Tuesday, April 28, 2020

عشق جي آزمائش - انور ابڙو


عشق جي آزمائش
مختصر ڪهاڻي
انور ابڙو
استاد عبدالعزيز جو پڙهائڻ سان عشق آهي. تڏهن ئي ته هُو تمام گهڻو باصلاحيت هوندي به اهڙي ڪنهن نوڪريءَ جي پٺيان نه ڊوڙيو، جنهن ۾ پروٽوڪول هجي، جهجها پئسا هجن، گاڏيون هجن، بنگلا هجن، ۽ ٻيا مفت جا عيش هجن. هن جي دماغ جي چاٻي اُن وقت گُهمي اچي تعليم ۽ تدريس واري ڪانٽي تي بيٺي هئي، جڏهن هن دنيا ۾ عام ماڻهن سان عشق جا سبق پڙهيا هئا. ان بعد هن اهو طئي ڪري ڇڏيو هو ته هو ڪلاس روم کي پنهنجي پيار ۽ شعور جو مرڪز ٺاهيندو. هن کي جڏهن ڪراچي شهر جي هڪ سيڪنڊري اسڪول ۾ نوڪري ملي ته، سندس ان عشق جي آزمائش شروع ٿي ويئي.


ان بعد، پهرئين ڏينهن کان وٺي اڄوڪي ڏينهن تائين، هن پنهنجي اها عادت بڻائي ڇڏي آهي ته، هو پنهنجي موبائيل فون بند ڪري، پوءِ ڪلاس روم ۾ گھڙندو آهي. شاگردن کي پڙهائڻ وقت ڪڏهن به ڪلاس روم ۾ لڳل گهڙيال کي ناهي ڏسندو ته پيرڊ ختم ٿيڻ ۾ باقي ڪيترا منٽ وڃي بچيا آهن. هر سبق سولي ٻوليءَ ۾ ۽ شاگردن جي ئي زندگيءَ مان مثال کڻي کين سمجهائڻ، کانئن سبق پڙهائڻ ۽ لکرائڻ، گرامر سمجهائڻ ۽ صورتخطي لکرائڻ، ڪچهريءَ واري انداز ۾ انهن سان سوال جواب ڪرڻ، ٻار کي بورڊ جي ڀرسان بيهاري ان کان ڪجهه نه ڪجهه بورڊ تي لکرائي، ان ۾ اعتماد پيدا ڪرڻ، انهن کان هڪ نه ٻئي ڏينهن ٽيسٽ وٺڻ، هر شاگرد جون ڪاپيون چڱيءَ طرح چڪاسڻ ۽ انهن تي پنهنجي جامع راءِ لکڻ (جيڪا والدين لاءِ به رهنمائيءَ واري هوندي آهي)، هر هوشيار توڙي جڏي ٻار جي همٿ افزائي ڪرڻ، کانئن ڪا نه ڪا سرگرمي ڪرائڻ ۽ آخر ۾ کين هوم ورڪ ڏيڻ، اهي سڀ ڪم ڪندي هو دلي سڪون محسوس ڪندو آهي. ۽ سمجهندو آهي ته هن ايمانداريءَ سان پنهنجو فرض پورو ڪيو.
استاد عبدالعزيز، شاگردن کي پڙهائيءَ ۾ دلچسپي وٺرائڻ سان گڏ، کين امير ۽ غريب جي فرق واري سوچ مان ٻاهر ڪڍڻ جي به ڪوشش ڪندو آهي، پر منجھن، پڙهائيءَ ۾ دوستاڻو مقابلو ڪرڻ جو لاڙو پيدا ڪرڻ تي زور ڏيندو آهي، جنهن ۾ هو ڪامياب به ويندو آهي. هيءُ ٻارن کي پڙهائيندو ناهي، ڄڻ انهن سان راند ڪندو آهي، ۽ راند راند ۾ ٻار ايترو ته سندس ڏکيون ڳالهيون بہ سمجهي ۽ سکي ويندا آهن، جو اهي سندن ذهن جي ڦرهيءَ تان ڪڏهن به ميسارجي ناهن سگهنديون. تڏهن ئي ته جڏهن سندس پراڻا شاگرد سيڙجي ساڻس ملڻ ايندا آهن ۽ وڏي ادب ۽ احترام سان ساڻس ملي جڏهن کيس ٻڌائيندا آهن ته هو هنن هنن وڏن عهدن تي ڪم ٿا ڪن ته، سندس خوشيءَ جو ٻيو ڇيڙو گم ٿي ويندو آهي. 
