Sunday, April 12, 2020

جديد سنڌي ڪھاڻيءَ ۾ فني تجربا ۽ سليم چنا جون ڪھاڻيون


جديد سنڌي ڪھاڻيءَ ۾ فني تجربا ۽ سليم چنا جون ڪھاڻيون
ھوش محمد ڀٽي
سنڌي ڪهاڻي جي افق کي جڙندي، ڏيڍ سؤ (۱۵۰) سال ٿي چڪا آهن ۽ ان آسمان تي ڪيترا ئي ستارا ظاهر ٿيندا، چمڪندا ۽ الوپ ٿيندا رهن ٿا. سنڌي ڪهاڻيءَ جي ستارن جو سجيل اُڀ، شاندار ڪهاڻين سان، ڏينهون ڏينهن روشن ۽ چمڪيلو ٿي رهيو آهي. سٺ جي ڏهاڪي ۾ ان آسمان تي هڪ ستارو ظاهر ٿيو، جنهن جو نانءُ سليم چنا آهي. جيڪو انهن ڏينهن سوڌو، اڄ تائين پنهنجي ڪهاڻي جي فن سان سنڌي ڪهاڻي جا ڏيئا روشن ڪندو رهي ٿو. سليم چنا صاحب، سنڌي ادبي کيتر جي تمام سينئر ڪهاڻيڪارن، ناول نگارن، شاعرن ۽ سوانح نگارن منجهان بهترين اديب ۽ سٻاجهڙو انسان آهي. سماجي ۽ ادبي طور هر وقت توانائي سان ڀرپور، چست ۽ عملي ڪم ڪندڙ انسان. جيڪي سنڌي ادبي سماج ۾ تمام ٿورڙا آهن. سليم چنا اشاعت گهر حيدرآباد پاران ڪافي تاريخي ۽ ادبي ڪتاب به ڇپائيندو رهي ٿو جيڪو به هڪ وڏو ڪم آهي.


سليم چنا جا تقريبن ٻه درجن ڪهاڻين جا ڪتاب اچي چڪا آهن ۽ ٻيا به ايندا رهندا. سندس شمار ڪهاڻي کيتر جي انتهائي سينئر پيڙهي ۾ ٿئي ٿو. سندس مارڪيٽ آيل ڪهاڻين ڪتابن جا نالا هن ريت آهن:
سج منهنجي هٿن ۾، زندگي، روشني، صحرا جو چنڊ، اڌورا خواب، هم ٿيل ماڻهو، آسماني ستارو، شينهن بنا ٻيلو، خواب نگر، ڌرتي دريا سمنڊ، ڏينهن ڏٺي ڏيئو، سٽ سٽ، قصو، ڪهاڻي، پراڻي آکاڻي، هڪ هڪ سٽيون هڪ سؤ ڪهاڻيون، سٽ سٽ ڪهاڻي، سليم چنا ٻڌائي ٿو آکاڻي... ۽ ٻيا به هوندا جيڪي خبر نه هجڻ ڪري هتي نالا نه ڏئي رهيو آهيان.
