Tuesday, April 28, 2020

سنڌي ڪھاڻيءَ ۾ ابراھيم کرل جي ٽرائلاجي - ممتاز بخاري


سنڌي ڪھاڻيءَ ۾ ابراھيم کرل جي ٽرائلاجي
ممتاز بخاري
ادب درياهه جيان وهندڙ شيءِ آهي. ان ڪري اهو زندگيءَ جي اهم ضرورت بڻجي ويو آهي. اهو وهندڙ ان ڪري آهي جو ان ۾ هر وقت نواڻ جا وهڪرا شامل ٿيندا رهن ٿا، نه ته هوند ان مان ڌپ اچڻ شروع ٿئي ها. جيڪي ماڻهو ان ۾ نواڻ جا وهڪرا شامل ڪندا آهن اهي يقينن تخليقي صلاحيتون رکندڙ هوندا آهن. ابراهيم کرل هن ڪتاب جي مسودي ميل ڪرڻ کان ڪجهه مهينا اڳ پنن جو هڪ ٿهو ڏنو ۽ ڳنڀيرتا سان چيائين، “مون ڪهاڻيءَ ۾ نئون تجربو ڪيو آهي.” مون سندس چهري جي سنجيدگيءَ جو جائزو ورتو. اکين ۾ سوال ڏسي ورتم ته مون تهڙي مهل ڪو تبصرو نه ڪيو. ابراهيم کرل جيڪڏهن سنجيدا هجي ۽ ڳالهائڻ جي موڊ ۾ نه هجي ته لڳندو آهي ڄڻ هي موجود هوندي غير موجود آهي. پر اوچتو ئي اوچتو هن جي چهري تي رونق جو باغ ظاهر ٿي پوندو آهي ۽ چرچي سان گڏ پاڻ به کلي پوندو آهي ۽ اڳيان به ٽهڪن ۾ ٻڏي ويندا آهن، سندس چهري جي ڳنڀيرتا به ان ٻوڙان ٻوڙ ۾ لڙهي ويندي آهي. سو ان ڏينهن به ايئن ٿيو، مليل ڪهاڻين جي ڳالهه به لڙهي وئي. جڏهن ابراهيم هليو ويو ته مون اهي پنا ڏسڻ شروع ڪيا. انهن پنن مٿان هڪ اڌ پنو پيل هيو جنهن تي لکيل هيو:


”سنڌي ڪهاڻي، ڳالهه، آکاڻي ۽ ڪهاڻيءَ کان ٿيندي افساني، مختصر ڪهاڻي رپوتاز ۽ ڪالم ڪهاڻيءَ تائين سئو سال مڪمل ڪيا آهن ۽ خاص ڪري سنڌي ڪهاڻي پنهنجي ڀرپور تاثر ڇڏيو آهي.
آءُ ڪهاڻي قافلي جو ننڍڙو سپاهي آهيان، ان حوالي سان ڪوشش ڪئي اٿم ته ڪهاڻي ۾ پنهنجي ذهن آهر هڪڙو تجربو ڪيو اٿم! خاص ڪري شاعريءَ ۾ ته ٽه سٽا، ٽيڙو، چئوسٽا ۽ پنج-ڪڙا صنفون رائج ٿي ويون آهن پر ڪهاڻيءَ ۾ طويل ڪهاڻي، مختصر ڪهاڻي ۽ مٿي بيان ڪيل قسم رائج آهن. انهن شين کان هٽي ڪري مون جيڪو تجربو ڪيو آهي ان جو نالو “ٽه لڙهي” جنهن کي “ٽه ڪڙي” به سڏيو اٿم، هن تجربي ۾ ٽن مختصر ڪهاڻين کي شامل ڪيو اٿم. هر هڪ ڪهاڻي پنهنجا ڪردار، پلاٽ،  مقصد ۽ فني لوازمات رکي ٿي ۽ هر هڪ ڪهاڻي کي پنهنجو ڪلائمڪس آهي، فرق اهو آهي ته ٽنهي ڪهاڻين جا واقعا الڳ آهن ۽ متفقه ڳالهه اها آهي ته ٽنهي ڪهاڻين جي ڪردارن جو پاڻ ۾ ربط آهي. ائين سمجهو ته ڪٽنب، پاڙو يا تر ساڳيو آهي، وقت جي وٿي آهي. وڏي ڳالهه ته پهرين ڪهاڻيءَ ۾ ظاهر ٿيندڙ ٽي مثبت ڪردار ۽ ٽي منفي ڪردار، هر هڪ ڪهاڻيءَ کي ڪلائمڪس تي پهچائيندا، روانا ٿي وڃن ٿا. مثبت ڪردار جي جاءِ ٻيو مثبت ڪردار وٺي ٿو ۽ ائين ٽيئي ڪهاڻيون تسلسل ۾ هلن ٿيون ۽ هر ڪهاڻيءَ جو پنهنجو ڪلائمڪس آهي.”
