Wednesday, May 20, 2020

ڪانگل سان ڪچھري - نواز علي شوق


ڪانگل سان ڪچھري
نواز علي شوق
صبح سوير ننڊ مان اٿيس ته من مونجهو ۽ اندر اٻاڻڪو محسوس ٿيڻ لڳو. ڪورونا جي قيد ۾ هئڻ سبب ڪو اچي وڃي ڪو نه! وري ان وبا جا قهر، ڄڻ ڪربلا هئي. من جي مونجهه لاهڻ لاءِ مائي ڀاڳي جو ڳايل گيت جهونگاڻ لڳم.
مون کي جوڳي هڻي ڏي تون ڍارو،
منهنجو ڪانگل آهي قرب وارو.


اهو گيت ٻه ٽي ڀيرا جهونگارڻ کان پوءِ ڏٺم ته قرب وارو ڪانگل اچي ويو. ڪانگل کي ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي. سوچيم ته کِنياتو ڪا سٺي خبر کڻي آيو هوندو. وري جڏهن مِٺيون ٻوليون ٻولڻ لڳو ته کلي خوش ٿي چيومانس:
”ڪانگ! تنهنجي چانگ، جڏو جيءُ جياريو.“ سندس ٿورا مڃيندي کيس چيم:
زاغ! تنهنجي ذات جو، ٿورو مٿي مون.“
وري ڀٽائي جو هي بيت ٻڌايومانس؛
قريبن جو ڪانگڙو، مٿي ٽار ٽلي،
سو چشمن تي چلي، جو درٻاري دوست جو.
ميڇ ڏئي چيومانس؛ ”پيارا پري ڇو ويٺو آهين؟ ويجهو ٿيءُ! ڪي ساڻيهه جون سهڻيون ڳالهيون سڻاءِ. پرينءَ جي پار جا جيڪي خطڙا آندا اٿئي، سي سِڪ جا سنيها کولي ٻڌاءِ ته ڪو اندر کي آٿٿ اچي.
آءُ ڪانگا ٻهه ڪول، سڌيون ڏي ساڻيهه جون
آندءِ جي عجيبن جا، سي خط خوشيءَ سين کولي
آءُ سڻيان تون ٻول، سنيهو سڄڻ جو.“
ڏٺم ته ڪانگل تي منهنجي مِٺين ڳالهين ڪو اثر نه ڪيو. خوبصورت خطن بجاءِ، منهنجون خطائون کولڻ لڳو. چيومانس ته؛ ”تو سان پراڻي پريت آهي. ننڍي لاءِ جڏهن امان صبح جو مکڻ ۽ ماني ڏيندي هئي ته مانيءَ جا ٽڪر ڀڃي تو کي کارائيندو هوس. ڪڏهن ڪڏهن ٽيري مکڻ جي به ڏيندو هيومانءِ. سياري جو تو کي بسريون کارائيندو هوس. اها سنگت تو کان وسري وئي آهي؟ دير ڪندو هوس ته تون اهڙو حجائتو هوندو هئين جو جهپڙ ڏيئي منهنجي اڳيان ماني کڻي ويندو هئين.“
اهو ٻڌي ڪانءُ اڃا وڌيڪ ڪاوڙ ۾ اچي ويو.