هن ڪڏهن به شاگردن کي مار ناهي ڪڍي، بلڪل اهڙيءَ طرح جهڙي طرح هن پنهنجي گهر ۾ پنهنجي ٻار کي ناهي ماريو. سندس ڪلاس ۾ فراز نالي هڪ شاگرد ته تمام گهڻو شرارتي آهي، جيڪو هر وقت ڪا نه ڪا شرارت ڪري شاگردن جو پڙهائيءَ تان ڌيان پيو هٽائيندو آهي، پر استاد عبدالعزيز ان کي به اکين تي رکيو آهي ۽ اهو چئي هُن جي شرارتن کي نظرانداز پئي ڪيو آهي ته؛ ’گهر ۾ به ته پنهنجو ڪو نه ڪو شرارتي يا ڏنگو ٻارُ هوندو آهي.‘
اهي شاگرد جيڪي ٻين استادن جي پيرڊن ۾ بيزار ٿيڻ لڳندا آهن، اهي استاد عبدالعزيز جي پيرڊ ۾ ذهني طور تازا ٿي ويندا آهن. هي تعليم سان ئي جڙيل کين لطيفا به ٻڌائيندو آهي، ته دنيا جهان جون ڳالهيون به ٻڌائيندو آهي. وڏي ڳالهه ته هو هر شاگرد جو دوست بڻجي، انهن مان، جيڪڏهن ڪو غريب ٻار آهي ۽ اُن وٽ ڪتاب وٺڻ لاءِ پئسا ناهن هوندا ته، هي ان جي مدد ڪندو آهي. ان لاءِ هن پنهنجي ڪلاس جي شاگردن جي هڪ بڪ بينڪ به قائم ڪرائي آهي. ۽ جيڪڏهن ڪو ٻار بيمار ٿي پوندو آهي ته هيءُ فوري طور اسڪول ۾ موجود ڪلنڪ تان ان کي دوا وٺرائي ڏيندو آهي. سندس اهڙي رويي، شاگردن وٽ کيس روحاني والد جو درجو ڏيئي ڇڏيو آهي.
هن کي اسڪول جي سربراهه جي شاباش جي ضرورت ناهي هوندي، پر هُو پنهنجي هوشيار ۽ محنتي شاگردن کي شاباش ڏيڻ ڪڏهن به ناهي وساريندو. کيس ڪيترا ئي ”بهترين استاد“ وارا ايوارڊ به ملي چڪا آهن، تنهن هوندي به چوندو آهي ته؛ ”مون لاءِ وڏي ۾ وڏو ايوارڊ، منهنجي شاگردن جو پيار ۽ سندن والدين پاران ملندڙ عزت آهي.“
هاڻي ڪورونا وائرس جي ڪري جڏهن تعليمي ادارا ٽن مهينن تائين بند ٿيا ته، استاد عبدالعزيز شاگردن جي تعليم جي حوالي سان ڏاڍو پريشان ٿي ويو. جيتوڻيڪ هيءُ موجوده حالتن جي سنگينيءَ کي سمجهي به پيو، پر اهو به سوچيندو رهيو ته، هو هنن ڏکين حالتن ۾ شاگردن جي ڪهڙي طرح مدد ڪري.
هي جنهن اسڪول ۾ ڏهين درجي جو ڪلاس ٽيچر آهي، ۽ انگريزيءَ جو مضمون پڙهائيندو آهي، ان ۾ چاليهه شاگرد داخل آهن، جيڪي اسڪول جي آس پاس جا رهاڪو آهن. هي پاڻ به ان ئي علائقي ۾ پنهنجي گهرواري ۽ هڪ ٻارڙي سان گڏ رهندو آهي. هن اسڪول بند ٿيڻ کان اڳ ۾ پنهنجي شاگردن کان رابطي جا نمبر وٺي ڇڏيا هئا. سو هاڻوڪي صورتحال ۾ هن ڪافي سوچ ويچار کانپوءِ فيصلو ڪيو ته، هيءُ شاگردن جي رهيل ڪم جا نوٽس تيار ڪري، انهن جي والدين سان صلاح ڪري، انهن مان هر شاگرد جي گهر جي ڊرائنگ روم/ اوطاق ۾ وڃي ويهي، اڌ ڪلاڪ تائين شاگرد جي پڙهائيءَ جو جائزو وٺي، ان کي ڪجهه ڪم ۽ ڪي صلاحون ڏيئي ايندو. ان طرح هيءُ روزانو الڳ الڳ ڏهن شاگردن وٽ وڃي چئن ڏينهن ۾ سڀني شاگردن کي ڪجهه نه ڪجهه پڙهائي وٺندو. هن سوچيو ته، جڏهن مون کي پگهار ملي ٿي، ته مان اهي اسڪول وارا پنج ڪلاڪ، ههڙين حالتن ۾ ڇو ٻارن کي نٿو ڏيئي سگهان. 
