Monday, April 20, 2020

امان سيبتي - انور ابڙوا


امان سيبتي
مختصر ڪهاڻي
انور ابڙو
هونئن ته هن جو اصل نالو اُميدان آهي، پر هيءَ جڏهن اڃا ننڍڙي هئي، ۽ گهر ۾ ماءُ جي مدد لاءِ سيبتائب وارا ڪم ۽ پنهنجيءَ عمر کان وڌيڪ سٺيون ڳالهيون ڪرڻ لڳي هئي، ته هڪ ڏينهن سندس بابا کيس ”امان سيبتي“ چيو هو. بس اهو ڏينهن هي ڏينهن، سڀني کان هن جو اصل نالو وسري ويو ۽ کين ”امان سيبتي“ نالو ياد رهجي ويو.


هن وقت سندس عمر پنجاهه سال کن ٿيندي، پر ڊگهي قد ۽ گوري چِٽي ويڪري چهري مان سندس حشمت پئي بکندي آهي. ننڍا وڏا، مرد توڙي مايون، سندس تمام گهڻي عزت ۽ احترام ڪندا آهن. انٽر تائين پڙهيل آهي. هٿ سان ٽوپي ٽَڳي جي ڪم ڪرڻ، ٽُڪ جون رليون ۽ سوَڙيون سبڻ، سلائي مشين هلائڻ، ڀرت ڀرڻ، گهر ۾ هر شيءِ سليقي سان ٺاهي رکڻ، گهر کي صاف سٿرو رکڻ، ضرورت آهر سيڌو سامان وٺي گهر ۾ رکڻ، ڪا به شيءِ ضايع نه ڪرڻ، گهر ۾ پوکيل ٻوٽن جي سنڀال ڪرڻ، مهمانن جي اچڻ تي خوش ٿيڻ ۽ خير خيرات ڪرڻ سان گڏ پنهنجي ٻن ٻارڙن جي تعليم تي پورو پورو ڌيان ڏيڻ وارا گڻ پنهنجي مائٽن ۾ سندس هڪ الڳ سڃاڻپ قائم ڪرائي ويٺا آهن. ڪو به مِٽ مائٽ، پوءِ ڀلي اهو غريب ڇو نه هجي، سندس گهر ايندو ته اصل ان مٿان گهورَ پيئي ويندي. تڏهن ئي ته سندس گهرَ تي ماين جا ميڙا هوندا آهن. منجهس قدرت اڳواڻي ڪرڻ جون تمام گهڻيون صلاحيتون رکيون آهن.
سندس مڙس جمال الدين، جيڪو سندس سئوٽ به ٿئي، اهو هڪ ڪاليج ۾ پروفيسر آهي، جتي هو حسابن جو مضمون پڙهائيندو آهي. پر شاديءَ کانپوءِ هن گهر جي حساب ڪتاب رکڻ وارا سڀ ڪم پنهنجي گهرواريءَ جي حوالي ڪري ڇڏيا. هاڻي، ان ڏينهن کان وٺي امان سيبتي، پنهنجي گهر جي هلائي چلائيءَ کان ويندي، گهر جا ٻيا فيصلا ڪرڻ ۾ آزاد آهي. تنهن هوندي به هوءَ ڪو به ڪم ڪرڻ کان اڳ ۾ پنهنجي مڙس سان صلاح مشورو ضرور ڪندي آهي. جمال الدين، هڪ باشعور شخص هئڻ جي ناتي، پنهنجي گهرواريءَ جي هر اهڙي ڪم کي هميشه ساراهيو آهي، جنهن ۾ هوءَ وِت آهر ضرورتمندن جي مدد ڪندي رهندي آهي. فقير به خيرات وٺڻ کانسواءِ سندس گهر جي در تان موٽي نه ويندو. هٿ کُليو هجڻ ڪري سندس هٿُ ڪڏهن به ناهي مُنجهيو.
ڪهڙا به ڏينهن هجن، موتي فوتي هجي يا ڪو ڪاڄ، امان سيبتي نه رڳو اڳيان هوندي، پر سڀني رسمن جي ادائيگيءَ ۾ ٻين ماين جي به رهنمائي ڪندي رهندي. شادي مرادي هوندي ته ان ۾ ڏاج ڏيکارڻ کان وٺي، لانئون لهڻ تائين، سڀني رسمن ۾ ٻين سڀني ماين کي پاڻ سان گڏ وٺي هلندي. شاديءَ ۾ ٿالهه به واهه جو وڄائيندي آهي ۽ جيڪڏهن اُتي امان سيبتي سهرا نه ڳائي ۽ جهمر نه هڻي ته ڄڻ اهو ڪاڄ ئي نه ٿيو. ان طرح فوتگيءَ وقت ڏکويل خاندان کي آٿت ڏيڻ ۽ حيلا هلائي انهن کي ماني کارائڻ سان گڏ ويڙهي ۾ رهندڙ ٻين مائٽن کي به چوندي ته هو واري واري سان ماني، چانهه ۽ کير جو بندوبست ڪن.
امان سيبتيءَ جي هڪ ٻي وڏي خوبي اها به آهي ته گهر ۾ جيڪو ڪجهه رڌيندي، ان مان ٿورو ٿورو پنهنجي ويڙهي جي گهرن ۾ به موڪليندي. سندن ويڙهي ۾ ڏهه کن گهر آهن. سو جيڪڏهن هن اڄ ٻن يا ٽن گهرن ۾ ڀاڄي يا پلاءُ موڪليو ته، سڀاڻي وري ٻين گهرن ڏي موڪليندي. ائين ٽن چئن ڏينهن ۾ سڀني گهرن ۾ ڪجهه نه ڪجهه ڏيندي رهندي آهي. ٻيون مايون به کيس چُنگي موڪلينديون رهنديون آهن.