ڪانءُ؛ ”ڪوڙ نه ڳالهاءِ! تون ڪڏهن ڪو پاروٿو ٽڪر ڏيندو هئين يا مان بک کان ٻارن جي هٿن مان لولا کسي وٺندو هوس. مون تي اجايا ٿورا نه ٿڦ.“
آنءُ؛ ”ڪانگل! ورهين کان پوءِ آيو آهين. ڪورونا اسان سان قهر ڪري ڇڏيا آهن. تون وري مهڻا ڏيڻ لڳو آهين. ڏاهو ٿيءُ! جهيڙا نه ڪر! ڪورونا جو ڪٺل آهيان. من ماندو آهي. اچ ته ڪا قربائتي ڪچهري ڪيون.“
ڪانءُ؛ ”اها ڪورونا بڇڙي بلا، تنهنجي بڇڙاين جي ڪري ته آئي آهي.“
آنءُ؛ ”ڪانگل آئون انسان آهيان. انسانن جو وڏو شرف ۽ شان آهي.“
ڪانءُ؛ ”پنهنجي تعريف پاڻ نه ڪر! توهان جي بڇڙاين ۽ بدڪارين سان تاريخ ڀريل آهي. الله جا نبي سونهارا، توهان کي نصيحت ڪرڻ آيا. الله پاڪ جو پيغام کڻي آيا. پر توهان انهن سان جنگيون ڪيون. کين تڪليفون ڏنيون. نافرماني ڪيو ته توهان تي طرح طرح جا عذاب نازل ٿيا. ڪڏهن طوفان آيا. ڪڏهن زلزلا آيا. ڪڏهن پٿرن جو مينهن وسندو رهيو. ڪڏهن وبائون آيون. پوءِ به نه سڌريو. ڪربلا جو قضيو ڪنهن ڪرايو؟ مخدوم بلال کي گهاڻي ۾ ڪنهن پيڙايو؟ شاهه عنايت کي جهوڪ ۾ پنهنجن ساٿين سان ڪنهن قتل ڪيو؟“
آنءُ؛ ”ڇڏ! انهن پراڻين ڳالهين کي. ڪا چڱي ڳالهه ٻڌاءِ.“
ڪانءُ؛ ”توهان چڱا هجو ته توهان کي ڪا چڱي ڳالهه ٻڌائجي. پنهنجا ڪرتوت ته ڏسو. سردارن ڀوتارن جي اشاري ۽ ٽيڪ تي، ماڻهو اغوا ڪري ڀنگ وٺي، پنجين پتي پاڻ کڻو. ٻيا پئسا سردارن ۽ ڀوتارن جي حوالي. ڪامورن جا وري ڪڌا ڪم ڏس! رشوت ۽ ڪميشن ذريعي ڪروڙين رپيا ڪمائي، بنگلا ٺهرائي، ان تي لکرائي ڇڏين ’هذا من فضل ربي.‘ حرام شيءِ کي حلال ٿا سڏيو. مسلمان هوندي وياج جو ڪاروبار ڪيو ٿا.“
آنءُ؛ ”ڪانگل... .“
ڪانءُ؛ (منهنجي ڳالهه ڪٽيندي)؛ اهي سردار ۽ ڀوتار جن جي اوهان غلامي ڪيو ٿا. تن انگريز جي درٻار ۾ ’ڪرسي حاصل ڪرڻ‘ لاءِ گيسيون ڪيون. انگريزن کين ذليل ڪرڻ لاءِ پنهنجي بگيءَ ۾ بيگم سان گڏ ويهي، کين گهوڙن وانگر ڍُڪائي، چيو؛ ’وڊيرا همارا بگي چلائو.‘ هنن خوش ٿي، گهوڙن وانگر ڍُڪي، انگريزن جون بگيون هلايون. اهڙي ذلالت عيوض، انگريزن کين درٻار لاءِ ’ڪرسيون ڏنيون. پنهنجي وفاداريءَ جي مُهر هڻي، کين خانبهادر ۽ خانصاحب جا خطاب ڏنا. هنن انگريزن جو ساٿ ڏئي، سنڌ کي غلام بڻايو. انهن غدارن، انگريزن جي بوٽ پالش ڪرڻ وارن جا پويان جاگيردار، سردار ۽ ڀوتار سنڌ سان وفادار ڪيئن ٿيندا؟ ڇو ته هو هميشا ’ڪرسي جي ڪڍ هوندا آهن. کين عوام جو ڪو اونو نه هوندو آهي. هنن ڪا تڪليف نه ڏٺي آهي. پلاٽ ۽ پرمٽون وٺي ڪميشن مان ڪروڙين رپيا ڪمايا. هو انهن مزن ۽ جشن لاءِ سياست ۾ آيا آهن. ڀٽائي اهڙن ڪوڙن سامين ۽ سياستدانن لاءِ ئي ته چيو آهي.