هتي اسين سنڌي ڪهاڻي ۾ فني تجربن جي روشني ۾ آيل سندس هڪ سٽي ڪهاڻي جي هيٺين ڪتابن جو جائزو وٺنداسين:
 سٽ سٽ ڪهاڻي، سليم چنا ٻڌائي ٿو آکاڻي... (سيپٽمبر ۲۰۱۳ع)
هڪ هڪ سٽيون هڪ سؤ ڪهاڻيون - سليم چنا (مئي ۲۰۱۴ع)
سٽ سٽ، قصو، ڪهاڻي، پراڻي آکاڻي (۲۰۱۴ع)
ياسر منگي سنڌي ۾ مختصر مختصر ڪهاڻي کي رد ۽ غلط ثابت ڪرڻ لاءِ ته اها نه لکي وڃي. ان سان ڪهاڻي جي روح کي نقصان پهچي ٿو. ۽ اها فضول مشق آهي وغيره ان لاءِ هو انڊيا جي سياستدان لالو پرساد ياديو جو هڪ مزاحيه لطيفو اڪثر سنگت شاخ باڊهه جي گڏجاڻين ۾ Micro Fiction هيٺ ڪهاڻيون پيش ڪندڙ تي تنقيد ڪندي ٻڌائيندو آهي. لطيفو ڪجهه هيئن آهي: ”هڪ فوٽ بال مئچ ۾ لالو پرساد ياديو کي، مهمان خاص ڪري گهرايو ويو. ڪيتري دير تائين مئچ جاري رهي ۽ سڀ رانديگر بال جي پٺيان ڊڪندا رهيا. ان تي ياديو صاحب ڪنهن کان پڇي ورتو ته؛ ’ابا! هي سڀ ڇا جي لاءِ بال جي پٺيان ڊڪي رهيا آهن؟‘ ته ان وراڻيس؛ ’سائين هي سڀ گول ڪرڻ لاءِ بال جي پٺيان ڊوڙي رهيا آهن.‘ ان تي سائين جن فرمايو ته؛ ’اڙي بابا! بال گول ته آهي، اڃا ان کي ڪيترو گول ڪندؤ.‘“
ڏٺو وڃي ته بال جي گول.. وانگر ڪهاڻي به مختصر آهي. اڃا ان کي ڪيترو قدر مختصر ڪيو ويندو. تبديلي ۽ لاڙا انهن شين جي محتاج نه هوندا آهن ۽ اهو لاڙو اچي چڪو آهي، جنهن کي اسين ڇا به ڪيون روڪي نه سگهندا. ڇو ته دنيا جي مختلف لاڙن ۽ تحريڪن جا سنڌي ادب تي اثر ايندا رهيا آهن ۽ ڪيتريون صنفون سانيٽ، هائيڪي، ترائيل کان ويندي نثري نظم ۽ نثر جي ناول، ناوليٽ، شارٽ اسٽوري، مضمون نويسي پڻ ڌاريون صنفون آهن جيڪي شروعات ۾ ڌڪاريون ويون پر بعد ۾ سنڌي اديب ٻاهرين اثر کان بچي نه سگهيا ۽ انهن کي اهي اپنائڻيون ئي پيون ائين هڪ سٽي ڪهاڻي به ايندڙ وقت ۾ سنڌي ادب ۾ مقبول بڻجي ويندي.
نثر جي اصناف ۾ ڪهاڻي صنف ڏاڍي مقبول ٿيندي پئي اچي. ڪهاڻي جي وڏي ۾ وڏي خصوصيت آهي اها ان جو مختصر هجڻ آهي. ۽ اها ڏينهن مختصر ٿيندي ٿيندي اچي هڪ سٽ هڪ اکر تائين پهتي آهي. مائڪرو فڪشن جو اصطلاح عالمي سطح تي متعارف ٿي چڪو آهي جنهن تحت هيٺيون ڪهاڻيون صنفون اچي ويون آهن.
Sudden story, Post card story, Minute story, Furious story, Fast story, Short story, Quick story, Short-Short story, Bytes story, skinning story, palm size story, little short story, Pocket size story, sketch story, smoking long story, 100words story, 55words story, 69words story, 16words story, 8words story, 4words story, 2words story, 1word story, zero byte story, one line story etc.
ارنيسٽ هيمنگوي، فرانز ڪافڪا، رابندر ناٿ ٽئگور، خليل جبران ۽ سعادت حسين منٽو مختصر مختصر(هڪ سٽيون) ڪهاڻيون لکيون، جيڪي تمام اوچي پد جون آهن ۽ شاندار پڻ. عربي، چيني ادب ۽ صوفي ازم ۾ اهڙيون ڪهاڻيون صديون اڳ لکيون ويون آهن.