اڳيان پنان اٿلايم ته انهن ۾ سندس اهي تجرباتي ڪهاڻيون، “ملياڻي حليمان، رحيمان ۽ سفوران” هيون. مون اهي ڪهاڻيون پڙهيون. سوچڻ لڳس ته ڪهڙي شئي نئين آهي؛ اها ئي ته انهن ٽنهي ڪهاڻين کي “ٽه لڙهي” چيو ويو آهي. ڇا اها ڳالهه ڪو وڏو تجربو آهي. يا ڪنهن فلم جو جيئن سيڪيوئل هوندي ان جيان انهن ڪهاڻين کي ڏٺو ۽ سمجهيو وڃي. مٿان وري خيال آيو ته ڇا واقعي اڳ ۾ ڪهاڻين جي اهڙي سٽاءُ کي ڪنهن اهڙو نانءُ ڏنو آهي. ناول ۾ ته مون ٽرايالاجيز پڙهيون آهن، جنهن ۾ خاص ڪري نجيب محفوظ جا ٽي ناول جن کي The Cairo Trilogy چيو ويندو آهي، اهي ڏاڍا شاندار آهن. انهن ناولز جا نالا Palace Walk (۱۹۵۶), Palace Desire  (۱۹۵۷) ۽ Sugar Street (۱۹۵۷) آهن. نجيب محفوظ انهن ٽنهي ناولن ۾ انهن ڪٽنبن جي زندگين جي ڪٿا بيان ڪئي آهي جن جي ٽن پيڙهين قاهره ۾ گذاريو. ان کي The Cairo Trilogy نالو به ان ڪري ڏنو ويو آهي جو اهو ڪٽنب قاهره ۾ رهندو هئو. جن ڪٽنبن بابت اهي ناول آهن اهي اتي ٻن مهاڀارين جنگين دوران رهيا. مصر ۾ ڇا وهيو واپريو ۽ ڪهڙيون ڏکائيون ڏٺائون اهي ته بيان ٿيل آهن پر جن خاندانن بابت ناول آهن، انهن ۾ عورت ڪردار ئي اهم بڻجي وڃن ٿا جو هڪ سخت گير مڙس جي زال ۽ ڌيئرن جي زندگيءَ جا ڏوجهرا بيان ڪيل آهن. ريتن جي ٽوڙڻ لاءِ ڪوششون ظاهر ٿيل آهن. بنيادي طور ٽرايولاجي ٽن پيڙهين جي سورن جي سامان کي لفظن سان دنيا سامهون رکيو ويو آهي. فلم يا ٻي ڪنهن به اظهار جي طريقي ۾ ٽرايولاجي ۾ جو مطلب ئي زندگي، تاريخ يا واقعن جي ٽن حصن کي ٽن لڙين واري مالا جي هڪ هار وانگر هڪ ڪرڻ آهي. سائنس فڪشن جي مشهور لکاري وليم گبسن جون پڻ ناولز جون چار ٽرايالاجيز مشهور آهن. اهڙو ٻيو نالو ازاڪ ايسوموف به جنهن فائونڊيشن سيريز تحت ٽرايالاجيز لکيون. ڪهاڻيءَ جي عظيم نالي چيخوف جي ڪهاڻين جي هڪ ٽرايولاجي "The Little Trilogy" جي نالي سان مشهور آهي، جنهن ۾ سندس ٽي ڪهاڻيون The Man in a Case, Gooseberries, ۽ About Love شامل آهن. اولهه ۾ ٽرايولاجي ناول ۽ ڪهاڻي توڙي ڊگها ٽرايولاجي نظم اڄ به لکيا وڃن ٿا. ابراهيم کرل به “ٽن لڙين” وارو ڪهاڻين جو تجربو ڪيو آهي ان ۾ سنڌي سماج جي ٽن وهنواري روايتن کي اپٽاريو آهي، جيڪي الڳ الڳ هوندي هڪ ٻئي سان جڙيل آهن. سنڌيءَ ۾، تاريخ جي دورن بابت، ٽرايالاجيز وارو ناول جو ڪم سراج پاران ڪيو ويو. ابراهيم کرل اڄ جي سنڌ ۾ سماجي روين جي ڪٿا پنهنجي ڪهاڻين جي ٽرايولاجي ۾ بيان ڪئي آهي، جنهن ۾ “ملياڻي حليمان” ڪهاڻي ۾ اسان وٽ مذهب توڙي سماجي روين جي زور تي مرداڻي ڏاڍ کي انتهائي فنائتي انداز ۾ بيان ڪيو اٿائين. نج سنڌي انداز ۾ سنڌ جو پيڙهيل ۽ ڏاڍ ڪندڙ طبقو پاڻيءَ مٿان تيل جيان ترندي نظر ايندو. ان سلسلي جي ٻي لڙي واري ڪهاڻي “رحيمان” آهي. جنهن جي پهرين ڪهاڻي پڙهيل هوندي ان لاءِ ته هي ٻي قسط لڳي سگهي ٿي، پر جنهن جي پهرين ڪهاڻي نه پڙهيل هوندي ان لاءِ اها بلڪل نئين ڪهاڻي ئي هوندي جو پهرين ڪهاڻي توڙي هن ڪهاڻي جي اڻت وڏي ڪاريگريءَ سان ڪيل آهي. الزامن ۾ عورت جو قتل، ان تي فيصلا، سياست ۽ وري پلاند جي باهه... سڀ ڪجهه هن ڪهاڻيءَ ۾ حليمان جيان رحيمان جي قرباني ۽ وري اهو سلسلو سفوران تائين. ڪهاڻين جي اهم ۽ خاص ڳالهه اها آهي ته ابراهيم کرل ماحول، ڪردار، وقت ۽ ٻولي جو خاص خيال رکي جهڙوڪر سنڌ جي سماجي تاريخ به لکي آهي. ٻي خاص ڳالهه اها آهي ته واقعن سان جڙيل واقعا آهن، ڪردارن سان جڙيل ڪردار آهن پر ڪهاڻيون ڌار ڌار آهن. انهن ڪهاڻين جي ٻولي انهن جي ماحول ۽ ڪردارن سان اهڙي ته ٺهڪندڙ آهي جو پڙهندڙ به جهڙوڪر اهو ڪردار بڻجي وڃي ٿو.