سامي چائين سُک طلبين، تسا ڏئين نه تن،
ماڻهن کان مِنهن ڪيو، پنين اٽا ۽ اَن،
ڪاپڙي تو ڪَن، ڪِ چيرا يا جشن لٽي.
آنءُ؛ ”تنهنجي پوءِ ٻڌندس. پهرين منهنجي ٻڌ.“
ڪانءُ؛ ”توهان الله ۽ الله جي رسول صلي الله عليه وآله وسلم جا نافرمان، پيءُ ماءُ جا نافرمان اوڙي پاڙي جا بد خواهه، رڳو نالي ۾ مسلمان آهيو. منهن ۾ مسلمان، اندر آذر آهين.“
آنءُ؛ ”يار... ...“
ڪانءُ؛ (ڳالهه ڪٽيندي) ”ماٺ ڪر! توهان مان صبر هليو ويو. ٿوري ٿوري ڳالهه تي آلڙي ڪُهاڙي ٿي پئو ٿا. گهر واري چانهن ٺاهڻ ۾ دير ڪئي ته هڻ موچڙو، ٻوڙ ۾ لوڻ گهڻو پئجي ويو ته لاهه لِتر، ڏينس منهن ۾ ڏنڀَ، ڪُوڙينس مٿو... . ڇا اها انسانيت آهي؟ ڪارو ڪاري جا ڪُڌا ڪاروبار ڪيو، ان جا فيصلا سردار ۽ ڀوتار ڪن! معصوم نياڻين کي ريهي ريبي انهن سان ظلم ۽ زيادتي ڪري، پوءِ انهن کي ماري لاش گم ڪري ڇڏيو. توهان جي ڪُڌن ڪرتوتن جي ڪري توهان تي ڪورونا جي صورت ۾ عذاب نازل ٿيو آهي. ٿوري گهڻي تاريخ پڙهي هوندءِ نادر شاهه جڏهن سنڌ تي حملو ڪيو ته ماڻهن جو ڪوس ڪرائي، لُٽ ڦر ڪري، سڀ ڪجهه کڻي ويو. سنڌ ڀڙ-ڀانگ ٿي وئي، تڏهن ڪنهن شاعر چيو هو:
شامتِ اعمال ما، صورتِ نادر گرفت.
(اسان جي اعمالن جي شامت، نادر جي روپ ۾ اسان جي مٿان ڪڙڪي آهي)
آنءُ؛ ”ڪانگل آئون شاعر آهيان! تو کي تازي غزل جا ٻه ٽي شعر ٿو ٻڌايان ته من تنهنجي ڪاوڙ لهي. عرض ڪيو اٿم...
ڪانءُ؛ ”کڏ ۾ پوي تنهنجي شاعري! اوهان شاعرن کي اهڙي ڪا شاعري جي پِٽ آهي، جو نه ڏسو مهل نه موقعو. ڦهڪائي ڏيو غزل جا شعر. هر وقت شاعري مشاعرا... . ماڻهو مرن ٿا، اوهان آن لائين مشاعرا ڪيو ٿا. ڏسو نه ٿا ته ڏکيو وقت آهي. توبہ استغفار ڪيو. مسڪين ماڻهن جي سار سنڀال لهو. اوڙي پاڙي جي مدد ڪيو. خير خيرات ڪيو. توهان جي مشاعرن واري ’واهه واهه ۽ مڪرر مان نه ڪنهنجو ڀلو ٿيندو ۽ نه وري هيءَ بلا ٽرندي.