جديد دؤر ۾ اسٽينلي بيوبن ۽ پائلو ڪوئلو مختصر مختصر ڪهاڻيون لکي رهيا آهن. جن کي پوري دنيا ۾ مشهوري ملي رهي آهي ۽ انٽرنيٽ تي ان ڪهاڻي جي حوالي سان ڪيترائي بهترين ليکڪ به پيدا ٿي رهيا آهن. دنيا ۾ جتي ليکڪ پنهنجي تخليقن ۾ نکار پيدا ڪرڻ ۽ معياري بنائڻ لاءِ محنت ڪندا آهن اها اسان جي سنڌي ادبي سماج ۾ نه آهي ان ڪري معياري ڪهاڻي يا ادب نه پيو اچي. انگلينڊ جو مشهورڪهاڻيڪار رڊيارڊ ڪپلگ پنهنجي ڪهاڻي ۶ يا ۸ دفعا وري لکندو هو. اسان وٽ ته هڪ جهٽڪي ۾ لکيل تخليقن کي شاهڪار ۽ ڪلاسيڪل جو درجو ڏنو وڃي ٿو.
عربي ۾ چوڻي آهي: ”ماڻهو هر ان شيءِ جو دشمن هوندو آهي، جنهن کان هو اڻ واقف هوندو آهي.“ سنڌي ادب ۾ به هڪ سٽي ڪهاڻي نئين آهي ان ڪري ڪهاڻيڪار يا اديب ان تي وايلا ۽ هاءِ گهوڙا پيا ڪن ته هڪ سٽي ڪهاڻي لکي ڪهاڻي کي ختم ڪيو پيو وڃي وغيره پر ائين چوڻ اٻهرائي آهي هڪ سٽي ڪهاڻي تي ڪم ڪرڻ کپي ۽ سنڌ ۾  منظور ڪوهيار، عزيز قاسماڻي، عباس ڪوريجو ۽ گهڻا اديب ان تي طبعي آزمائي ڪري رهيا آهن. خاص ڪري منظور ڪوهيار ان جي تاريخ ۽ فن تي پنهنجي ڪتابن جي مهاڳن ۾ گهڻي محنت ڪئي آهي. منظور ڪوهيار جي ڪتابن “ڀؤنرن جي انتظار ۾” سچا ڪوڙا رشتا” ۽ فراق جي منزل” جا مهاڳ مختصر ڪهاڻي جي فن کي سمجهڻ لاءِ لاڀائتا آهن ۽ ان پوري لاڙي کي صحيح معنيٰ ۾ ذهن نشين ڪرائين ٿا. هاڻي سليم چني جي هڪ سٽين ڪهاڻين تي اچون ٿا، سليم چنا جو هڪ سٽيون ڪهاڻيون تمام بهتر انداز ۾ سرجيل آهن پر انهن ۾ ڪجهه ڪهاڻيون ئي بهتر ڪهاڻي جو تاثر ڇڏين ٿيون. باقي شاعري ۽ حوال آهن.
سليم چنا جي ڪتابن جي جيڪي هڪ سٽيون ڪهاڻيون معنيٰ خيز ڪهاڻيون آهن يا لڳن ٿيون اهي هي آهن:
• سنڌ لاءِ شيدي هوش محمد شهيد، ڪوپو، ڪونڌر، ارڏو شينهن ٿي وڙهيو.
هن هڪ سٽي ڪهاڻي ۾ هوشو شيدي جي انگريزن سان وڙهڻ واري ڪهاڻي تمام مختصر انداز ۾ چٽيو ويو آهي.
• اسمگلر ۽ منشيات فروشن کان ڪمائي_ عمرا حج ڪرين ٿو!
هي هڪ سٽي ڪهاڻي انهن مذهبي ماڻهن تي چٿر آهي. جيڪي حرام کي حال سمجهن ٿا. حرام جو پيسو ڀلي ڪم لاءِ آڻن ٿا ۽ پاڻ کي سهي مسلمان سمجهن ٿا.
• ڀاءُ نه کاڌو ڀاءُ جو ڀت_ ته ڄڻ ڪٽجي ويو ٻانهن هٿ.
اڄ جي مصنوعي سماج ۾ جتي رشتا هڪ عام رسمي ڳالهه ٿي ويا آهن. پيءُ پٽ جو، ماءُ ڌيءُ جي ۽ ڀاءُ وري ڀاءُ جو نه رهيو آهي اها انا هن هڪ سٽي ڪهاڻي ۾ شاعرانه انداز ۾ ڏني وئي آهي.