انهن “ٽه لڙي” ڪهاڻين کان پوءِ “گلناز” ڪهاڻي هڪ ٻي ماحول ڏانهن وٺي وڃي ٿي جنهن ۾ اسڪول جي هڪ استادياڻيءَ جي زندگيءَ ۾ جهاتي آهي. استادياڻين، خاص ڪري سينئرس کي، مئڊم به ڪوٺيو وڃي ٿو سو اها ڪهاڻي هڪ اهڙي ئي مئڊم جي آهي. نئين مزاج ۽ نئين ماحول ۾ پهچائڻ لاءِ ابراهيم کرل به وڏي استادي کان ڪم ورتو آهي. ڇو ته هي ڪهاڻي لائيٽ موڊ واري ڪٿا آهي. پر ان جي اندر زندگيءَ جي ڇرڪائيندڙ حقيقت به شامل آهي. هن ڪهاڻي جي اڻت ڪردارنگاريءَ جي فن سان اڳتي وڌائي وئي آهي. گلناز جي مزاج کي اپٽارڻ لاءِ بيان بجاءِ ايڪشن کي استعمال ڪيو اٿائين، جيئن: “موبائيل فون تي مٿو هڻندي هن کي دير ٿي وئي ۽ پويان رزلٽ آئوٽ ٿي ويو انائونسمينٽ جو شرف مئڊم زرينه کي مليو ۽ جڏهن هيءَ اسڪول پهتي ته پروگرام پوين پساهن ۾ هيو، هن ڳڻي ڳڻي زرينه کي ته گاريون ڏنيون پر ماءُ، ڀيڻ کي به نه بخشيو. جن جي ڪري ساڻس هي ويڌن ٿي هئي.”
يا وري هيئن: “گلناز بيگم آلن وارن کي سُڪايو ئي ڪونه؟ اقبال جي هنيانءَ تي مڳ ڏرڻ لاءِ اِهو به سانگ رچايو ته ڀلي ڏسي ۽ سندس اندر سڙي ۽ کيس اهو احساس به شدت سان ٿئي ته هوءَ اڃان پنهنجي لاءِ وَرُ به ڳولهي نه سگهي آهي.
کيس اها به ترڪيب سُجھي ته هوءَ هاف ٽائيم ۾ ام رباب سان ويهي جڏهن ناشتو ڪندي ته ”رات واري ماجرا وڌائي چڙهائي پيش ڪندي ته ڪيئن اڪبر خان ٽن مهينن کانپوءِ آيو. هن لاءِ ڪهڙيون ڪهڙيون سوکڙيون وٺي آيو.”
جڏهن ته ڪهاڻيءَ جو اينٽي ڪلائمڪس ڇرڪائيندڙ آهي. جملن جي چونڊ ٺهڪندڙ آهي. ڪردارن جي گهڻائي جي ڪري ڪجهه ڪردار اڃان ٽريٽمنٽ لهڻا خاص ڪري سندس ڌيءَ گُڏي جيڪا هن جي زندگيءَ سان جڙيل آهي ۽ اقبال جيڪا سندس زندگيءَ سان جڙڻي آهي. ڪهاڻي پنهنجي جاءِ تي ختم ٿيل آهي، جيئن ڪنهن معياري ڪهاڻي جو هجڻ گهرجي. 
اڳين ڪهاڻي “آخري رات” آهي جيڪا ماحول نگاري سان اڻيل آهي. ڪچي جي ماحول جي مهڪ ڪهاڻي پڙهڻ سان ئي ڪيفيت ۾ شامل ٿي وڃي ٿي: “سندس گهر ڪچي جي ايراضيءَ ۾ ٻيلي جي اوڀارين مهڙ وٽ آهي، سندس گهر کان صرف ٻه گس نڪرن ٿا. هڪ جھلي بند ڏانهن ۽ ٻيو درياهه جي ڪپ ڏانهن، باقي ٻه پاسا گھاٽو جھنگ ئي جھنگ،  جنهن ۾ گھڙڻ کانپوءِ ڪو، سونهون ئي نڪري سگهي ٿو....... ٻوڏ جي ڏينهن ۾، پهريان هيءَ ڇني جڏهن ڀربي آهي، ته سڄي ڳوٺ جو مال متاع ڌنار، هن ڇنيءَ ۾ لاهي، ڌائي راند کيڏندا آهن ۽ مشڪرين ۾ هڪٻئي کي ڏاڍا گوپاٽا ڏيندا آهن......... جڏهن ڀٽاريون چين ڪري موٽنديون آهن ته کين ولو ڏئي اچي وٿاڻين ڀيڙو ڪندا آهن، بجلي نه هجڻ ڪري هر گهر ۾ رات جو دير تائين باهڙي پئي ٽمڪندي، جنهن جو ڏس، سڏ پنڌ تي پيو ملندو ڇو ته عام زمين کان سندن گهر پنجن کان ڏهن فٽن تائين مٽيءَ جي هٿرادو پيل ڀراءَ، تي اڏيل آهن، جن کي پناهه ڪا ورلي هوندي نه ته مڙئي خير.”
