Sunday, April 26, 2020

ساهن ۾ سبيل احساس - هوش محمد ڀٽي


ساهن ۾ سبيل احساس
محمد دين راڄڙي جي ڪهاڻي ڪتاب “مان انسان ٿيندس” تي تنقيدي نگاهه
هوش محمد ڀٽي
“مان انسان ٿيندس” جو ليکڪ محمد دين راڄڙي هڪ بهترين ۽ اعليٰ انسان آهي. جنهن پنهنجي عظمتي تخيل منجهان “مان انسان ٿيندس” خلقيو آهي. محمد دين راڄڙي ان سان گڏ سگهارو تخليق ڪار به آهي. مون کي هو بي حد سنجيده قسم جو لڳندو آهي. پهريان هو ادب جو شاگرد هو پر هاڻي استاد آهي. محمد دين هڪ پختو ڪهاڻيڪار ته آهي پر سنڌي مان انگريزيءَ ۾ ترجما، نثري نظم ۽ تنقيدي اڀياس به هو سهڻي طرح لکي رهيو آهي.


“مان انسان ٿيندس” سندس ڪهاڻين جو ڳٽڪو آهي. جنهن ۾ محمد دين جا تجربا مختلف نوعيت جا آهن. هن مني ڪهاڻيون، ون لائين اسٽوري، فليش فڪشن ۽ فارميٽ ڪهاڻيون لکيون آهن. محمد دين ڪهاڻين ۾ پنهنجو فڪر احساسن ۾ ساهه سان سبي پيش ڪري ٿو. هن جي ڪهاڻين ۾ جديد سماجڪ ۽ وجودي انتشاري جي اپٽار آهي. ڪتاب ۾ ڏنل ڊسڪورس الائي ڇو مون کي ٿڪائي ڇڏيو.
ٽوٻو: هي محمد دين جي جديد سنڌي ادب جي ڪلاسيڪل ڪهاڻي آهي. موضوع، پلاٽ جي اڻت ڪمال ڪاريگري سان ڪئي وئي آهي. خيالن جي چونڊ جيءُ جهونجهڙي وجهي ٿي. هي ڪهاڻي هڪ ڪردار ربن جي نه پر پوري طبقي کي اسان جي آڏو کڻي اچي ٿي. ٽوٻا جيڪي سرڪاري آفيسرن جي داٻي/سڏ تي ڏينهن رات بک، اڃ، سڃ تي لوڙين ٿا. هي مونو لاگ ڪهاڻي آهي.
 جنهن ۾ ٽوٻو سوچي ٿو:
“پر اسان جي اندر ۾ ڪنهن لهي ڏٺو آهي! ته اندر ۾ ڪيترين ئي خواهشن، بيوسين ۽ محرومين جا لاش ٿا لڙهن... اسان جي جيءَ ۾ ڪنهن جهاتي پاتي آهي ته اسان جي ٻارڙن جي تن تي ڪپڙا ڪونهن... پنج سون لاءِ هڪ ٻئي لاش جو انتظار ڪرڻو پوندو..!! درياءَ جا پيٽ ڇڇولڻ ڪي سولا آهن... پنج سؤ پتي ۾ ڪڏهن ڪڏهن ٿا اچن... ڪڏهن ته رڳو گهران ڏئي گهر پهچون ٿا؟.... ” ص_۵۳
ڪهاڻي ڏاڍي درد انگيز آهي. زندگي جي هڪ اهڙي بيوس وارتا کي بيان ڪري ٿي. جنهن ۾ انسان لاغرض ٿي نيٺ اڳتي وڌي وڃي ٿو. ليکڪ جي هيءَ ڪهاڻي سنڌي ٻوليءَ جي ڪلاسيڪل ڪهاڻين گورڪن نورالهديٰ شاهه ۽ اخلاق انصاري جي نشي واري ڊاڪٽر واري ڪهاڻي جو تسلسل آهي.
