Monday, April 27, 2020

جديد سنڌي ڪهاڻي - هوش محمد ڀٽي


جديد سنڌي ڪهاڻي
عباس ڪوريجي جي ايم اي جي مونوگراف ’جديد سنڌي ڪهاڻي (فن ۽ موضوع)‘ جو مطالعو
هوش محمد ڀٽي
قمبراڻي... ها قمبر وارن جو ڪم هميشه شان مان وارو رهيو آهي. قمبر سان تعلق رکندڙ شخصيتن جو ذڪر نڪرندو ته وڏا وڏا نالا نڪري سامهون اچي ايندا. قمبر جا انصاري ڀائر هجن، قمبر جو ڊاڪٽر محبت ٻرڙو هجي يا ٻرڙا ڀائر، چانڊين جو ذڪر نڪري ته جامي چانڊئي جهڙي دانشور کان ويندي سرمد چانڊئي شاعر ۽ عزيز قاسماڻي ڪهاڻيڪار تائين ۽ سومرا ڀائر جن ۾ سعيد سومرو سر فهرست ۽ نشانبر آهي، جنهن ڪنول پبليڪيشن جهڙي بهترين ڇپائي گهر جو بنياد رکي، سنڌ جي غريب اديبن ۽ شاعرن جا کوڙ سارا ڪتاب ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندا آهن ۽ پاڻ سعيد سومرو جديد سنڌ جي نمائينده شاعرن منجهان آهي. جنهن سنڌي ادب ۾ چندن جهڙن خوبصورت شاعريءَ جي صنف پڻ متعارف ڪرائي آهي.


شيخ اياز چيو آهي:
ڳاڙها ڳڀرو سنڌ جا، تون ئي منهنجو خواب،
تون ئي آهين جواب، صدين جي سوال جو.
عباس ڪوريجو قمبر جي انهن جاکوڙي ۽ جفاڪش نوجوانن جو تسلسل آهي، جن پنهنجي محنت ۽ جدوجهد سان پنهنجو پورهيو پئي ڪيو آهي ۽ پاڻ مڃرايو آهي. عباس ڪوريجو تمام گهڻين خوبين جو مالڪ آهي. مون کيس منچ تي خوبصورت انداز ۾ پروگرامن جي ميزباني ڪندي ڏٺو آهي. هو سٺو ڪمپئير آهي. سندس ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ مهارت ته ڪنهن کان ڳجهي ناهي. عباس ڪوريجو، شاعري به ڪئي. هو سٺو ڪهاڻيڪار پڻ آهي. سندس ڪهاڻين جا ٻه مجموعا اچي چڪا آهن. جن مان کيس ٻئي مجموعي ”پنهنجي ڌرتي تي، ٻولي اختياري اداري پاران، ايوارڊ به مليو آهي. تازو جڏهن عباس جو ايم اي ڊگري جي حاصلات لاءِ لکيل مقالو، ڪتابي شڪل ۾ ڇپجي اڳيان آيو ته عباس جي هڪ ٻي هوشيارپ يا گڻ به نروار ٿي نڪري آيو. اهو آھي، سندس ڪليگرافيءَ جو هنر. هو سٺو ڪليگرافر به آهي. اها شايد گهٽ ماڻهن کي ڄاڻ هجي. ”جديد ڪهاڻي؛ فن ۽ موضوع“ ڪتاب جي سر ورق جي ڪليگرافي، عباس ڪوريجي نهايت ئي سهڻي نموني سان، پاڻ ئي ڪئي آهي. ان لاءِ کيس وڌ ۾ وڌ ساراهي سگهجي ٿو. عباس ڪوريجو، منهنجي انهن چند دوستن منجهان آهي، جن سان ملي ڪري، مون کي هميشه اتساهه ئي ملندو آهي ۽ نئين سر ڪم ڪرڻ جو جنون/ توانائي به. عباس ڪوريجو، پنهنجي شخصيت ۾ سدائين کلمک ۽ زندهه دليءَ جا وڏا ٽهڪ ڏيندڙ ۽ خوش لباس رهندو آهي. عباس جو ٽيون ڪتاب جيڪو هن ايم اي جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ، سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾، پيش ڪيل مقالو آهي. جنهن جو نالو ”سال ۲۰۰۰ع کان ۲۰۱۴ع تائين شايع ٿيل ڪهاڻي ڪتابن جو تنقيدي جائزو“ آهي. ڪتابي صورت ۾ سندس نالو ”جديد ڪهاڻي؛ فن ۽ موضوع آھي،  جيڪو آگسٽ ۲۰۱۵ع ۾ ڇپيو آهي. هيءُ ڪتاب، سنڌي ڪهاڻي ۽ سنڌي نثري ميدان ۾ لاڀائتو ۽ اهم اضافو ٿيو آهي.