رب پاڪ کان دعا گهرو:
جيڏو تنهنجو نانءُ، باجهه به اوڏيائي مٿان
ري ٿنٻين ري ٿوڻين، ٿون ڇپر تون ڇانءُ
ڪڄارو ڪهان، توکي معلوم سڀ ڪي.“
آنءُ؛ ”ڪانگل قرب وارا، آئون اديب آهيان. شاعري نه ٿو ٻڌين ته تو کي پنهنجي هڪ مقالي جو اختصار ٿو ٻڌايان.“
ڪانءُ؛ ”مون کي خبر آ تنهنجي تحقيق جي! ٻه چار شعر چونڊي، پوءِ مقالو لکندا آهيو ته شاهه لطيف هڪ هنڌ هيئن ٿو فرمائي، ٻئي هنڌ هينئن ٿو فرمائي. وري ڏسو ته ٽئين هنڌ ڇا ٿو فرمائي. آخر ۾ حوالن جي اگهوتري ’چنبڙائي، ’چلوتري‘ مقالو تيار ڪري، ڀٽائي يا سچل ڪانفرنس ۾ پڙهو ٿا. بچه لوگ تاڙيون وڄائين ٿا. اوهان نام نهاد اديب، لفافو وٺي گهر موٽي اچو ٿا. هر ڪانفرنس ۾ ساڳي ڳالهه ڪيو ٿا. اوهان ڪهڙي نئين ڳالهه ڪئي آهي؟“
آنءُ؛ ”ڪانگل! اسان ته ماڻهن کي ٻڌايون ٿا ته:
اُٿي اور الله سين، ڪوڙ ڪماءِ مَ ڪَچُ،
ڪڍ تون دغا دل مان، صاحب وڻي سَچُ،
محبت سندو مَن ۾، ماڻڪ ٻارج مَچُ،
اِينهين پر تون اَچُ، ته سودو ٿيئي سڦرو.“
ڪانءُ؛ ”پر، تون پاڻ ته ان تي ڪو عمل نه ٿو ڪرين. قسم کڻي چئو؛ تون الله کي ياد ڪرين ٿو؟ تون ته سڄو وقت ڪوڙ ۽ ڪچ ڪمائيندو رهين ٿو. سچ سان ته تنهنجي لڳي ئي نه. تون وڏو ٺڳ ۽ دغاباز آهين. ڀٽائي چيو ته: ’من ۾ محبت رکو.‘ پر تنهنجي دل ۾ ڪلفت، نفرت، فتنو ۽ فساد آهي. تون ٻين کي سچل جا شعر ٻڌائين ٿو ته سچل جي شعرن تي عمل ڪيو، پر تون ته ان جي ابتڙ آهين. سردارن، ڀوتارن وزيرن ۽ مشيرن جي غلامي ڪندو رهين ٿو. تو انهن کي ڪڏهن حق سچ چيو آهي؟“
آنءُ؛ ”چڱو ڇڏ ادبي ڳالهين کي! تو کي خبر ناهي ته آئون ماستر آهيان. علم جي روشنيءَ سان جِهل جي اونداهي ختم ڪريان ٿو.“
ڪانءُ؛ ”اهو ماستر آهين نه، جنهن جو مئٽرڪ جو امتحان ڪنهن ٻئي ڏنو ۽ تون وڏيري جي ڪوٽا تي ماستر بڻجي وئين. اسڪول وڃين ڪو نه. صاحب کي پگهار جو حصو پتي ڏئي، گهر ويٺي پگهار کڻين. اسڪول ان ڪري نٿو وڃين جو تو کي اچي ئي ڪجهه نه ٿو. توهان جهڙن ڪوٽا تي ڀرتي ٿيل ماسترن ته تعليم جو ٻيڙو ٻوڙيو آهي. اهو حال رهيو ته پوءِ ڀٽائي کي ۽ سچل کي ڪير پڙهندو.“
آنءُ؛ ”ڪانگ! يار مون کان غلطي ٿي وئي. آئون پروفيسر آهيان..!“
ڪانءُ (ڳالهه ڪٽيندي)؛ ”پروفيسر صاحب! سچ ٻڌاءِ تون ڪاليج ويندو آهين؟ اتي به تنهنجو اهي ئي حال آهي. پڪ ڪميشن مان سفارش تي پاس ٿي ليڪچرر مقرر ٿيو هوندين. اتي پاس کي ناپاس ۽ ناپاس کي پاس ڪرڻ جو ڪاروبار هلي رهيو آهي.“
