سندس ڪهاڻيءَ ۾ سادگي ۽ سلاست جو عنصر جهجي مقدار ۾ موجود آهي. ڪهاڻيءَ جا ڪردار نج ٻهراڙيءَ جا آهن، ڪي چند ڪهاڻيون آهن جن ۾ شهري زندگيءَ کي ڇهيو ويو آهي. “بارسلونا واري ڇوڪري” اها هڪ علامتي ڪهاڻي آهي، جنهن کي هن ڪتاب جي جان سڏي سگهجي ٿو.
جڏهن وفا صالح راڄپر سان گڏ سانگهڙ وڃڻ ٿيو ته اتي راجن سان گڏجي سٺن اديبن امر لغاري ۽ استاد نظاماڻيءَ سان مفصل ملاقات ٿي، ان ملاقات دوران به انهن راجن جي ان ڪهاڻيءَ کي تمام گهڻو ساراهيو، هي ڪهاڻي واقعي به سنڌي ادب جو ڀاڳ آهي.منهنجي راءِ وائڙي نه سمجهي وڃي، اڻ ڇهي موضوع کي جڏهن ڇهي انوکو مواد عوام آڏو آڻجي ٿو ته اها ئي لکڻي، اهو ئي مواد سڦل ڪوٺجي ٿو. امر جليل چوي ٿو ته “دنيا ۾ ڪل 36 ٿيمس آهن جنهن تي لکيو ٿو وڃي” راجن به ان مان هڪڙي موضوع جي واڳ جهلي لکيو آهي جنهن ۾ هن سڦلتا ماڻي آهي، راجن جي باري ۾ جهڙي ريت ٻڌو هيوسين سندس سڀاءُ به بلڪل اهڙو ئي نڪتو، درويش، سادو پر هو پنهنجين لکڻين ۾ الاهي امير آهي، الاهي. هن وٽ وڏو بنگلو ناهي ته ڇا ، هن وٽ “بارسلونا واري ڇوڪري” جهڙي انوکي ڪهاڻي ته آهي.
“اهو اجنبي پکي” جيڪا ٽائيٽل ڪهاڻي پڻ آهي، پنهنجي جوهر ۾ تمام خوبصورت ڪهاڻي آهي، ٻار جي اکين ۾ جيڪو پکي ٿو نظر اچي اهو اجنبي پکي ته آهي ئي پر سندس علامت سندرتا سان واڳيل آهي.
ويھن ڪهاڻين تي مشتمل هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ سٺو مقام ماڻي سگهي ٿو. مشتاق ڀرڳڙي ڪتاب “لفظ ناهن کيڏوڻا” ۾ راجن لاءِلکي ٿو ته “اڄ جتي ڪيترائي نئين ٽهيءَ جا ڪهاڻيڪار امر جليل، نسيم کرل، علي بابا، ماڻڪ ۽ ٻين سينيئر ڪهاڻيڪارن جي اسلوب ۾ لکي رهيا آهن اتي راجن جو پنهنجي اسلوب ۾ لکڻ نهايت ئي اهم ڳالهه آهي، ان ڪري جو سينئرس جي ڇاپ کان بهتر آهي ته ٿوري ٿڪي ئي پنهنجي سڃاڻپ هجي۽ چڱائي به ان ۾ آهي” هو وڌيڪ لکي ٿو ته:
“سندس تشبيهن جو استعمال اڇوتو ۽ ڪهاڻيءَ کي ڪاميابيءَ سان کڻڻ، اڳتي وٺي پڄاڻيءَ تائين ڪاميابيءَ سان پهچائڻ جو وٽس هنر موجود آهي. ڪردارن جي نفسيات ۽ مزاج مطابق ڪردارن کان جملا ڳالهرائڻ، ٻولي گهڻي ڀاڱي درست استعمال ڪرڻ ۽ موضوع جي  بهتر چونڊ سندس ڪهاڻيءَ جون اهم خوبيون آهن.
مان مشتاق ڀرڳڙي جي انهن ٻنهي ڳالهين سان سئو سيڪڙو متفق ٿيندي پنهنجي ننڍڙي راءِ شامل ڪندس ته راجن جي ڪهاڻين ۾ هر اهو موضوع موجود آهي جيڪو اڄ جي سماج کي اڏوهيءَ جيان کائي رهيو آهي. تعليم جي کوٽ، اڻ ڄاڻائي، لاشعوري، زنا، پيري مريدي، وڏيرا شاهي، ڪارو ڪاري ۽ ٻيا انيڪ مسئلا آهن جن کي ڪهاڻي کيتر ۾ آڻي راجن  مسئلا ۽ انهن جا حلَ پيش ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. ڳاراڻو ڪهاڻي ان جو زنده مثال آهي. “ڪٽيل ٻانهن _ فليش بئڪ” ڪهاڻيءَ کان وٺي “ڪو ايئن به ياد ايندو آهي” ڪهاڻيءَ تائين هر ڪهاڻي منفرد آهي، منفرد اسلوب ، منفرد پيشڪش. مونکي ياد ٿو اچي ته سندس هي ڪتاب هڪڙي ويهڪ ۾ مون نوابشاهه کان پنهنجي ڳوٺ باڊهه ڏانهن سفر دوران پڙهي پورو ڪيو هو، اها به هڪ سٺي ڪهاڻي ڪتاب جي نشاني آهي جنهن کي اڌ ۾ ڇڏڻ تي دل ناهي چوندي، ڪجهه ڪهاڻي ڪتاب ايترو بور به ڪندا آهن جو هڪ يا اڌگابرو ڪهاڻي پڙهي ماڻهو واپس شيلف ۾ رکي ڇڏيندو آهي، راجن جي ڪتاب پڙهڻ دوران اهڙو مسئلو پيش نه آيو.