سنڌ ۾ تنقيد ۽ تحقيق جا لاڙا، ايڏو جديد دؤر هوندي به، سائنسي نموني نه اچي سگهيا آهن. تنقيد ڪرڻ، ڏوهه ۽ تحقيق ڪرڻ، واندن جو ڪم آهي. اسان وٽ، عام طور اديب ائين سوچين ٿا. پر تنقيد ۽ تحقيق، دنيا جي هر ٻوليءَ جي ادب ۽ سڀني شعبن ۾ ٻارڻ جو ڪم ڏين ٿيون.
جيئن محمد ابراهيم جويي چيو آهي؛ ”ادب ۽ علم جي دنيا ۾ تنقيد ائين آهي، جيئن زمين ۾ ڀاڻ. جنهن سان امنگ، فڪر ۽ تجربي جا ڦٽندڙ سلا، ڀلا ٿي ڄمن ٿا. پوريءَ طرح وڌن ٿا ۽ وڏا سنگ جهلين ٿا ۽ ڪڻن مان ڪيچ لهن ٿا.“
افسوس سان، اسان وٽ ادارا ۽ ماڻهو هجڻ جي باوجود، اهي فن ترقي نه ڪري سگهيا آهن. عباس ڪوريجي جو هيءُ مقالو،  ڪهاڻيءَ جي حوالي سان تحقيق جي ميدان ۾ تاريخي دستاويز جي حيثيت رکي ٿو. جنهن ۾ موجود مواد، نئون ۽ اُڇت آهي. هن مقالي ۾، ’روايت کان جديديت تائين‘ جي سفر جي، معلومات ملي ٿي. هن مقالي لکڻ ۾، عباس ڪوريجي جي رهنمائي، سنڌ جي وڏي اسڪالر ۽ شيخ اياز جي شارح، ڊاڪٽر انور افگار هڪڙي صاحب ڪئي آهي. آئون پاڻ، سائين هڪڙي صاحب جو شاگرد آهيان ۽ سندس ڪم ۽ تحقيق مان متاثر آهيان. هن مقالي تي لکڻ، منهنجي لاءِ ڏکيو ڪم آهي. پر پوءِ به هن مقالي جي مطالعي دؤران، مون کي جيڪي ڳالهيون يا رايا جڙيا آهن؛ اهي هڪ پڙهندڙ جي حيثيت ۾، ڏيڻ گهران ٿو. جيڪي چُڪن سان ڀرپور به ٿي سگهن ٿا. هي مقالو چئن فصلن ۾ ورهايو ويو آهي:
فصل پهريون: ڪهاڻي ڇا کي چئجي؟ جي عنوان سان آهي. فصل پهرئين جا اٺ ننڍا عنوان آهن. جنهن ۾ پهريون عنوان ”ڪهاڻيءَ جي ڪهاڻي آهي. ’ڪهاڻيءَ جي ڪهاڻي ۾ ڪهاڻي جي اوريجن ۽ تاريخ تي، ناليرن شخصيتن ۽ ڪهاڻيڪارن جا رايا ڏنا ويا آهن.
’ڪهاڻيءَ جي ڪهاڻي وارو عنوان، پڙهڻ کان پوءِ، اهو صاف ٿي وڃي ٿو ۽ سمجهه ۾ اچي وڃي ٿو ته ڪهاڻي ڪيئن شروع ٿي ۽ ان جو گهاڙيٽو ۽ ان جي پيدائش ۽ ان جا بنيادي محرڪ ڪهڙا ۽ ڪيئن هئا. اڪيڊمڪ لحاظ کان ڏٺو وڃي ته ان شيءِ جي اهميت ضرور آهي ۽ نئين پڙهندڙ لاءِ اهي رايا ۽ تاريخي ڇهاءَ، دلچسپ ۽ ڄاڻ سان ڀريل آهن. انهن ۾ کوٽون، جيڪي مون کي نظر اچن ٿيون، سي آھن:
هڪ ته انهن راين ۾ ترتيب نه آهي.
ٻيو ته انهن ۾ انگريزي، اردو ۽ سنڌي اديبن جي تجزين کي دؤر وار نه رکيو ويو آهي.
ٽيون ته وصف يا اصطلاح جي حوالي سان، ڪهاڻيءَ بابت مفهوم، ڪتابن جا جيئن؛ انسائيڪلوپيڊيا يا ادبي اصطلاحات جي ڪتابن جا حوالا اڳ ۾ رکڻ گهرجن ها.
چوٿون ته رايو تُز ۽ مختصر ڏبو آهي. ڊگهو حوالو، خوبصورتي گهٽائيندو آهي. محمد اسماعيل عرساڻي جو حوالو ڊگهو ٿي وڃي ٿو.