• نه ٽالپر تياري سان وڙهيا، نه ڌرتيءَ ڌڻين کي پاڻ سان شامل ڪيائون.
هن ڪهاڻي ۾ ٽالپرن جي انگريزن سان لڙائي جي باري ۾ ليکڪ پنهنجو تجزيو پيش ڪيو آهي ته ٽالپرن ڪنهن به رٿابندي تحت جنگ نه وڙهي نه ئي مقامي ماڻهن کي کينو تنهنڪري لڙائي هارائي ويا.
• لاش لڙهي.. ماڻهو مڙي، پر حد نه منهنجي_ پوليس ڪري اڙي.
هي هڪ سٽي ڪهاڻي نسيم کرل جي مختصر ڪهاڻي “چوٽيهون در” جي هڪ سٽ ۾ عڪاسي آهي. ۽ اهڙيون ليکڪ جي ڪتاب ۾ مسلسل چار پنج هڪ سٽيون ڪهاڻيون آهن. منهنجي خيال ۾ هن ۾ ڪا نه احساس داري نه آهي.
• ڏينهن جو سج_ رات جو تارا ۽ چنڊ پيا ڏسن ڀاڱا ڀاڱا__ ڀريل جهريل ننڍوکنڊ.
هي هڪ سٽي ڪهاڻي سليم چنا جي تمام بهترين شاندار ڪهاڻي آهي جنهن ۾ هن ورهاڱي جي جيءُ جهوريندڙ سانحي کي هڪ سٽ ۾ واهه جو سمويو آهي. هي ڪهاڻي پڙهڻ سان هڪ پل ۾ ورهاڱي وارو اهو منظر اکين جي  ماڻڪين ۾ ڀرجي اچي ٿو.
• هاءِ قهر! ڪنواري ڀيڻ ڏوهه بنا ڪري ڪاري! قاتل ڪئي قيامت ڪاري!
ڪارو ڪاري جو موضوع به ڪو نئون موضوع نه آهي. سندس ڪتابن ۾ ڪارو ڪاري تي لڳاتار ۵ کان اٺ ڪهاڻيون آهن. هڪ سٽي ڪهاڻي ۾ قافيي ملائڻ وارو ورجاءُ هتي به محسوس ٿئي ٿو.
• ڪاڏي ٿا وڃو؟ سڏڪا، ڳوڙها، ڏڪندڙ هٿ، پوڙهي پيءُ جو سوال؟
هي هڪ دردناڪ جديد دؤر جي ماحول جي عڪاسي ڪندڙ ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ هڪ جهور کي سندس اولاد ڪٿي ڦٽو ڪري وڃي ٿي. پٺيان سندن پيءُ روئي پٽي سوال ڪري ٿو پر کيس ڪوئي جواب نه اچي ٿو.
• تون به وندرجي وئين ملڪ الموت، مون جو پڪاريو پنهنجو هوت!
هي هڪ سٽي ڪهاڻي شاهه ڀٽائي جي ان شعر وانگر لڳي ٿي جنهن ۾ عزارئيل سندس ساهه ڪڍڻ اچيس ٿو ۽ هو سمجهي ٿي ته پنهون ماڻهو موڪو. شاهه ڀٽائي سنڌ جو پهريون منظوم شارٽ اسٽوري رائيٽر آهي. اها هڪ حقيقت آهي ڪوئي مڃي يا نه مڃي. پر هن ڪهاڻي مان ڪو واضع خيال نٿو اڀري اچي.
• واڌو واهه ڪندو هو دو آبو آباد، هاڻ گند ڪچرو، ڍونڍ، بدبوءِ قاسم آباد.
