Tuesday, April 28, 2020

پورهيتن جون ڪهاڻيون - مير حسن مري


پورهيتن جون ڪهاڻيون
ريويو: مير حسن مري
ڪتاب: اجڙيل آهيرو
ڪهاڻيڪار: غلام رسول (۲ مئي  ۱۹۵۸ع)
سنڌي ڪهاڻي پنھنجي سنجيده دور ۾ داخل ٿيل آهي. ڪهاڻي ڪتاب جنهن مقدار ۾ شايع ٿي رهيا آهن، پڙهجي رهيا آهن، انهن ڪتابن تي تبصرا به ٿي رهيا آهن .ڪهاڻيڪارن کي پنهنجا لکندڙ به ملي رهيا آهن. ان مان اها ڳالهه سمجهڻ ۾ سولائي ٿئي پئي ته هن دور ۾ ڪهاڻي کي سنجيده پڙهندڙ طبقو مليل آهي. سنڌي ڪهاڻي تان اهو دور به خدا خدا ڪري لنگهي ويو جڏهن اسان جي بزرگن کان ڪهاڻي لکڻ ڇڏائجي وئي ته هنن پنھنجي ايندڙ پيڙهي جي  ڪهاڻيڪارن جي ڪهاڻي کي تسليم ڪرڻ کان انڪار پئي ڪيو. هاڻي سنڌي ڪهاڻيءَ جي لاءِ تعميري دور آهي، جنهن ۾ نوجوان ڪهاڻيڪار هڪٻئي جي ڪتابن کي نه صرف پڙهن ٿا پر انهن تي سنجيده بحث به شروع ٿيا آهن. اهڙي سنجيده دور ۾ سنڌ جي لاڙ پٽ جي سياسي طور انتهائي متحرڪ علائقي ميرپور بٺورو جي ڪهاڻيڪار غلام رسول پڙهيار جو ڪهاڻي ڪتاب ”اجڙيل آهيرو“ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. ان کان اڳ غلام رسول پڙهيار جو هڪ ناول”سندي سڪ پرين“ پڻ ڇپجي چڪو آهي.