ايڊگر ايلن پو جي ڪهاڻيءَ واري وصف، هن ننڍڙي باب ۾ ٻه دفعا ڏني وئي آهي.
انهن ڳالهين کان سواءِ هي ننڍڙو عنوان، ’ڪهاڻيءَ جي ڪهاڻي ڪنهن ڪهاڻيءَ کان گهٽ نه آهي. يا ڪهاڻيءَ بابت ليکڪ جي پنهنجي راءِ يا وصف: ’ڪهاڻي هڪ آبشار مثل آهي، جنهن جو پاڻي (مرڪزي خيال) هيٺ ڪرڻ کان پوءِ، وهڪرو (پلاٽ) پاڻ ٺاهيندو، ڪنهن نه ڪنهن نديءَ ۾ وڃي ڇوڙ (ڪلائيمڪس) ڪندو آهي.‘ ڏاڍي وڻندڙ آهي.
ارتقا، تاريخ، فن ۽ عنصر:
هي عنوان مٿئين عنوان ’ڪهاڻيءَ جي ڪهاڻي سان جهڙوڪ ملندڙ آهي. ها هن فن بابت ۽ ڪهاڻيءَ بابت ۽ ڪهاڻيءَ جي ٽيڪنڪ جي جزن بابت ڪيل Interpretation نهايت اهم آهي. جيڪا نون لکندڙن ۽ ڪهاڻيءَ جي تدريس ۾ وڏي مدد ڏئي ٿي. ارتقا ۽ تاريخ جي ڳالهه جو ڄڻ ورجاءُ ٿئي ٿو. ڇو ته اسان ’ڪهاڻيءَ جي ڪهاڻي ۾ پڙهي اچون ٿا ته؛ داستان ۽ قصي مان ڪهاڻي جنم ورتو ۽ ارڙهين صديءَ ۾ يورپ ۾ جڏهن صنعتي دؤر آيو ته ڪهاڻيءَ جديد روپ اختيار ڪيو.
• هن باب ۾ ڪهاڻي يا افساني جو مونجهارو پيدا ٿئي ٿو. جيڪو اڳين بابن ۾ هلي چٽو ٿي بيهي ٿو.
• هن باب ۾ به حوالن ڏيڻ ۾ ليکڪ ورجاءَ جو شڪار ٿي ويو آهي. ڊاڪٽر فهميده حسين جو حوالو، جيڪو صفحي ۲۱ تي ڏنل آهي يعني ’ڪهاڻيءَ جي ڪهاڻي ۾، صفحي ۲۴ تي ساڳيو حوالو ڏنو ويو آهي.
• مون کي الائي ڇو ائين محسوس ٿئي ٿو ته؛ ٽيڪنڪ واري باب ۾ اعليٰ ڪهاڻيڪارن جا ڪهاڻيءَ بابت خيال، دنياوي ادب ۽ سنڌي ادب ۾ جيئن جمال ابڙو آهي وغيره جو حوالو ضرور ڏيڻ گهرجي ها.
سنڌ ۾ جمال ابڙي جون ڪهاڻيون، ڪلاسڪ جو درجو رکندڙ آهن ۽ هو ڪلاسيڪل ڪهاڻيڪار آهي. جمال ابڙي، ڪهاڻيءَ جي فني سٽاءَ لاءِ هيٺيون چار ڳالهيون ضروري قرار ڏينون آهن:
۱. ڪهاڻي اهڙي دلچسپ هجي جو لس پڙهي وڃجي ۽ ڇڏڻ تي دل نه چوي.
۲. پڙهڻ وارو ان ۾ ايڏو سمائجي وڃي، جو پاڻ کي ڪهاڻيءَ جو ڪردار سمجهڻ لڳي.
۳. پڙهندڙ، ڪهاڻيءَ جي چوٽ يا انت تي يا بنا انت به، هُو ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ لاءِ سوچي.
۴. ڪهاڻيءَ جو ڪردار، ڀلي هٿيار ڦٽا ڪري، ٻيڙي ٻڏڻ ڏئي، ته به پڙهندڙ کي ضمير جي جهنجهوڙ ايتري اچي جو حل ڳولهڻ ۾ مددگار ٿئي. ائين ٿيو ته محنت سڦل وئي.
