عشق جي آزمائش
مختصر ڪهاڻي
انور ابڙو
استاد عبدالعزيز جو
پڙهائڻ سان عشق آهي. تڏهن ئي ته هُو تمام گهڻو باصلاحيت هوندي به اهڙي ڪنهن نوڪريءَ
جي پٺيان نه ڊوڙيو، جنهن ۾ پروٽوڪول هجي، جهجها پئسا هجن، گاڏيون هجن، بنگلا هجن،
۽ ٻيا مفت جا عيش هجن. هن جي دماغ جي چاٻي اُن وقت گُهمي اچي تعليم ۽ تدريس واري ڪانٽي
تي بيٺي هئي، جڏهن هن دنيا ۾ عام ماڻهن سان عشق جا سبق پڙهيا هئا. ان بعد هن اهو
طئي ڪري ڇڏيو هو ته هو ڪلاس روم کي پنهنجي پيار ۽ شعور جو مرڪز ٺاهيندو. هن کي جڏهن
ڪراچي شهر جي هڪ سيڪنڊري اسڪول ۾ نوڪري ملي ته، سندس ان عشق جي آزمائش شروع ٿي
ويئي.