ڪهاڻين ۾ ليکڪ ڊاٽس غير ضروري ۽ حد کان وڌيڪ استعمال ڪيون آهن. جيڪا ڳالهه مون کي گهڻي عجيب لڳي. اهو وڏي ۾ وڏو جهول آهي. ان حوالي سان ليکڪ خود هئين پنهنجي پاران ۾ لکي ٿو: “منهنجي ڪهاڻين ۾ ڊاٽس (.....) ڪي ڪوڊ آهن يا شايد، يا ڪي احساس، جيڪي پڙهندڙ ئي ڊي ڪوڊ ڪري سگهندا.” ص_۷
ليکڪ جي بيهڪ جي نشانين کان اڻ ڄاڻائي سمجهه کان ٻاهر آهي. ٻه ٽٻڪا (..) معنيٰ ڪجهه مبهم آهي. ٽي ٽٻڪا (...) معنيٰ اڳتي ڪجهه آهي. چار ٽٻڪا (....) معنيٰ پويان ڪجهه ڇڏي آيا آهيون. ...... گهڻين ڊاٽس جي تحقيق ۾ ڪا معنيٰ ناهي باقي فڪشن ۾ ان جو مطلب ڊگهي ساهي آهي. پر اهي بار بار نه ٿيون اچي سگهن! بيهڪ جو نشانيون ٻوليءَ جو بنيادي عنصر آهن. ايتري سگهاري سمجهه رکندڙ ليکڪ به چڪ ڪري ويو آهي. اهو مدد علي سنڌي، مشتاق شوري ۽ ماڻڪ جي لايعنيت جو نمونو هو جيڪو هاڻي رد ٿي چڪو آهي.
وليم فاڪنر ڪهاڻي لکڻ جي لاءِ ڪيڏي نه ڪارائتي ڳالهه چئي ويو آهي: “ڪهاڻي لکڻ جي لاءِ ٽن شين جي ضرورت هوندي آهي، 1. تجربو ۲. مشاهدو ۳. تخيل. فاڪنر جي لاءِ ڪهاڻي جي شروعات خيال يا ياد هوندي آهي. باقي ڪهاڻي جو لکجڻ ان خيال تائين پڄائي ڇڏيندو آهي. محمد دين راڄڙي جا خيال مشاهدا ڪهاڻين جي تجربن ۾ شاهوڪار آهن.
سرڪس: ڪهاڻي به خيال ۽ تجربي جو امتزاج آهي. جيڪا مشيني سرمائيدارانه دور جي عڪاسي ڪري ٿي. هن دور ۾ انسان جي وجود جو هجڻ جو سبب صرف سرمايو آهي. سرڪس ڪهاڻي جديديت پڄاڻان جي Hyper Reality جي ٿيم تحت لکيل آهي.Hyper Reality جنهن ۾ فطري حقيقت کي ڪوڙو ۽ مصنوعي ڪري پيش ڪيو ويندو آهي. جيئن جوڪر کان ڪرايو وڃي ٿو.
جاڳر: هي ڪهاڻي سنڌي سماج هزارن سالن جي پراڻن وهمن جي ڪهاڻي آهي. پروفيسر ساجد سومري مطابق: “هاڻ لڳ ڀڳ ۲۰۰ ملڪن ۾ ڪنهن به جن ڀوت غيب جهڙي وهم گمان جي ڪا معمولي گنجائش به باقي ناهي بچي. سواءِ اسان جهڙن ڪجهه مذهبي ملڪن جي!” اڄ جتي دنيا خبر ناهي ڪهڙن انيڪ سارن اعليٰ خيالن جي گسن گهڙن کي اڪاري چڪي آهي. اتي سنڌ جا اڪثر علائقا انهن واهيات رسمن جو شڪار آهن. جنهن ۾ جبلي ۽ نفسياتي ضرورتن جي علاج بدران زنجير ٻڌا وڃن ٿا.
ڦاٽڪ: ڪهاڻي زندگي جي هڪ اهڙي عڪس جو چٽ آهي. جيڪو گذري ويل وقت ۽ حياتي جي بي معونيت کي ظاهر ڪري جيءُ جهوري رکي ٿو. محمد دين زندهه احساسن ۽ سچن جذبن جو ڪهاڻيڪار آهي. هن زندگي جي واقعن کي پنهنجي تخيل جي اڏام ۾ سهڻو ڪري لاٿو آهي.