ڪهاڻيءَ جون فني خوبيون:
هن ننڍڙي عنوان هيٺ به بهتر انداز ۾ ڪهاڻيءَ جي فني لوازمات تي سمجهاڻي ڏني وئي آهي. فني خوبين جي اُپٽار ڪندي، وري هلڪو تاريخي پسمنظر به پيش ڪيو ويو آهي. جيڪو دهراءُ لڳي ٿو. دؤر جديد جي تناظر ۾، ڪهاڻين جي فني خوبين تي ڳالهائڻ، ڏکيو ٿي پيو آهي ۽ ڪهاڻي پنهنجي روايتي دڳ؛ ابتدا، عروج ۽ انت کان هٽي ڪري، هڪ الڳ دنيا ۾ گهڙي پئي آهي ۽ سرمائيدارنه دؤر جي رستن تي هلڻ لڳي آهي.
سنڌ جي وڏي نقاد ۽ دانشور، رسول بخش پليجي پنهنجي هڪ مضمون ’پنهنجي ادب کي زور وٺايو‘“ ۾ لکيو آهي: ”ادب ماڻهن لاءِ آهي، ماڻهو ادب لاءِ نه آهي. ادب جا ڪي نمونا، هڪڙن ملڪن ۾ ماحول لاءِ ڪارائتا آهن، پر ٻين لاءِ نه آهن. افساني جو يورپي ۽ آمريڪي نمونو، جنهن جو اڄڪلهه هر هنڌ نقل ڪيو پيو وڃي، سو اسان جي ڏانءَ وٽان ناهي!“
پليجي صاحب جي راءِ سان سهمت به ٿجي ته ٿي سگهجي ٿو ۽ ڪٿي وري اڄ جي سماجي تبديليءَ کي نظر ۾ اڳيان رکي بين الاقواميت کي ڏسون ٿا ته اسان جي مجبوري ٿي پوي ٿي ته سنڌي ڪهاڻيءَ کي اهڙو بڻايون يا پيش ڪيون جو اها دنيا ۾ هر جاءِ قبول ڪئي وڃي. ٻاهريان اثر ٿيندا ۽ لاڙن جو فارميٽ اپناڻو پوندو. بهرحال ڪهاڻيءَ جون فني خوبيون ۽ خاصيتون، ايندڙ دؤر جو نقاد ئي طئي ڪندو.
ڪهاڻي ڪيئن لکجي؟
پهرئين باب جو عنوان آهي. ڪهاڻي لکڻ جي لاءِ، ليکڪ عباس ڪوريجي ۱۰ ڳالهيون انتهائي اهم قرار ڏنيون آهن. جيڪي واقعي ڏٺو وڃي ته وڏي اهميت رکندڙ ۽ ڪهاڻي لکندڙن لاءِ وڏي وٿ ثابت ٿين ٿيون. ان کان علاوه ليکڪ پلاٽ، منظر نگاري، ٻولي، علامت نگاري، اسلوب، زمان ۽ پڄاڻي تي تفصيلي بحث ڪري، بيان ڪيو آهي ۽ ان ۾ مشهور ڪهاڻيڪارن جي ڪهاڻين مان ٽڪرا کڻي، مثال طور پيش ڪيا آهن ته جيئن نوان پڙهندڙ ڳالهه جي تهه تائين پهچي، ڪهاڻيءَ جي روح کي سمجهي سگهن.
شيخ اياز کان جڏهن پڇيو ويو ته؛ ’ڪهاڻي ڪئين لکجي؟‘ اياز هي جواب ڏنو: ”مون کي ته اهو سوال بي معنيٰ لڳندو آهي. هر هڪ انسان پنهنجي دنيا جو مرڪز آهي.“ پر پوءِ به اياز ڪهاڻي ڪيئن لکجي؟ بابت هيئن جواب ڏئي ٿو:
”ڪهاڻي لکڻ جي لاءِ انسان کي فطرت جو مطالعو (study of Human nature) ۽ زندگيءَ جي تنقيد (criticism of life) جي ڄاڻ ضروري آهي. جنهن افسانه نويس، زندگيءَ جي رڳ رڳ ۾ دورو ڪيو آهي. ان جي نبض چڱي طرح جاچي آهي، تنهن کي زندگيءَ جو خسيس ۾ خسيس واقعو به ڪهاڻيءَ جو مواد مهيا ڪري ڏيندو آهي.“
ڪهاڻيءَ جي ٽيڪنڪ تي وڌيڪ بحث ۾ نه پوندي، ايترو چئي سگهجي ٿو ته؛ هي باب ڪهاڻي لکڻ بابت، سٺيون صلاحون ميسر ڪري ٿو.
ڪهاڻي يا افساني جا قسم:
”ڪهاڻي يا افساني جا قسم“ هن سڄي مقالي جو منهنجي نظر ۾ اهم عنوان آهي. جنهن ۾ ڪهاڻين جي مختلف قسمن، جهڙوڪ؛ موضوع ۽ گهاڙيٽي جي حوالي سان جائزو ۽ معنيٰ، مقصد ۽ وصف ڏني وئي آهي. هن عنوان ۾، موجود مواد اندر جيڪو اهم ۽ بحث طلب نُڪتو آهي، اهو افسانو يا ڪهاڻي وارو آهي. جنهن ۾ ليکڪ لکي ٿو ته:
افسانو هڪ اهڙي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ مبالغو يا افسانويت وڌيڪ هجي.