راجن مڱريو ڳوٺ جي مٽيءَ مان ڳوهيل اهو سچيت ڪٿاڪار آهي جنهن جو سڀاءُ ۽ ملڻ جو انداز، آڌرڀاءُ ايڏو ته نرالو آهي جو ماڻهو هڪ ملاقات ۾ هن جو ٿي وڃي. مشتاق ڀرڳڙي مرحوم کيس گهٽ ڳالهايئندڙ ماڻهو سڏيو آهي پر راجن پنهنجين ڪهاڻين ۾ ٻولي ٿو ، هڪ مترنم صدا ٿو ڏئي، هن سماج کي، هن سماج جي هر ڪڌي ڪردار کي. اسحاق سميجو شاعريءَ لاءِ چوندو آهي ته “لفظن کي سٽ ۽ سٽ کي شعر بڻائڻ واري هڏي جي مِکُ هر ڪنهن کي نصيب ناهي ٿيندي” مان ان سٽ کي ڪهاڻيءَ سان منسوب ٿو ڪيان ته “لفظن کي سٽ ۽ سٽ کي ڪهاڻي بڻائڻ واري هڏي جي مِکُ هر ڪنهن جي نصيب ۾ ناهي هوندي” راجن چڱي نموني ڄاڻي ته سٽ سٽ ۾ ساهن جو امرت ڪيئن اوتبو آهي ، سائين امداد حسينيءَ چيو ته
لڙڪ کي لفظ ڪرڻ ايترو سولو ناهي،
باهه جو سمنڊ ترڻ ايترو سولو ناهي
سائين امداد سئو ٽڪا سچ ئي لکيو آهي، راجن جهڙي ريت داخلي ڪيفيتون اوتي پنهنجن لڙڪن کي زبان ڏئي باهه جو سمنڊ تريو آهي، اهو ان ڳالهه جو ثبوت ٿو ڏئي ته “راجن ڪهاڻيءَ تي راڄ ضرور ڪندو” کيس مسلسل لکڻ ۽ ايئن ئي ڌرتيءَ جا درد لکڻين ۾ سمائڻ گهرجن. هن کان پهرين سندس ڪهاڻين جو ڪتاب “روين جو چهرو” ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو، هي ڪتاب سندس وڏهر اولاد آهي جنهن ۾ فڪري پختگي به آهي، اهو ڪتاب ڪهاڻيءَ جي هر زاويي تي پورو پڻ لهي ٿو. اهو ماڻهو ئي روح سان لکي سگهندو آهي جنهن وارتائون پاڻ ڀوڳيون هجن. راجن جي آس پاس پڪ سان اهڙي قسم جا واقعا مختلف وقتن تي رونما ٿيا هوندا جن کي هن لفظن جو روپ ڏئي اسان جي هٿن تائين پهچايو آهي. ڪهاڻي ايئن ڪٿي ٿي لکجي!؟ ڪهاڻيءَ ته روئاري ٿي ۽ پوءِ ان ئي ڳوڙهن جي مسُ سان لکرائي ٿي، راجن طارق عالم کي تمام گهڻو پسند ڪندو آهي، طارق عالم به ايئن ئي چوندو هو ته “ڪجهه ماڻهو ٽرين جي فرسٽ ڪلاس گاڏي ۾ ويهي سيڪنڊ ڪلاس جهڙو ادب سرجن ٿا ساڳئي ئي وقت ڪجهه ماڻهو سيڪنڊ ڪلاس گاڏي ۾ ويهي فرسٽ ڪلاس گاڏي جهڙو ادب سرجن ٿا”
راجن بظاهر غربت جي گهاڻي ۾ پيڙهجندڙن مان هڪ آهي پر سندس لکڻيون ان سيڪنڊ ڪلاس گاڏي ۾ ويهي به فرسٽ ڪلاس ادب سرجن ٿيون. جن جو اعليٰ مثال اسان ۽ توهان جي سامهون آهي.