آنءُ: ”نه نه! منهنجو مطلب آئون يونيورسٽي جو پروفيسر آهيان.“
ڪانءُ؛ ”يونيورسٽي ٿي ته ڇا ٿيو، آهيو ته اهي ئي ماستر نه! جتي به هجو اوهان جا پرڪار اهيئي هوندا. توهان شاگردياڻين/ نياڻين نماڻين ڏي بُري نظر سان ٿا نهاريو. دل چاهي ٿي ته ان مهل ٺونشا هڻي، توهان جهڙن بدنظر استادن جا ٻئي تارا ڪڍي ڇڏيان. انڌا ٿي پنندا رهو، ۽ چوندا رهو ’ڏي ڙي بندا، ڏيئي وڃ نالي الله جي!‘ جيڪا شاگردياڻي سجهه نه ڏئي ته ان کي گهٽ مارڪون ڏيئي، بليڪ ميل ڪيو. توهان امتحانن ۾ پوزيشن اڳ ۾ ئي ڏوڪڙ وٺي ڏئي ڇڏيو ٿا. توهان ڇا ڇا نه ٿا ڪيو. رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ ڪنهن پروجيڪٽ تي بالم ٿي ويهي ٿا رهو. پاڻ جهڙا جهونا اديب، ساٿاري بڻائي، پروجيڪٽ جي بهاني پيداگيريءَ جو ڌنڌو ڪندا ٿا اچو. هڪ يا ٻن سالن جو پروجيڪٽ، ڏهن سالن ۾ به پورو نه ٿو ٿئي. وري جڏهن سالن پڄاڻان ڪو جلد پڌرو ٿئي ته اهي وري جهڙو خواري جو کارو کڻ.“
آنءُ: ”ڪانگل! يونيورسٽي جي پروفيسر جو وڏو مان ۽ مرتبو آهي تون ... ..“
ڪانءُ: (ڳالهه ڪٽيندي) ”مون کان وڌيڪ کول نه ڪراءِ ۽ توهان ڪوڙيون ڊگريون ٺاهي، ڪڌو ڪاروبار ڪري، ان ٺڳي ٺوڙي مان ڪروڙين ڪمائي، بنگلا بڻايو ٿا.“
آنءُ؛ (ڪانگل جي ڳالهه ڪٽيندي) ”ڪانگ ٻيلي ڏاهو ٿي! اسان جا عيب نه اگهاڙ، الله به انسان جا عيب ڍڪي ٿو.“
ڪانءُ؛ ”آئون، الله ته ناهيان، پکي آهيان. اوهان جا ڪرتوت، اوهان کي ڇو نه ٻڌايان؟!“
آنءُ: (ڪاوڙ مان) ”واقعي تون ڪارو ڪنو ڪوجهو ڪانءُ آهين.“
ڪانءُ؛ ”آئون رنگ جو ڪارو ضرور آهيان، پر منهنجو اندر اڇو اجرو آهي. پر تون اندر جو ڪارو آهين. رڳو ٻاهرين صفائيءَ تي ڌيان ٿو ڏئين. ائين ڪرڻ سان ڪجهه به نه ورندئي. اندر اجرو ڪر! دل صاف ڪر! ڇو ته دل، الله جو گھر آهي. جيڪڏهن دل صاف ناهي ته ائين سمجهه؛ سڄو جسم صاف ناهي.“
ائين چئي ڪانگ اڏامي ويو. ٻاهر نهاريم؛ شڪر جو صبح جو وقت هو. اوسي پاسي ڪو ماڻهو نظر نه آيو. گهر جا ڀاتي به ستل هئا. چڱو ٿيو، منهنجي ڪانگ جي گفتگو ڪنهن نه ٻڌي. پر جڏهن ھيانءَ تي هٿ ڦيري ڏٺم ته پنهنجا سمورا عيب گناهه اکين آڏو اچي ويا. ڪانگ سچ چئي ويو ھو. ڇو ته پرين جي پار جو ڪانگ، ڪڏهن به ڪوڙو ٿي نه ٿو سگهي. ڀٽائي فرمايو آهي ته؛
پريان سندي پار جو، ڪانگ نه ڪوڙو.‘
ڏاڍي پشيماني ٿي، انتهائي عاجزي ۽ انڪاري سان دعا گهريم؛
ستر ڪج ستار، آ اگهاڙي آهيان،
ڍڪين ڍڪڻهار، ڏيئي پاند پناهه جو.“

No comments:

Post a Comment