مختصر ڪهاڻيءَ ۾ حقيقت نگاريءَ تي زور ڏنل هوندو آهي ۽ مبالغو گهٽ هوندو آهي.
ڪهاڻي ۽ افساني وارو ابهام، اڪيڊمڪ لحاظ کان، اهو پهلو صاف ٿي وڃي ٿو. سنڌيءَ ۾ افسانا ۽ ڪهاڻيون، ٻئي لکيون ويون آهن. عباس ڪوريجي، ڪهاڻيءَ جي سمجهاڻي طور، پنهنجين ۽ دوستن جي ڪهاڻين جا مثال ڏنا آهن. ان جاءِ تي، ٻين نمائنده ڪهاڻيڪارن جا مثال ڏيڻ گهرجن ها. پر پوءِ به، اهو غلط ڪونه ٿو لڳي. هن باب ۾ ڪهاڻين جي قسمن جي حوالي سان، خاص ڪري نون پڙهندڙن جو ڪهاڻيءَ جي موضوعن، هيئت ۽ بيان جي لحاظ کان، مختلف قسمن جو مونجهارو حل ٿي وڃي ٿو. هيءُ باب، نصابي حساب سان تمام گهڻو اهم آهي ۽ اهو به مثالن سان سمجهايل آهي، جيڪا هڪ نئين ڳالهه آھي. ڪهاڻيءَ جي حوالي سان، ادبي تاريخن جي ڪتابن ۾ اهڙو ڪو مثال نٿو ملي.
فليش فڪشن: ماضي، حال ۽ مستقبل:
جيتوڻيڪ فليش فڪشن جي حوالي سان، سنڌي ادب ۾ پهريون ڪتاب عزيز قاسماڻيءَ جو آهي. اهو هن تحقيقي ڪتاب ۾ چيو ويو آهي. پر عزيز قاسماڻيءَ جو اظهار تمام گهڻو تجريدي، نه سمجهه ۾ ايندڙ ۽ ابهام سان ڀريل آهي. فليش فڪشن يعني مختصر مختصر ڪهاڻيءَ جي حوالي سان  نقادن ۽ ڪهاڻيڪارن جي ڄنڊا-پٽ هلي ٿي پئي. ڪي صاحب هن رجحان کي قبولڻ لاءِ تيار ناهن! ڪي وري هن بابت بهتر ڪم ڪري رهيا آهن ۽ فليش فڪشن لکي رهيا آهن. هن تحقيقي مونوگراف ۾ ليکڪ، فڪشن جي وضاحت هن ريت ڪري ٿو:
”فڪشن، هڪ اهڙي قسم جي لکڻيءَ جو نالو آهي، جيڪا مڪمل طور تي يا ڪجهه حصي اندر، غير حقيقي معلومات يا واقعن تي مشتمل هجي. تصوراتي هجي، ڪنھن به ليکڪ پاران، ڪوڙي قصي طور لکي وئي هجي. فڪشن جو مخالف، نان فڪشن ادب آهي، جيڪو مجموعي طور يا ڪجهه حصي اندر، سچو سمجهيو ويندو هجي. ان ۾ موجود واقعا، وضاحتون، مشاهدا، تجربا ۽ رويا، سچا ۽ حقيقي محسوس ڪرايا ويا هجن.“
فڪش يعني تصوراتي ادب، ان بابت سنڌي ٻوليءَ جي وڏي نقاد ۽ ڏاهي ڊاڪٽر الهداد ٻوهئي جو حوالو آھي. جيڪو هيئن سمجهائي ٿو:
”مون کي ڊپ آهي؛ تصوراتي ادب، جنهن کي انگريزي ۾ Fiction چيو وڃي ٿو، تنهن جي باري ۾ به اسان جو ذهن صاف نه آهي. تصور Concept ڪنهن وهم، ڀرم ۽ خام خياليءَ کي ڪو نه ٿو چئجي. تصور جو هڪ پهلو اهو آهي، جنهن ۾ ڪنهن شيءِ جي باري ۾ ڪو نظريو قائم ڪريون ٿا، ۽ تصور جو ٻيو پهلو اهو آهي، جنهن ۾ معاملات کي يعني انساني ۽ سماجي زندگيءَ جي گوناگوني لاڳاپي کي سمجهائڻ جو هڪ طريقو ڳوليو وڃي ٿو. خيال ۽ لاڳاپا، تصوراتي ادب جا ٻه وڏا سوال آهن ۽ هر ڪهاڻي نويس، ناٽڪ نويس يا ناول نگار انهن سوالن کي اڳيان رکي ٿو.“
فڪشن يا ٻيا اصطلاح، جيڪي پرڏيهي ادب منجهان اسان وٽ آيا آهن، انهن جي مڪمل تُز تشريح نه ٿي آهي. ان ڪري ڪافي مونجهارا ٿي پيا آهن. هن عنوان ۾ ليکڪ فڪشن، نان ريئلسٽڪ فڪشن ۽ Fantasy جي اصطلاح کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر پوءِ به ڳالهه مڪمل طور سڌي نه ٿي ٿئي. فليش فڪشن جو اصطلاح ۽ اها صنف سنڌي ادب ۾ مروج ٿي چڪي آهي. ليکڪ، فليش فڪشن جي حوالي سان به چٽي نموني وصف نه ڏئي سگهيو آهي. اوهان تحقيق ڪريو ٿا اگر ڪا اهڙي وصف موجود ناهي ته توهان پنهنجي هڪ واضح وصف جوڙي ڏئي سگهون ٿا.