اندر ٿو سڏي مون کي..!: عنوان واري ڪهاڻي هاڪاري پهلو اڀاريندڙ ڪهاڻي آهي. باقي هن ڪهاڻي ۾ انگريزي لفظ ۽ ٽٻڪن وارو چڪر منجهائي ٿو.
اندر وارتا: ڪهاڻي ۾ هڪ نفيس تخليق ڪار جي اندر ۾ جيڪي سڏ پڙاڏا آهن اهي گونجي رهيا آهن. ڪهاڻي منجهان هڪ خيال توهان جي حض جي لاءِ:
“مان ايڏو سطحي ڇو ٿو سوچيان، باظرف ماڻهو ته مشهورين، چاپلوسين کان مٿڀرا هوندا آهن. گم نام جينئس جيان، اهي شهرت جا نه شهرت انهن جي محتاج هوندي آهي.” ص_۷۳
سچ کي پٺي...!: هن ڪهاڻي ۾ حق کي پٺي ڏني وئي آهي. نامراد ۽ ناڪاره ماڻهو ڪم ڪرڻ وارن ماڻهن جي لاءِ رڪاوٽ هوندا آهن. ڪنهن حد تائين Generation Gape به هن ڪهاڻي جو موضوع آهي. جيڪو جٽادار اثر ڇڏي ٿو.
ڪراچي: ڪهاڻي ۾ ليکڪ سرئيلسٽڪ انداز اپنايو آهي. ڪراچي ۽ امن جي مڪالمن جي پس منظر ۾ ليکڪ سنڌ جي سسيءَ جي صورتحال سهڻي سري سان سنيگاري آهي.
سيڪنڊ اسٽيٽمينٽ: هي هڪ مختصر ڊرامو آهي. جيڪو محبت جي بغاوت تي لکيل آهي. موضوع، ٻولي ۽ پڄاڻي بهترين نموني سان چٽيل آهن. سيڪنڊ اسٽيٽمينٽ محمد دين راڄڙي جو اڻ ڇپيل ناول به آهي، جنهن جو اعلان هن ئي ڪتاب جي فلپ تي اعلان ٿيل آهي.
بودلو: هي ڪهاڻي پڙهي مون کي پنهنجي بودلائپ ياد آئي. مون کي خبر نه هئي ته محمد دين به بودلو آهي. احساساتي خوبصورت خيالن سان ٽٻٽار اندر ۾ لهي ويندڙ رومانوي ڪهاڻي آهي. داخليت جڏهن اٿلي پوندي آهي ته بودلائپ ٿي پوندي آهي. حسين، فڪر انگيز پيهي ويندڙ لفظن، تشبيهن جو سنگم گهڻو وڻندڙ آهي. جنهن مان ڪجهه احساس اوهان جي نظر:
“خبر اٿئي سمجهيل ماڻهو ڇڏڻ ڪيترا اوکا هوندا آهن.” ص_۹۲
“مون کي اهائي تنهنجي ادا وڻندي آهي. جو تون ڳالهين کي لفظن جي روپ ڏيڻ بجاءِ اکين سان اچاري ويندي آهين.” ص_۹۵
 “ويسارا عارضي ٿيندا آهن. مستقل محبت ٿيندي آهي.” ص_ ۹۶
پٿرائجي ويل اکيون: دنيا ۾ انساني بيمارين ۽ جسم جي ناڪاره ٿيڻ جي صورت ۾ هيٺيون ڌڙ مشيني لڳايو پيو وڃي، اهي خيال سامهون اچي رهيا آهن. اسان جي چؤگرد پيرن جون گاديون، درگاهون ۽ جهالت اوج تي آهي. هي ڪهاڻي ان جي هڪ جهلڪي آهي. محمد دين راڄڙي جي ڪهاڻين جا ڪردار جي ٻولي تز ۽ ٺهڪندڙ آهي. “پٿرائجي ويل اکيون” ڪهاڻي پير پرستي ۽ دقيانوسي جي اونداهه کي چٽو ڪري ٿي.