ان سلسلي ۾ هن جڏهن هر شاگرد جي والد کي فون ڪري ٻڌايو ته هُو سندن ٻار کي ههڙي طريقي سان ۽ هنن هنن ڏينهن تي اڌ ڪلاڪ تائين، رضاڪاراڻي طور پڙهائڻ چاهي ٿو ته، هو تمام گهڻا خوش ٿيا، ڇاڪاڻ جو هو پڻ پنهنجي ٻارن جي تباهه ٿيندڙ تعليم جي ڪري ڪافي پريشان هئا.
استاد عبدالعزيزَ، پنهنجي اها رضاڪاراڻي ذميواري پوري ڪرڻ جي شروعات، شرارتي شاگرد فراز جي گهر وڃڻ سان ڪئي. هن مقرر وقت تي وڃي، جيئن ئي سندن گهر جي دروازي جي گهنٽي وڄائي ته فراز جو والد بخت علي ٻاهر نڪري آيو. ان پَري کان استاد عبدالعزيز کي ٻانهون ٻڌي سلام ڪيو. استاد عبدالعزيز جيان بخت عليءَ کي فيس ماسڪ ۽ دستانا پاتل هئا. هو پنهنجي ڊرائنگ روم جو دروازو کولي، استاد کي ان ۾ ويهڻ لاءِ چئي پاڻ پنهنجي پٽ کي سڏڻ ويو. استاد عبدالعزيز پنهنجو بوٽ ڊرائنگ روم جي ٻاهران لاهي وڃي هڪ صوفي تي ويٺو. ٿوري دير ۾ فراز به اچي ويو، جنهن کي به فيس ماسڪ ۽ دستانا پاتل هجن. هُن استاد عبدالعزيز کي سلام ڪيو. استاد کيس پاڻ کان ڇهه فوٽ پري ويهڻ لاءِ چوندي، رسمي انداز ۾کانئس پڇيو: ”بابا، ڪيئن آهيو؟ ڪيئن ٿا هي ڏينهن گذرن؟“ 
”سائين ٺيڪ آهيان، پر ڏينهن صفا بورُ ۽ پريشانيءَ وارا ٿا گذرن....“ فراز وراڻيو.
”ها، ائين ته آهي... حالتن ڏاڍيون خراب آهن بابا، پر ڇا ڪجي، حالتون ڪهڙيون به هجن، انهن کي مُنهن ته ڏيڻو آهي نه...“ استاد عبدالعزيز چيو.
”جي سائين.... بس گهر ۾ ويٺا آهيون. ڪوشش ڪري بابا جن کي به پريشان نٿا ڪريون.“ فراز ٻڌايو. 
”سٺو ٿا ڪيو بابا.....والدين اوهان جا اڳ ۾ ئي پريشان هوندا.... ويتر جيڪڏهن اوهان به کين پريشان ڪندئو ته پوءِ ته صحيح نه ٿيندو.“ استاد چيو.
”جي سائين....“ فراز وراڻيو.
”اوهان ۽ اسان سڀ هن قسم جون حالتون پهريون ڀيرو پنهنجيءَ زندگيءَ ۾ ڏسي رهيا آهيون...“ استاد چيو.
”جي سائين..... پر هاڻي اخبارن ۽ رسالن ۾ پڙهئون ٿا ته خبر پوي ٿي ته اڳ ۾ به ڪافي وبائن اسان وٽ وڏي تباهي آندي هئي.“ فراز چيو.