ڳالهه پئي ڪئيسين فليش فڪشن جي ڪتاب جي ته؛ عزيز قاسماڻي پهريون ڪتاب آندو، پر فليش فڪشن جي معيار ۽ ترقيءَ لاءِ منظور ڪوهيار جو نالو سرفهرست آڻي سگهجي ٿو. جنهن فليش فڪشن تي معياري ادب سرجيو آهي ۽ ان جي ترويج ۽ تدريس پڻ ڪئي آهي. تازرو سنگت مئگزين ۾ جديد دؤر جي نقاد ڊاڪٽر غفور ميمڻ جو انٽرويو ڇپيو آهي. جنهن  ۾ هن کان ڪهاڻيڪارن بابت سوال ڪيو ويو ته هن هيٺيون جواب ڏنو:
”خاص طور تي هتي آئون منظور ڪوهيار جي ڳالهه ڪندس، جيڪو Trend Maker ڪهاڻيڪار آهي. هن صوفي ڪهاڻي لکڻ جو راوج وڌو، هن ’مختصر مختصر ڪهاڻي‘ لکڻ جو رواج وڌو ۽ ڪامياب ويو. ’مختصر ڪهاڻيون ڏاڍيون ڀليون لکيائين.“
فليش فڪشن جو رجحان ۽ لاڙو، جيڪو سنڌي ادب ۾ اچي چڪو آهي، ان پوري Trend کي بين الاقوامي پس منظر ۾ سمجهڻ لاءِ، هيءُ باب تمام گهڻي اهميت رکي ٿو ۽ منظور ڪوهيار جي ڪهاڻين جي ڪتابن جا مهاڳ به فليش فڪشن جي تاريخ جي سلسلي ۾ اهم آهن.
مختصر ڪهاڻيءَ سان هڪجهڙائي رکندڙ صنفون:
هن عنوان ۾ اِهو ٻڌايو ويو آهي ته مختصر-ڪهاڻي، آکاڻي، ناول، ناوليٽ، ناويلا، قصو، داستان، لوڪ-ڪهاڻي ۽ ڪالم-ڪهاڻي، ڪھاڻيءَ سان هڪجهڙائي رکندڙ صنفون آهن. جڏهن ڪهاڻي انهن سڀني صنفن جي جديد ترين صورت آهي ۽ ڪهاڻي انهن سان هڪجهڙائي نٿي رکي بلڪ انهن جي ئي اولاد آهي. قصا-گوئيءَ مان داستان جنم ورتو ۽ داستان مان لوڪ-ڪهاڻي اُسري ۽ ان مان جديد داستان يعني ناول پيدا ٿيو ۽ ان مان آئي جديد مختصر-ڪهاڻي.
ناول واري صنف جي تشريح ڪندي ليکڪ هڪ راءِ ڏئي ٿو:
”سنڌي ادب ۾ ناول، ترقي ناهي ڪري سگهيو، جيتري ٻين ٻولين ۾ ڪئي اٿائين. ان جا ٻيا ڪيترا ئي سبب هوندا، پر سنڌيءَ ۾ جيڪي ناول لکيا ويا آهن، اهي اڪثر ڪري يونيورسٽيءَ جي پلاٽ تي آڌاريل آهن، باقي جيڪي ناول تاريخي آهن، انهن جو تعداد بلڪل ٿورو آهي.“
مڃون ٿا ته؛ سنڌي ادب ۾ ناول جي صنف اوج تي نه رسي آهي. پر ان جو اِهو ڪهڙو ماڻ يا ماپو آهي ته تاريخي ناول ٿورا آهن، يونيورسٽي وارا گهڻا آهن. ڇا تاريخي ناول لکڻ سان ئي ناول جي ترقي ٿيندي آهي. ان مان ليکڪ جي ناول جي حوالي سان مطالعي جي کوٽ نظر اچي ٿي. سنڌي ادب ۾ صرف تاريخ ۽ رومانس تي ناول نه لکيا ويا آهن. پر انيڪ سارن موضوعن کي ڇهيو ويو آهي. جيئن: نفسيات، سياست، سيڪس، قومپرستي وطن دوستي سرئيلزم ۽ شعور جو وهڪرو وغيره.