پيراڊو: هي هڪ تمثيلي ڪهاڻي آهي. هن ڪهاڻي ۾ ڪردارن جي ٻولي ڏانهن وٽان آهي. ڪهاڻي جي پڄاڻي به اشارتي ڪيل آهي. منهنجي خيال ۾ پيراڊو جو تصور ترقي پذير ملڪن يا ٻئي دنيا ۾ شايد هجي. ڇو ته ڪچا رستا اسان وٽ يا اسان جي پاڙيسري ملڪن ۾ آهن. ان ڪري پيري واڍي به ماهر به اسان وٽ اسرن ٿا.
مان انسان ٿيندس: سر ورق ڪهاڻي هڪ يونيورسل خيال ڇڏيندڙ ڪهاڻي آهي. پوسٽ هيومن دور ۾ ههڙي ڪهاڻي سرجڻ واقعي دين محمد جي ڪاميابي آهي. پر آخري مڪالمو جنهن ۾ اسڪولي ٻار جيڪي لفظ ڳالهائي ٿو اهي ان کان ڳرا آهن. انهن کي ان ٻار واري ٻوليءَ ۾ ادا ڪجي ته وڌيڪ تز لڳندو.
امداد : هن ڪهاڻي ۾ ليکڪ ضميري چهونڊڙي هڻي ڪڍي ٿو. جا اندر جو آواز ڀانسجي ٿي.
انگ اگهاڙا ٿري ٻار: ٿري ٻارن جي هي سور ڪهاڻي هن ۾ ڀرپور آهي. هي هڪ سرئيلسٽڪ ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ ٿر ڳالهائي ٿو، دانهون ڪوڪون ڪري ٿو.
 پريت: ليکڪ جي جتي سڀن ڪهاڻين ۾ ٻولي سهڻي ۽ نج نبار استعمال ڪيل آهي. اتي هن ڪهاڻي ۾ هو اردو جي اثر ۾ اچي ويو آهي. هي مونو لاگ ۾ لکيل سٺي ڪهاڻي آهي.
هنن ڪهاڻين بعد ليکڪ جون فليش فڪشن ڪهاڻيون آهن.
احساس ڪهاڻي ۾ ماءُ جي احساساتي منظر جي جهلڪ آهي. ٻه مانيون (غربت)، تضاد (Hypocrisy) ۽ ڏڪار (منافقت ۽ بي ايماني)، وزن (وزن يا وزن_ زندگي کان بي خبر ڪوي جي ڪهاڻي)، ATM مشين (سرمائيدارنه دور جون جهلڪيون آهن)
سرلان ڪهاڻي فارميٽ ڪهاڻي آهي. جيڪا فليش فڪشن واري حصي ۾ اچي وئي آهي. هي ائبزرڊ ڪهاڻي آهي. فليش فڪشن واري حصي ۾ ليکڪ جون تعليمي ڪهاڻيون به آهن. تضاد تعليمي ڪهاڻي آهي. هڪ سٽيون ڪهاڻيون به معنيٰ خيز آهن. جيڪي سوچڻ تي مجبور ڪن ٿيون.
نيئن دور جي مارئي واري ڪهاڻي ۾ ليکڪ جو رويو گهڻو هاڪاري ۽ سڀاويڪ آهي.
بچل ڪلينڪ: هن ڪهاڻي ۾ پوسٽ ماڊرن سنيريو آهي. هڪ ڊاڪٽر سرمايي خاطر ٺڳي ۽ بي ايماني کي اهم سمجهي ٿو.
پارٽي: هي ڪهاڻي مرندڙ قدرن ۽ احساسن جي ماحول جي ڪهاڻي آهي. ڪتاب جي آخري ڪهاڻي “اٿ ڏونگر ڏاري وينداسين” سٺي ڪهاڻي آهي پر فني سٽاءُ ۾ جهول اٿس.
محمد دين راڄڙي جي ڪهاڻين ۾ موضوعاتي اٿل، جديد تنقيدي نگاهه ۽ فني فڪري گهرائي پڙهندڙ جي من کي ڀانئي ٿي. جيڪا ئي هڪ ڪهاڻيڪار جي ڪاميابي چئي سگهجي ٿي.

No comments:

Post a Comment