اهڙي منظرنگاريءَ کانپوءِ ڪچي جي زندگيءَ جي ڄاڻن لاءِ ڳالهه پاڻهي کلي بيهي ٿي ته اها ڪهاڻي ان زندگيءَ جو اپٽار هوندي ۽ ٽه لڙين وارين ڪهاڻين جيان ماڊرنزم ۽ ڪلاسيڪيت جو رچاءُ هوندي. جڏهن ته ان زندگيءَ بابت ڄاڻ نه رکندڙن لاءِ هي ڪهاڻي بلڪل ايئن هوندي جيئن کين ڪو ڪچو گهمائي رهيو آهي ۽ اتان جي سماجي سائنس ٻڌائي رهيو آهي. ڪهاڻي Descriptive آهي ان ڪري ليکڪ آزاديءَ سان پنهنجي مک ڪردار جي واقعن ۽ ان جي ماضيءَ ۾ داخل ٿي وڃي ٿو. مان هتي ڪهاڻي جو تت ان ڪري نه پيو ڏيان جيئن پڙهندڙ لاءِ ڪهاڻي نئين رهي. ڪهاڻي فلسفو اهو آهي ته واقعا ۽ ماڻهو پاڻ ۾ اهرو جڙيل هوندا آهن جو ان ڇيد وقت ڪندو آهي، روزاني وهنوار ۾ ماڻهوءَ کي خبر ئي نه ٿي رهي ته هن جو پنڌ ڪيئن انهن قبرن ڏانهن وڌي ٿو جن بابت ڪو گمان ئي نه هوندو آهي، پر زندگيءَ جو ڏيئو ٻرندو رهندو آهي.
ابراهيم کرل ڪهاڻي “مرغو نمبر-۵ ” ۾ ڪچي مان ڪڍي پڪي ۾ وٺي اچي ٿو. هي ڪهاڻي جديد انداز جي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ ڳوٺن ۾ داخل ٿيندڙ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي جي استعمال کان وٺي ڳوٺ سان تعلق رکندڙ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندڙ نوجوان جي رويئي ۽ لاڙي کي بيان ڪيو ويو آهي ۽ گڏوگڏ اڌ شهري ۽ اڌ ڳوٺاڻي مزاج جو ڪاڪ ٽيل هن ڪهاڻي جي مک خوبي آهي. ڪهاڻي جتي ختم ٿئي ٿي اتي ان جو اهو حصو مشهور لطيفي مان متاثر نظر اچي ٿو. جيڪو بنيادي طور وڏي حقيقت به آهي. هن ڪهاڻي جيان “جنڊو پاڙو” ڪهاڻي به شهري ۽ ڳوٺاڻي زندگيءَ جو ڪاڪ ٽيل آهي. بنيادي طور سنڌي سماج جي ڳوٺاڻي ۽ شهري زندگي تيزيءَ سان گڏبي وڃي ٿي ان ڪري اهڙو ادراڪ رکندڙ ليکڪ ئي اهڙي موضوعن وارين ڪهاڻين سان انصاف ڪري سگهي ٿو. ٻنهيءَ جا ڇيڙا پڪڙڻ سولو ڪم ناهي، پر ابراهيم جون ڪهاڻيون نه رڳو انهن ڇيڙن کي پڪڙي بيٺيون آهن پر انهن کي خوب جڪڙي به ڇڏيو اٿائون. ان جو سبب اهو آهي ته هن ڪردارن کي آزاد ڇڏيو آهي، جهڙا آهن تهڙا ئي رهڻ ڏنا آهن.