راجن جي ٻولي پراثر آهي، وٽس خيالن جي مڻيا به آهي ته زندگيءَ سان آشنائي به.جيڪو ماڻهو زندگيءَ جهڙي ان طوالت ڀرئي موضوع کان پاڻ کي آشنا ٿو ڪري ته اهو ڪڏهن به ناڪام نه ٿو ٿي سگهي، هو به ڪاميابيءَ جا پڳهه ضرور پڪڙيندو. راجن مڱريو خلوص جي اک هميشه کليل رکندو آهي، ڀلا سانگهڙ وياسين ته اسان جي آڌرڀاءُ لاءِ ڪاري رات جو جهول روڊ تي ڇو نڪري آيو، فون تي ئي ڏسي پئي سگهيو؛ آءُ ڳوٺ گل حسن سيريوال ۾ رهندو آهيان، ڪنهن کان پڇي هتي پڄو! ڀلا موڪلائڻ مهل ٻئي ڏينهن اڌ سانگهڙ ڪراس ڪرائي پوءِ ڇو هٿ ڪڍيئينءَ؟ اها سندس سڀاءَ جي جهلڪ هئي، اهو سندس بي ملهو خلوص هو.
مان سندس شخصيت کي ان لاءِ هن تبصري ۾ اپٽاري رهيو آهيان ڇاڪاڻ ته هڪ ڪهاڻيڪار جي شخصيت جو سندس ڪهاڻين تي تمام گهڻو اثر ٿو پئي. وري اچئون ٿا سندس ڪهاڻيءَ تي؛
“بگن فقير جي آخري آرامگاهه” اهڙي ته اثرائتي ڪهاڻي آهي جنهن جي ذريعي هر ان ماڻهوءَ جا نٽ بولٽ ٽائٽ ڪري سگهجن ٿا جيڪو ايڪويهين صديءَ جي هن جديد دور ۾ به پيرن تي اعتقاد رکي ٿو. هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ ٽيم قبر جي انڪوائريءَ لاءِ قبر جو ڊي اين اي ڪندي آهي جنهن مان خبر پوندي اٿن ته هي هڏا ڪنهن ماڻهوءَ جا نه پر گڏهه جا آهن. هن ڪهاڻيءَ راجن کي روشن خيال ڌڻيءَ ڪري پيش ڪيو آهي، هو آهي به. لکڻ جو مقصد هوندو آهي ته لکڻيون ڪجهه ڪري ڏيکارين، اجايو لکڻ ۽ رت ولوڙڻ مان ڪهڙو فائدو؟ راجن جي هيءَ ڪهاڻي ان سماج ۾ آڳ لڳائي ٿي سگهي جتي پيري مريديءَ وارو نظام اڃا تائين قائم آهي. راجن جي بي باڪي ۽ بيزاري  کيس هڪ سٺو ڪٿاڪار بڻائڻ ۾ مدد ضرور ڪئي آهي، هيءَ ڪهاڻي اهڙو ته طنز آهي ان سماج تي جنهن پاڻ کي ان ناسور ۾ وڻ ويڙهيءَ جيان وڪوڙي ڇڏيو آهي.
ڪهڙي ڪهاڻي کڻي ڪهڙي کڻجي، سڀ سونُ.
“هئا اڳئي گڏ” اهڙي ته زبردست ڪهاڻي آهي جنهن ۾ پوليس جي ڪارنامن کي وائکو ڪيو ويو آهي ته ساڳئي وقت هڪ پوليس آفيسر کي بهادر به ڏيکاريو ويو آهي جيڪو اڏوهي ڪيهر کي فرار ٿي وڃڻ ۾ مدد ٿو ڪري، سندس فرار ٿي وڃڻ کانپوءِ پاڻ کي گولي هڻي آپگهات ٿو ڪري ڇڏي ڇو ته هن کي سڌ هئي ته ڪيهر جي فرار ٿيڻ کانپوءِ بالا عملدار کيس ماري ڇڏيندا. راجن جي ڪهاڻيءَ ۾ هي هڪ نئون لاڙو آهي نه ته عام طور تي قانون واري پاسي کي ذليل ڪيو ويندو آهي. پروف جي ڪجهه غلطين کي ڇڏي ڪري ڪتاب سون جي ملهه لهي.
مون راجن کي تعريفن جا تاج ضرور پارايا آهن، هو لهڻي به پر مڪملتا يا پورڻتا جو ذمو نه ٿو ڏئي سگهجي، ڪوبه ماڻهو مڪمل ناهي، هر هڪ سفر ۾ آهي، راجن به سفر ڪري رهيو آهي، هو هڪ ڏينهن اهڙي ڪهاڻي به ضرور لکندو جيڪا “بارسلونا واري ڇوڪري”، “ڳاراڻو”، “ٽٽل ٻانهن_فليش بئڪ” کان به گوئي کڻي ويندي، ان ڏينهن هو ڪهاڻيءَ تي راڄ ضرور ڪندو.

No comments:

Post a Comment