باب ٻيون_سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪهاڻي جي ارتقا:
هي هن تحقيق جو ٻيو باب آهي. جيڪو ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ جي سنڌي ڪهاڻي جي باري ۾ مڪمل تاريخ بيان ڪري ٿو. هيءُ سڄي جو سڄو باب، محمد اسماعيل عرساڻي صاحب جي ڪتاب چار مقالا تان جيئن جو تيئن کنيو ويو آهي. مواد ته توهان ڀلي کڻو پر ان لحاظ سان ليکڪ کي نئين سر ڪا نه ڪا راءِ ضرور جوڙڻ گهرجي ها. هيءُ باب ليکڪ جو خود جو ناهي ان ڪري ان تي نٿا ڳالهايون.
باب ٽيون_ سنڌي ڪهاڻيءَ جي انفراديت:
مقالانگار ڪهاڻي جي انفراديت جي لاءِ هن ريت لکيو آهي:
”هتي سنڌي ڪهاڻي جي انفراديت مان مراد آهي؛ سنڌي ڪهاڻي اندر ڪهڙا موضوع شامل رهيا آهن. سياسي، سماجي لاڙن، نظرين ۽ تحريڪن کي سنڌي ڪهاڻي ڪيئن منهن ڏنو آهي. مجموعي طور سنڌي ڪهاڻي، سنڌي سماج جا ڪهڙا فني قدر، ثقافت، فن ۽ تاريخ جا پهلو اجاگر ڪيا آهن. سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ سنڌي سماج جي بيهڪ ڪهڙي آهي.“ صفحو۹۷
سنڌي ڪهاڻي، پنهنجي دؤرن ۾، جوهر ۾ هميشه انفراديت جي حامل رهي آهي. موضوعن جي نسبت سان لڳ ڀڳ ۵۰ کن موضوعي ڪهاڻين جنم ورتو آهي، جيئن:
رومانوي ڪهاڻي، جاسوسي ڪهاڻي، ڪالم ڪهاڻي، سوشلسٽ ڪهاڻي، تعليمي ڪهاڻي، سيڪسي ڪهاڻي، صوفي ڪهاڻي، قومپرست ڪهاڻي، مارڪسي ڪهاڻي، لوڪ ڪهاڻي، علامتي ڪهاڻي، رمزيت ڪهاڻي، تاريخي ڪهاڻي، نفسياتي ڪهاڻي، سياسي ڪهاڻي، وجودي ڪهاڻي، مزاحيه ڪهاڻي، عورتزاد ڪهاڻي، سوانحي ڪهاڻي، تاثراتي ڪهاڻي، Realism ڪهاڻي، جنگي ڪهاڻي، حيواني ڪهاڻي، منظوم ڪهاڻي، واقعاتي ڪهاڻي، اسلامي ڪهاڻي ۽ سائنسي ڪهاڻي وغيره ۽ ٻيا انيڪ سارا موضوع، سنڌي ڪهاڻي جي پيٽ ۾ سمائجي ويا آهن.