هي هڪ سٽي ڪهاڻي سليم چنا جي انتهائي تمام گهڻي معياري ڪهاڻين ۾ شمار ٿئي ٿي. جنهن ۾ ليکڪ حيدرآباد جي واڌو واهه جي تباهي ۽ بربادي جو نوحو لکيو آهي. اوقعي واڌو واهه حيدرآباد جو سونهن جو مضوط حصو هوندو هو، جنهن ۾ گرمين ۾ نوجوان تڙڳندا هئا پر هاڻي بلڊرن جي حرامپائن ڪري گندي پاڻي جي نيڪال جو نالو ٿي ويو آهي.
• اَچو ته DNA ٽيسث ڪرايون، موهن جي دڙي جا آهيون به نه نه؟
هي هڪ سٽي ڪهاڻي به سليم صاحب جي واهه جي ڪهاڻي آهي. جنهن جي جيتري تعريف ڪيان اها گهٽ هوندي. ڇا ته پيغام ڏئي ٿو هو هن ڪهاڻي ۾. واقعي موهن جي دڙي جا ماڻهو ته دنيا ۾ مهذب پڻي جو اعليٰ مثال هئا. پر جديد موهن جي دڙي رهواسي ته بي ايماني ۽ بدديانتداري جو مثال بڻيل آهي، جنهن ڪهاڻيڪار چوي ٿو ته ٽيسٽ ڪرايون ته اسان واقعي انهن عظيم دراوڙن جو تسلسل آهيون به يا نه.
• ٽئگور کان لطيف، شانتي نڪيتن کان موهن جو دڙو ڀلو اٿئي.
منهنجي خيال ۾ ڀيٽ ڪرڻ خاص ڪري هن معنيٰ ۾ ته ڦلاڻو وڏو ڦلاڻو ننڍو. اهو سراسر غلط آهي. ٽئگور هجي يا لطيف سائين هر ڪنهن جو پنهنجو مقام آهي. ائين ڪهاڻي ۾ پيغام ڏيڻ ته شانتي نڪتين کان موهن جو دڙو وڌيڪ بهتر آهي، اهو ڪهاڻيڪار جو پنهنجو ذاتي رايو ٿي سگهي ٿو پڙهندڙ تي ڪو خاص تاثر نٿو پوي.
• بارود جو ڍير ننڍو کنڊ پيو ساڙي_ ماڻهو ڳاڙهو رت پيو ڳاڙي!
ننڍي کنڊ جي ورهاست تي ليکڪ جي هي ٻئي ڪهاڻي آهي جيڪا به ان خوني ورهاڱي جي بهترين منظرڪشي ڪندڙ هڪ سٽي ڪهاڻي آهي. جنهن تي ليکڪ جس لهڻي.
هي ڪهاڻي ته ڪنهن ڏاهي جو قول لڳي ٿي: “مان دنيا کي بدلائڻ چاهيان ٿو، پر پاڻ کي ڪڏهن به نه..
هي هڪ سٽيون ڪهاڻيون ته شعر لڳن ٿا، جنهن جي هر پوئين سٽ جو اڳين سٽ سان قافيو ملايو ويو آهي:
• ساهه جون ڏوريون تو وٽ سوگهيون__ هو ڀلي پيو ڏئي مون کي گهوگهيون.
• ويا پکي پرديسي موٽي، تون موٽ ملنديءَ هتي روٽي.
• آواز ڪوئل پڪار__نينهن سندي نهار، ديد دل جي آرپار.
• ناڻو، لاڙڪاڻو، سياست ۾ سياڻو_ ڇو بڻيو آ نفرت جو گهاڻو.
• منهنجا هيڻا حال، سڀ ڄاڻين ٿو تون رب جمال.
• قهري ماڻهو ڪاريهر زهر__ ڏنگ هڻن پيا جسم تي، هر هر.
• بندوق نه پر سياسي مخالفت، رت ٻڏل ڪئي ورهاست!
• نيڻن سان ڪر، نينهن نروار، اچي قلب قرار_ لهي دل جو بار.
• گوڏن تائين وار وڌائي سجني، بدني چنڊ ڍڪيو ٿئي ڪڪر وانگي.
ڪتاب ۾ ڪي هڪ سٽيون ڪهاڻيون گهٽ هدايتون ۽ صلاحون وڌيڪ آهن جهڙوڪ:
• لانڍي ڪر صاف_ سنگتي ايندا سفر ڪري.
