Tuesday, April 28, 2020

غربت - ذاڪر شر


غربت
فلئش فڪشن
ذاڪر شر
اخبار جي مين سرخي پڙھي بس ڪيم ته ڀرسان ويٽل هڪ اسي سالن جي پوڙهي سوال ڪيو؛ ”ابا اخبار ۾ڪا نوڪريءَ جي خبر ڇاپي اٿئون ڇا؟
سوال تي حيران ٿي ويم!
پڇيم؛ ”چاچا هن عمر ۾ نوڪري جو پيا پڇو؟
منهنجي سوال تي اکين ۾ سمنڊ ڀرجي ويس.


ڳوڙھا ڳاڙيندي چيائين؛ ”ابا!! هڪڙو پٽ اٿم، سارنگ نالو اٿس. وڏيرن جون غلاميون ڪري، پيرن جا پير مهٽي، گهر جو الهه تلهه کپائي ڊگري ڪرائي اٿمانس. پر نوڪري ڪو نه ٿي مليس. وڏيرن، پيرن، منسٽرن جي بنگلن جا پندرهن سالن کان ڌڪا پيو کائي. پر ابا هاڻي ته صفا نااميد ٿي پيو آھي. بيمار ماءُ جو به احساس نٿو ٿئيس. ڪيترا ڀيرا خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي اٿائين. پر مالڪ بچائي ورتو اٿس. ابا الله کانسواءِ اسان مسڪينن جو هن دنيا م ڪير به ڪونهي.“
جھور پوڙھي جا ھٿ ڏڪي رھيا ھيا. سندس جي اکين مان لڙڪ زارو قطار وهي رهيا هئا. سندس درد تي منهنجيون اکيون به آليون ٿي ويون ھيون. اڃا اکين مان وھندڙ ڳوڙھا اگھي رھيو ھو ته ايتري ۾ ڳوٺ جو هڪ نوجوان ڊوڙندو آيو، روئيندي چيائين؛ ”چاچا چاچا!!! سارنگ خودڪشي ڪري ڇڏي.“

No comments:

Post a Comment