هيءُ باب سنڌي ڪهاڻيءَ جي انفراديت جي طرز سان، جيترو تفصيلي هجڻ گهربو هو اوترو نه آهي. ۽ ليکڪ گهڻي ڀاڱي مختصر ترين جائزو پيش ڪري ويو آهي. مون کي ته حوالا ڪٿي ڪٿي ڀراءُ ٿا لڳن. هن باب ۾ ٻي هڪ ڳالهه مان چوڻ چاهيندس. ليکڪ کان پنهنجي دؤر جو اهم ڪهاڻيڪار رسول بخس پليجو به رهجي ويو آهي، جنهن جو ذڪر ته ٺهيو نالو به شامل ناهي. انفراديت جي لحاظ کان جتي حيدر بخش جتوئي هارين جي مسئلن تي ”هاري-ڪهاڻيون“ لکي، متعارف ڪرائي. اتي رسول بخش پليجي به سنڌي ادب ۾ نئين روايت طور قانوني ڪهاڻيون يعني ”ڪورٽ ڪهاڻيون لکي متعارف ڪرايون. رسول بخس پليجي، پنهنجي ”ڪورٽ ڪهاڻين بابت هڪ مضمون ۾ لکيو آهي ته:
”ڪنهن زماني ۾ آئون ڪورٽن جون ڪهاڻيون عبرت لاءِ لکندو هوس. ڪورٽن جي سچن ڪيسن کي سچين حقيقتن سان، افسانوي انداز ۾ پيش ڪرڻ جي ادبي صنف، مون انهن ڏينهن ۾ ايجاد ڪئي هئي. منهنجون سچيون قانوني ڪهاڻيون ”ڪيٿرائين دنيا جو سير“، ”ڪرش نگر ڪنوار ۽ ”سون جا واپاري“ انهن ڏينهن ۾ عبرت ۾ شايع ٿيون.“
باب چوٿون _ سال ۲۰۰۰ع کان ۲۰۱۴ع تائين شايع ٿيل ڪهاڻي ڪتابن جو تنقيدي جائزو؛
هن مقالي جو آخري باب، جيڪو چوٿون نمبر باب آهي. جنهن جي لکڻ لاءِ ٽن بابن جو ٿلهه ٻڌو ويو آهي. سال ۲۰۰۰ع کان ۲۰۱۴ع تائين شايع ٿيل ڪهاڻي ڪتابن جو تنقيدي جائزو، عباس ڪوريجي جائز طريقي سان ڇنڊڇاڻ ڪندي پيش ڪيو آهي. جنهن سان موجوده دؤر جي ڪهاڻيڪارن تي  ٿيل اثرن کان واقف ٿجي ٿو ته انهن جي ڪهاڻين جي ڪٿ به ٿئي ٿي. عباس ڪوريجي جي تنقيد جو انداز تحقيقي آهي. جيڪو ڪافي حد تائين علمي آهي پر تنقيد جو اِهو به مطلب ناهي ته رڳو چڪون ڪڍڻ گهرجن پر انهن جي سٺائين جي به تعريف ڪرڻ گهرجي ها.
عباس ڪوريجي جي هن ڪتاب بابت غور هيٺ آيل ڪجهه اهم نقطا ۽ ڪجهه صلاحون:
سليم چنا جهڙي سينئر ۽ اهم ڪهاڻيڪار بابت مولائي ليکڪ لکي، طنزيه يا ٽوڪ ٺٺول وارو انداز اپنائڻ سو به تحقيقي ڪتاب ۾، ڪنهن حد تائين صحيح تنقيدي شعور نه آهي ۽ نه ئي تنقيدي انصاف. جيڪو مون کي صفا نه وڻيو. سليم چنا، شوڪت شورو، مدد علي سنڌي ۽ رسول ميمڻ جي ٽهي جو ڪهاڻيڪار آهي.
ڪهاڻيڪارن جي نالن جي ذڪر ۾ ليکڪ کان ڪافي نالا رهجي ويا آهن، جيڪي شامل ٿيڻ گهرجن ها. منهنجي خيال ۾ اها ڪمي ٻئي ڇاپي ۾ پوري ڪئي ويندي.
انيس انصاري اڪيڊمي پاران ٿيندڙ ڪانفرنسن جو نه صرف ذڪر ڪيو وڃي ها پر انهن ۾ پيش ٿيندڙ ڪهاڻين جا نالا ۽ مٿن تنقيدي اڀياس پڻ ڪيو وڃي ها.
انيس انصاري اڪيڊمي ڪانفرنسز ۾ پيش ٿيندڙ ڪهاڻين ۽ اهم مقالن کي ڪتابي شڪل ۾ اسحاق انصاري سهيڙي ثقافت کاتي پاران ڇپرايو ھيو، جنهن تي پڻ ڪا راءِ جوڙجي ها.
ادبيات اڪيڊمي اسلام آباد، ادل سومري طرفان، سنڌ جي ٽي سؤ ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون سهيڙي، ڪتاب ڇپايو ھيو. ان جو ذڪر ۽ جائزو پيش ڪرڻ، تمام گهڻو ضروري هو.
ڪهاڻي تي امر جليل جي گهڻن راين ۽ حوالن ڏيڻ کان ٿورو ٻين ڪهاڻيڪارن يا نقادن جا ڪهاڻيءَ بابت حوالا ڏيڻ گهرجن ها. امر جليل جتي سنڌ جي هر نوجوان تي پنهنجا اثر ڇڏيا آهن، اتي عباس ڪوريجو به ان ڇاپ هيٺ اچي ويو آهي.
آخر ۾ ليکڪ جيڪي نتيجا پيش ڪيا آهن. ان ۾ اڌ کان وڌيڪ ته صلاحون آهن. ان لاءِ نتيجا الڳ ۽ صلاحون الڳ ڏيڻ کپن ها.

No comments:

Post a Comment