”جي پٽ... ڪلهه مون وٽ منهنجو هڪ ستر پنجهتر سالن جي عمر جو مائٽ چاچو علي محمد آيو هو، ان ٻڌايو ته؛ ’جڏهن هو ننڍڙا هئا، تڏهن ڳنڍ وارو مرض پيو هو، جنهن کي ڪالرا چون ٿا، ان ۾ ته سندن ڳوٺ جا ماڻهو هڪڙي کي دفنائي اچي وري ٻئي کي کڻندا هئا...!‘
استاد جي ان ڳالهه تي فراز هلڪو ڊڄي ويو ته، استاد عبدالعزيز کيس چيو؛ ”هن ڪورونا وائرس سان هن وقت تائين دنيا ۾ ۲۵ لک ماڻهو متاثر ٿي چڪا آهن، جن مان لڳ ڀڳ هڪ لک ۶۵ هزار فوت ٿيا آهن....پر خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته لڳ ڀڳ ۶ لک ۳۰ هزار ماڻهو صحتياب ٿي ويا آهن....“
ڪجهه لمحن تائين خاموش رهي، وري استاد ڳالهايو؛ ”اسان جي ملڪ ۾ به هينئر تائين ظاهر ٿيل ڪيسن مان لڳ ڀڳ ساڍا اٺ هزار ماڻهو ان مرض ۾ وٺجي چڪا آهن ۽ ۱۷۶ ماڻهو فوت ٿيا آهن. پر ان غم سان گڏ اها خوشي به آهي ته ۱۹۷۰ ماڻهو صحتياب ٿيا آهن.....“
”سائين، اهڙي صورتحال کي ڏسندي ئي اسان گهران نٿا نڪرون.... جيتوڻيڪ منهنجا ڪافي دوست مون کي ٻاهر اچي ملڻ لاءِ چوندا آهن، پر مون هنن کي منع ڪري ڇڏي آهي.... سائين مان ڀل ڪيترو به بهادر هجان، ڇوڪرن سان وڙهندو به هجان، پر ههڙن معاملن ۾ مان ڏاڍو ڊڄڻو آهيان.“
فراز جي ان اعتراف تي استاد چيس: ”ها پٽ.... منهنجي به ڪجهه دوستن چيو آهي ته، ’اسان کي اهو ڊڄ ئي بچائيندو.‘“
ان بعد استاد عبدالعزيز آندل نوٽس پنهنجي ٿيلهي مان ڪڍي، انهن کي سينيٽائزر هڻي، اهي فراز کي ڏيندي چيو ته؛ ”هي رهيل ڪم جا نوٽس آهن. اهي پڙهجو ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪجو..... انهن سان گڏ هڪ سوالنامو به آهي. انهن سوالن جا به جواب لکي رکجو. مان پنجين ڏينهن وري ايندس.... هينئر مون کي هڪ ٻئي شاگرد ڏانهن وڃڻو آهي.“
ائين چئي استاد اٿندي افراز کي چيو؛ ”بابا، اوهان اسان جو آئيندو آهيو، اسان اوهان کي هر طرح سان بچائڻ چاهيون ٿا.“
جڏهن فراز استاد جي هيڻي لهجي ۾ اهي لفظ ٻڌا ته هُو اهو سوچي غمگين ٿيڻ سان گڏ پشيمان به ٿيڻ لڳو ته، ڪلاس روم ۾ هو جنهن استاد کي تنگ ڪندو هو، اهو سندن ڪيڏو نه خيال رکي ٿو.
فراز اُٿي استاد عبدالعزيز کي، ڪلاس روم وارين پنهنجين حرڪتن تي معافي ڏيڻ لاءِ چيو ته استاد چيسِ؛ ”پٽ، معافي وٺڻ جي ڪا به ضرورت ناهي. ٻين ٻارَن جيان تو کي به مون پنهنجو ٻچو سمجهيو آهي، انڪري مون وٽ تو لاءِ ڪا به رنجش نه آهي. بس اوهان هنن ڏينهن ۾ پنهنجو ۽ پنهنجي گهرَ ڀاتين جو خيال رکندي، جيڪڏهن پڙهائي به ڪئي ته مان سمجهندس ته اسان ڪورونا وائرس کي شڪست ڏيئي ڇڏي.“
”سائين، اڄ اوهان منهنجي زندگي تبديل ڪري ڇڏي. اڄ کانپوءِ مان هڪ ٻيو ۽ تمام گهڻو ذميوار فراز هوندس.“
پنهنجي شاگرد جي واتان اهڙي ڳالهه ٻڌي استاد عبدالعزيز، اهو سوچي پنهنجي اندر ۾ هڪ خوشگوار لهر محسوس ڪئي ته؛ ’هو نئين نسل کي، هن نئين آزمائش واري دور ۾ به سچائيءَ سان تعليم ڏيڻ ۽ سندن ڪردارسازي واري پنهنجي عشق کي سلامت رکي ويو آھي.‘

(انور ابڙو جي فيسبڪ وال تان تاريخ ۲۰ اپريل ۲۰۲۰ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

Post a Comment