ڪهاڻيڪار جيئن ته سنڌ جي معاشي طور ان انتهائي پوئتي پيل علائقي سان تعلق رکي ٿو ته انڪري سندس ڪهاڻين ۾به سنڌ جي هاري ناري ۽ پورهيت عوام مٿان مڙهيل بک، بدحالي ۽ برباديءَ جي جنگ جو ذڪر ملي ٿو. ڪهاڻيڪار سنڌ جي عام مڊل ڪلاس با شعور طبقي جيان طبقاتي معاشري کان اڻ ڄاڻ نه آهي، بلڪه خود ان جنگ، جيڪا سنڌ جي پورهيت عوام مٿان مڙهيل آهي جنهن جي ڪري سنڌ جا لکين ماڻهو بکن، بيمارين ڪري بي حال زندگي گذاري رڙهي رڙهي مري ويا، ان جو حصو آهي. جنگيون فقط هٿيارن سان ميدانن ۾ نه وڙهيون وينديون آهن. جنگيون معاشي طور مڙهي صدين تائين غلام رکي به وڙهيون وينديون آهن. سنڌ صدين کان وٺي جاگيرداري ۽ ان کان پوءِ جاگيري باقيات ۾ وڻ ويڙهي جيان ويڙهيل آهي. ان جنگ جي نتيجي ۾ جيڪي لکين زندگيون بي نام مري ويون، جن جو ڪو حساب ڪتاب نه ٿيو، جن جي لاءِ ڪا تحريڪ جنم نه وٺِي سگهي، پر گهگه اونداهيءَ ۾ گھيريل ان سماج جي اندر ادب ئي ننڍڙي ڏيئي جيان چمڪي اونداه جي ڳچيءَ ۾ هٿ وجهي سگهيو آهي. اهڙو هٿ غلام رسول پڙهيار به پنھنجي ڪهاڻين ذريعي اوندهه انڌڪار کي وجهڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. انتهائي سادي انداز ۾ لکيل ڪهاڻيون پر ان کي حقيقي معنيٰ ۾ سنڌ جي انهن بي نام مئل بي مقصد زندگي جيئندڙ ماڻهن جو ڪيڏارو چئجي ته به غلط نه ٿيندو. هن پنھنجي علائقي ۾ غربت جي گھاڻي ۾ پيڙهجندڙ ڪردارن کي ڏسي روايتي طور ان کي مقدر ۽ نصيب جو کيل سمجهي ماٺ نه ڪري ويٺو آهي، پر ان غربت جي سببن، غربت مڙهيندڙ رت چوسيندڙ انهن ڪردارن کي نه فقط سامهون آندو آهي پر ماڻهن کي طبقاتي شعور ڏيڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي آهي.
”اجڙيل آهيرو“ ڪهاڻي ۾ سماج جي اندر جيئندڙ انهن بد نصيب ڪردارن کي سامهون آندو اٿس جيڪي پنھنجي سموري حياتيءَ کي ٻارڻ بڻائي پنھنجي اولاد کي تعليم ڏئي اهي خواب کڻي جيئندا آهن ته ان تعليم کان پوءِ متان زندگي جي بار ڍوئڻ جهڙي نوڪري ملي پوي. پر هن طبقاتي تعليمي نظام جنهن جوپيدارواري عمل ۾ ڪو به حصو ڪونهي، جيڪا فقط نوڪرشاهيءَ جي هڪ پرزي لاءِ ڪجهه نوڪر پيدا ڪندي آهي. اهڙي نوڪري لاءِ جتن ڪندڙ ڪردار جنهن جو انجام انتهائي المياتي ٿئي ٿو. ان انجام کي ڪو طبقاتي طور لاشعور ماڻهو ئي نه سمجهي سگهندو، باقي سنڌ جي اندر اهڙن خاندانن جا هزارين داستان آهن، جيڪي رڻ جي راهين وانگي منزل تي پهچڻ کان اڳ ئي خاڪ ٿي ويا.
اهڙي نظام کي باه ڇو نه ڏجي جيڪو اسان جي ٻالڪن جي خوابن کي ساڀيان ٿيڻ کان اڳ ئي ماري چچري ڇڏي. ڪهاڻيڪار جي ڪهاڻي ”رملي“ جيڪا مختصر ڪهاڻي آهي، پر اها سنڌ جي ڪروڙين ٻارن جي خوابن جي قتل عام جو ڪيڏارو آهي. اهڙي تعليمي نظام جو ڪهڙو فائدو جنهن ۾ اسان جي سنڌ جي هاري ناري، مالوند، پورهيت ۽ مزدرو جي اولاد جي لاءِ ڪا جاءِ نه هجي. اهڙي ايڪيهين صدي ۽ ڊجيٽل لائف ڪهڙي ڪم جي، جنهن ۾ هن وقت به هڪ طرف سنڌ جي پورهيت عوام جو اولاد اسڪول کان ٻاهر هجي ۽ ٻئي طرف تعليم جا دڪان کليل هجن، جن مان اشرافيه جيڪا چاهي جيئن چاهي پنھنجي اولاد لاءِ تعليم خريد ڪري سگهي. اهڙي جهموريت ڪهڙي ڪم جي جنهن ۾ هڪ وڏو طبقو ڏتڙيل هجي ۽ فقط ٻه فيصد ماڻهن جي عياشي هجي. اهڙو طبقاتي شعور اجاگر ڪندڙ اديب، انهن هزارين اديبن کان بهتر آهي، جيڪي پنھنجي دلجوئي جي لاءِ تسڪين جي لاءِ اظهاريندا هجن.
طبقاتي طور ڏتڙيل سماجن ۾ سڀ کان مظلوم طبقو عورت هوندي آهي. پيداوري عمل ۾ سڀ کان وڌيڪ حصو به عورت جو هوندو آهي. پر اها جاگيرداري سماج جي بيماري ئي آهي جنهن جو شڪار عورت ٿئي ٿي. جڏهن ته عورت تي ظلم ڪندڙ پاڻ به مظلوم هوندو آهي ۽ سماج ۾ ذلتون الڳ برداشت ڪندو آهي. پنھنجي حصي جي ڪيل ڪمائي تي پهنجو حق تسليم نه ڪرائي سگهندڙ گھر ۾ پنھنجي عورت تي ظلم ڪندو آهي. اهڙي صنفي اڻ برابري واري سوال کي به غلام رسول چڱي ريت پرکيو آهي. ان حوالي سان سندس ڪهاڻين جي مجموعي ۾ شامل ڪهاڻين ۾ ڪونج ، سون ٻائي، هيئنڙو تو لاءِ ڦارون ڦارون شامل آهن، جن ۾ ڪهاڻيڪار وٽ سنڌ جي ٻهراڙي ۾ عورتن جي زندگيءَ کي سٺي ريت پيش ڪيو آهي. سندس ڪهاڻيون پيشڪش جي انداز ۾ ڪنهن کي ڪمزور لڳن ته ڀل لڳن پر سندس موضوعن کي ڪو به ڪمزور نه ٿو ڪوٺي سگهي. اصل ڳالهه هوندي آهي سماج اندر ٿيندڙ انيائن تي ڪير ٿو ادراڪ رکي. اسان جهڙن سماجن ۾ اديب جيڪڏهن پنھنجي معاشري ۾ اڻ برابري ۽ سماجي ظلمن تي نه ٿو ڳالهائي ته پوءِ ان جي ادب جو ڪهڙو ڪارج.
اسان طبقاتي سماج ۾ رهون ٿا. جاگيري باقيات اسان جي سماج کي جمود جو شڪار ڪري ڇڏيو آهي. اتي جيڪڏهن غلام رسول پڙهيار جهڙو ڪهاڻيڪار پنھنجي ادراڪ ۽ سمجهه موجب پورهيت ماڻهوءَ لاءِ ڌر ٿي پوي ته ڳوٺن، وستين ۽ واهڻن ۾ ان نظام کي شڪست ڏئي سگھجي ٿي جيڪا اميد غلام رسول ڪهاڻي ”وڃايل ماڻهو“ ۾ ڏيکاري آهي، جنهن ۾ هڪ ڪردار سماجي اڻ برابريءَ کي پاڻ سان ظلم قرار ڏئي ٿو، ۽ معاشري ۾ ٿيندڙ لٽ مار کي هو پنھنجي گھر جي لٽ مار سمجهي ٿو. ان ڪري هو جڏهن جهونگاري ٿو ته:
”ڪو سورج ٻاري اينداسين ۽ ڏينهن اڀاري اينداسين..“
ته هو انهن ظلمتن جي رات جو خاتمو چاهي ٿو. پنھنجي طبعيت ۾ فقيراڻو مزاج رکندڙ، لو پروفائل رکندڙ مسڪين ماڻهو غلام رسول پڙهيار سنڌي ڪهاڻي قافلي جو هڪ ڪميٽڊ ڪارڪن آهي، جيڪو پنھنجي ڪهاڻين ۾ سنڌ جي پورهيت عوام کي جاءِ ڏئي ٿو. ڇو ته هو انهي پورهيت عوام جي هٿ سان ڳوهيل ۽ سنواريل مٽيءَ مان ئي پيدا ٿيو آهي، ۽ هنن جي خوشحاليءَ جا خواب کڻي جيئي ٿو.

No comments:

Post a Comment