Saturday, May 2, 2020

ٻه ٽڪيٽون - امر اقبال


ٻه ٽڪيٽون
مختصر ڪھاڻي
امر اقبال
پريس ڪلب ۾ لنچ ڪري، اڪيلي ئي اڪيلي، بي مقصد، زينب مارڪيٽ ڏانھن نڪري آيس. ڪلهي ۾ لڙڪندڙ ٿيلھي ۾ ڄڻ ته ورھين جو ٿڪ پيو ھو. سوچيم، ڪجھ شرٽون ئي خريد ڪري وٺان...
رنگبرگي شرٽن ۽ ڇوڪرين کي اک مان ڪڍندي، اوچتو دل چيو: ”ڇو نه اڄ ائٽريم مال ۾ فلم ڏسجي.. “.


ڏهاڪو سال اڳ ”ڪئپريءَ“ ۾، آخري فلم ڏٺي ھيم. ھوءَ به گڏ ھئي. اھا سندس مون سان آخري ملاقات ھئي. ان کان پوءِ مون سئنيما وڃڻ ڇڏي ڏنو ھيو....
ڪائونٽر تان ٻه ٽڪيٽون ورتم... ھڪ پنهنجي لاءِ، ھڪ ھن لاءِ.....
فلم ڏٺم... ڀرسان واري سيٽ خالي ھئي.. پر ھوءَ مون سان گڏ ئي فلم ڏسي رھي ھئي..
خيالن ئي خيالن ۾ ساڻس فلم جي اسٽوري، ڪاسٽ، سيٽن ۽ ٻين شين تي ويچار ۽ گرم ڀرڪڻا مڪئيءَ جا ڦلا شيئر ڪندو رھيس..
خبر ئي نه پئي، فلم پوري ٿي وئي...
سئنيما ھائوس مان ٻاھر نڪرندي، اينٽرينس واري ڳليءَ ۾ ئي ھيس، جو اوچتو ھوءَ سامھون کان ايندي نظر آئي. مان هزارين حيرانين ۾ وڪوڙجي ويس.. پنھنجي پاسي کي تلاشيم، ھوءَ اتي ڪو نه ھئي..
”معجزا ايئن به ٿيندا آھن..“ مون حيرانين مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪندي سوچيو..
ھن سان گڏ ھڪ پيٽ نڪتل، گنجو شخص به ھيو. ھو سئنيما ھال ڏانھن اچي رھيا ھيا.
”حسن! تون...؟!“ مون کي ڏسندي، ھن کان دانهن نڪري وئي..
”ھا صدف!..... مان“ منھنجو آواز ڄڻ پولارن مان اڀريو.
”اميزنگ حسن!.....ھي... ھي.. منھنجو ھسبينڊ ڪريم صاحب..... ۽ ڪريم صاحب!.... ھي.... مسٽر حسن..... اسان جو ڪلاس فيلو...... الاهي عرصي کان پوءِ مليا آھيون... اوچتو.. “.
ھن ھڪ ئي ساھيءَ ۾، پيٽ نڪتل گنجي ھمراھ جو مون سان، ۽ منھنجو ساڻس تعارف ڪرائي ڇڏيو.
مون پنھنجو وزني ھٿ الائي ڪيئن سندس مڙس سان ملايو..
”شاپنگ ڪندي اوچتو، فلم ڏسڻ جو موڊ ٿي ويو... ان ڪري ھيڏي ھليا آياسين... اڄ ڏھن سالن کان پوءِ سئنيما ۾ فلم ڏسڻ پئي وڃان..“ صدف ڪوڙي مرڪ مرڪندي چيو. سندس خوبصورت ھٿ ۾ ٻه ٽڪيٽون ھيون..
منھنجو ھٿ بي اختيار، پنهنجي دل جي مٿان، شرٽ جي کيسي طرف وڏي ويو. جتي ٻه ٽڪيٽون، شديد اضطراب ۾ لڇي رھيون ھيون..

No comments:

Post a Comment