هينئر جيئن ئي ڪورونا وائرس واري وبا مُنهن ڪڍيو ۽ هن ان جي تباهيءَ جون خبرون ٻڌڻ ۽ پڙهڻ شروع ڪيون ته کيس ڳڻتي ورائي وئي. ڪورونا وائرس کان بچاءَ بابت سندس مڙس جمال الدين به ڪجهه ڪتابچا، مضمون ۽ خبرون انٽرنيٽ جي مختلف ويب سائٽس، خاص طور ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي ويب سائٽ توڙي واٽس ايپ، تان هن جي موبائيل فون تي فاروڊ ڪري ڏنا ته جيئن هوءَ اهي پڙهي، انهن جي روشنيءَ ۾ پنهنجو ۽ پنهنجي ٻارن جو خيال رکي.
اهي سڀ شيون پڙهڻ ۽ جمال الدين کان به ڪورونا وائرس کان بچاءَ بابت ڪافي ڳالهيون ٻڌڻ بعد، امان سيبتيءَ سوچيو ته، ههڙين حالتن ۾ مرد ته احتياط ڪري وٺندا، پر عورتن ۽ ٻارن جو احتياط ڪرڻ ڏکيو آهي. تنهن ڪري هن پنهنجو فرض پورو ڪرڻ لاءِ ڇا ڪيو جو پنهنجي ويڙهي ۾ گهر گهر وڃي، ٻين ماين کي به سمجهائڻ لڳي ته ڪيئن هن وائرس کان بچي سگهجي ٿو. ان سان گڏ سندس ويڙهي ۾ جيڪي به گهر هئا، سي سڀ مڇيءَ ماني وارا هئا. هيءَ انهن سڀني ڏهن ئي گهرن جي سٺين نوڪرين وارن ويهن مردن کان هزار هزار رپيا وٺي، ويهه هزار رپيا گڏ ڪري، پنهنجا به انهن ۾ پنج هزار رپيا شامل ڪري، مڙس سان گڏجي وڃي ويجهي دڪان تان کاڌي پيتي جو سامان وٺي آئي. جنهن جون ويهه کن ٿيلهيون ٺاهي ڀرسان، ٿوري پنڌ تي موجود پندرهن کن جُهڳين ۾رهندڙ جوڳين کي ڏيڻ ويئي.
انهن جوڳين مان اڳ ۾ ڪي نانگ کڻي گهر گهر وڃي خيرات وٺندا هئا، ڪي سمنڊ ڪناري وڃي مختلف شيون کپائيندا هئا، ڪي ڇوڪرا ڦوڪڻا کڻي گهٽي گهٽيءَ ۾ وڃي کپائيندا هئا، ته ڪي جوڳياڻيون خيرات وٺڻ لاءِ نڪري وينديون هيون. هاڻي جيئن ته لاڪ ڊائون سبب انهن مان ڪير به گهر مان ٻاهر نٿي نڪتو، تنهن ڪري امان سيبتيءَ بهتر سمجهيو ته هوءَ انهن جي مدد ڪري.
هي زال مڙس جيئن ئي سامان کڻائي جوڳين جي جهڳين ۾ ويا ته ننڍا وڏا، مرد مايون ۽ ٻارڙا آهستي آهستي ڪري پنهنجين جهگين مان ٻاهر نڪري آيا. ڪجهه نوجوان توڙي پڪي عمر جي جوڳياڻين هنن کي سڃاتو. انهن مان هڪڙي جهورُ پوڙهي عورت به آهستي آهستي ڪري امان سيبتيءَ ڏانهن وڌي آئي ۽ ڪجهه فاصلي تي بيهي پنهنجين دعائن جهڙين اکين سان هن کي ڏسڻ لڳي. امان سيبتيءَ جيئن ئي کيس ڏٺو ته سندس اکيون آليون ٿيڻ لڳيون. هيءَ اُها ئي عورت هئي، جيڪا سندس مرهيات امڙ کان خيرات وٺڻ ايندي هئي، ۽ ان سان دير تائين ويهي ڪچهريون ڪندي هئي. امان سيبتيءَ آلين اکين سان ٻانهون ٻڌي کيس چيو؛ ”امان خوش آهين؟“
”جي امان سيبتي.“ هُن جيئن ئي هن جو نالو ورتو ته امان سيبتيءَ جي اکين مان ڳوڙها وهي پيا. هن جي دل چاهيو ته؛ هيءَ وڌي وڃي کيس ڀاڪر ۾ ڀري، سندس هٿن تي چميون ڏيئي پنهنجي امڙ جي سِڪ لاهي، پر هيءَ ائين نه ڪري سگهي. جهٽ گهڙيءَ ۾ هن پنهنجي رئي جي پاند سان ڳوڙها اگهندي، ڪراڙي عورت کي چيو؛ ”امان، هي ٿورو سامان آهي، اهو تون ئي پنهنجن هنن گهرن ۾ ورهائجانءِ.....“
”مهرباني امان.... پر هلي ڪي گهڙيون مون وٽ ويهه. تنهنجي امڙ ته منهنجو ڏاڍو خيال رکندي هئي. تون پهريون ڀيرو اسان وٽ آئي آهين.“
”امان، مان ٻئي ڀيري اينديس. هن وقت حالتون صحيح ناهن.... پوءِ تو سان کوڙ ساريون ڳالهيون ويهي ڪنديس،“ ائين چئي امان سيبتيءَ کانئن پري کان بيٺي ئي موڪلايو ته، اها ڪراڙي امان کيس دعائون ڏيڻ لڳي.
(انور ابڙو جي فيسبڪ وال تي تاريخ ۱۷ اپريل ۲۰۲۰ع رکيل/کنيل)

No comments:

Post a Comment