جڏهن مون ڪهاڻي “پهرين ملهه” عنوان پڙهيو ته ڇرڪ نڪري ويو ته ڪٿي اها “پهرين مراد” ڪهاڻي مان متاثر ته نه هوندي، پر ايئن ناهي اها حقيقي ڪردارن جي ڪهاڻي لڳي رهي جيڪا واقعي ملهه پهلوان جي ئي آهي. اصل نالا ۽ اصل جايون. حاڪم شاهه پٽ واري جو ميلو ، ارباب ڀٽي، شمن شاهه ۽ ٻين ملهه پهلوانن جي نالن سان گڏ اسان جي ڳوٺ جهانپور جي ملهه پهلوان الهڏتي اعواڻ جو ذڪر، جيڪو مون سان ساڳئي اسڪول ۾ گڏ پڙهيو هيو. نج سنڌي ڳالهائيندو هيو. ايئن ته آءِ آر ۾ مون کي ۽ ٻين ڪيترن کي پڙهائيندڙ استاد امان ڀٽيءَ جو به ڪهاڻي “مرغو نمبر-۵” ۾ ذڪر ڪيو اٿائين. اهي ڪهاڻيون سوشل ريئلزم جي پيرائي ۾ اچن ٿيون. ملهن بابت ڪهاڻيءَ ۾ ابراهيم کرل ٻولي به خوب ڪتب آندي آهي. ان راند بابت مڪمل ڪهاڻي هن کان اڳ ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ ئي هوندي، پر هي ڀرپور ڪهاڻي آهي ڄڻ ملهه سامهون ٿي رهي هجي: “پوءِ جڏهن ٻنهي سندرا سنڀاريا ته مڙسن ڏهه منٽ ته رڳو هڪ ٻئي جا پاڻي ڪڇيا ۽ پوءِ اندريون، جانٺا، مُٺين جا مروٽا، گوڏا کوڙ، لڳي پئي هئي. پر ڪير ڪنهن کي جاءِ ئي نه پيو ڏي.
پوءِ اعواڻ ڄنگهه ويجھي ڪئي ته ڀٽي، پٽي جانٺو وهائيس، ڄڻ هٿوڙو وهائي ڪڍيائينس. اعواڻ جي ڄنگهه لڏي وئي ۽ اهل ڪري بيٺي. ڀٽي پير پختو ڪري ٺڪاءُ جو ٻي ڄنگهه ۾ جانٺو هنيس ته اعواڻ جا هوش خطا ٿي ويا. مٿو مٿي سان ملائي، اتي وڃي ٽوڙيائينس، جتي سڪي پٽڻ هئي.”
ملاکڙي ۽ ملهه پهلواني بابت مون اڳ اهڙي ڪهاڻي اڳ ڪڏهن به ناهي پڙهي ۽ جيئن ابراهيم کرل لکي آهي تهڙي شايد ٻيو ڪو لکي به ته اهڙي بيهاري نه سگهندو، جنهن ۾ ڪهاڻي به هجي ۽ ملهه راند جي سموري رمز به هجي.
هن ڪهاڻين جي ڪتاب جي ٽائٽل ڪهاڻي “موٽي ايندس مان” آهي. هي ڪهاڻي Generation complex ۽ Time psychology جو بهترين اظهار آهي. تيزي سان بدلجندڙ انساني رشتن جا جيڪي نوان الميا جنم وٺي رهيا آهن انهن مان هڪ وڏي الميئي کي Descriptive انداز ۾ لکيو ويو آهي ۽ ابراهيم ان لکڻ جي انداز جي آزاديءَ مان ڀرپور فائدو وٺندي نظر آيو آهي جتي هو پاڻ به اندر وڃي ٻاهر نظر اچي ٿو. پنهنجي لکڻ جي فن سان پورو پورو انصاف ڪيو اٿائين.

No comments:

Post a Comment