• اوطاق ٺاهيو_ کٽون رکو مٽ ڀريو_ قرب ڪري ڪچهريون ڪيو.
• راندين جا ميدان ڊاهي، باغن جا وڻ وڍائي، پلازائون ته نه ٺاهيو.
اهڙيون کوڙ صلاحون ۽ حوال ٽنهي ڪتابن ۾ گهڻيون آهن. جيڪي قطعن هڪ سٽيون ڪهاڻيون نٿيون مڃي سگهجن.
ڪٿي ڪٿي ته اخباري خبر وانگر حڪمرانن ۽ ڪامورن جي ثناخواني به ڪري ويو آهي جيڪا به هڪ سٽي ڪهاڻي نٿي ٿي سگهي:
• پ پ پ چئيرمين زيڊ. اي. ڀٽو آيو، ڏني دعوت جو اي ڊي ناريجو.
• رهبر پ پ پ، سماج ۽ سنتپت، ڏسو اي ڊي ناريجو جي محنت.
عالمي طور تي ڪهاڻي جي گهاڙيٽي تي پوري دنيا ۾ تجربا ٿي رهيا آهن. انڊيا ۾ هوند راج بلواڻي انڊيا جي وڏن ڪهاڻيڪارن کان “لگهو ڪٿا” لکرائي. جنهن کي هندي، گجراتي ۽ سنڌي ۾ ”مني ڪهاڻي چئي سگهجي ٿو. سنڌي ۾ شايد ئي اهو نالو سهي رهي. “لگهو ڪٿا” سرجڻ جيتوڻيڪ ننڍي رچنا آهي. اهڙي طرح اهڙا تجربا سنڌي ڪهاڻي ۾ به ٿي رهيا آهن. سليم چنا جا ۴ ڪتاب اچي چڪا آهن. پر رڳو تجربا ڪرڻ سان ته ڪجهه نه ٿيندو ان لاءِ ان گهاڙيٽي ۾ خيال، فڪر ۽ تخيل جي گهرائي به نظر ۾ رکڻ گهرجي.
ڪهاڻي تي هر دؤر ۾ الڳ الڳ رايا ايندا رهيا آهن: اها اڌ ڪلاڪ جي هجي، هڪ ويهڪ ۾ پڙهي وڃي. ٻئي دلچسپ راءِ اها آهي ته ڪهاڻي ايتري ڊگهي هجي جو اها پڙهڻ ۾ ڊگهي نه لڳي. پراڻي وقت ۾ ڪهاڻي ابتدا، عروج ۽ انتها جي چؤڦير ڦرائي ويندي هئي پر جديد دؤر ۾ دنيا جي مختلف ادبي تحريڪن ۽ لاڙن ڪهاڻي جي شڪل کي نئون روپ ڏئي ڇڏيو آهي ۽ اهي انهن لاڙن ۽ تحريڪن جي نظريي هيٺ لکيون وڃن پيون. سنڌي ادب انهن کان بچي نه سگهيو آهي ۽ جدت، پرڏيهي اثر سنڌي ادب ۾ اٿل آڻين پيا. تبديلي ته اڻٽر آهي ڪير ڪيترو روڪي نه روڪجندي.
 سليم چنا جون هڪ سٽيون ڪهاڻيون سٺو تاثر ڇڏيندڙ ڪهاڻيون آهن. انهن کي محنت بنا ڇپايو ويو آهي. وڏي ڳالهه جيڪا سليم چنا جي سڃاڻپ بڻيل آهي ته سندس ڪتاب جي ڪا به قيمت نه هوندي آهي. ڪهاڻين ۾ گهڻائي اجاين جملن جي ۽ لفظن جو ورجاءُ گهڻو آهي. باقي ته سندس محنت ۽ ڊيڊڪيشن، تمام گهڻي داد لهڻي. ۽ هو اڃا به وڌ کان وڌ ڪلاسيڪل جديد ڪهاڻيون لکندو رهي.

No comments:

Post a Comment