Wednesday, May 13, 2020

منهنجو عشق - انور ابڙو


منهنجو عشق
مختصر ڪهاڻي
انور ابڙو
”تون ته وڏو سرخو رهيو آهين؟“
”ڇا مقصد؟“
”مقصد اهو ته هاڻي ته وڏو خوش ٿيو هوندين؟“
”ڇا تي؟“
”آمريڪا ۾ ڪوروناوائرس وڏي تباهي مچائي آهي، ان تي.“
”ڪيڏي نه تنهنجي ننڍڙي سوچ آهي!!“


”ان ۾ ننڍڙي سوچ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ سرخا ته آمريڪا جي هر قسم جي تباهيءَ تي کَڳِيون هڻندا هئا.“
”ڏس، وري به تو پنهنجي ننڍڙي سوچ جو مظاهرو ڪيو نه؟“
”تو وٽ منهنجيءَ ڳالهه جو ڪو جواب ناهي ته، اُها ڳالهه ڪر، باقي هر هر ننڍڙي سوچ هئڻ وارو طعنو نه ڏي.“
”ڏس، مان نه اڳ ۾ سرخو هئس، ۽ نه هاڻي آهيان...... مان اڳ ۾ به اُهو هئس، جيڪو هاڻي آهيان...“
”ته ڇا آهين هاڻي؟“
”علم پرست، انسانيت پرست، وطن پرست...“
”پوءِ ته تون سامراج دشمن ضرور هوندين؟“
”نه.... مان ڪنهن جو به دشمن ناهيان....“
”پر تون تيستائين علم پرست، انسانيت پرست ۽ وطن پرست نٿو ٿي سگهين، جيستائين سامراج دشمن نٿو ٿين.“
”تون ڀلا مون کي ڇو ٿو ڪنهن جو زوريءَ دشمن ظاهر ڪرڻ چاهين؟“
”مان ڪو نه ٿو تو کي زوريءَ دشمن ظاهر ڪريان، پر اها پڪ اٿم ته تون آمريڪا دشمن آهين؟“
”ڪيئن ثابت ڪندين؟“
”ائين ثابت ڪندس ته تو پنهنجي هن اڄوڪي ڪالم ۾ (هٿ ۾ پڪڙيل اخبار جو ايڊيٽوريل صفحو کوليندي، ان ۾ ڇپيل سندس ڪالم کيس ڏيکاريندي)، لکيو آهي ته، ’آمريڪا ۽ چين ان ڳالهه تي پاڻ ۾ وڙهي رهيا آهن ته آمريڪا چوي ٿو ته ڪوروناوائرس چيني وائرس آهي...  ۽ ان تي چين آمريڪا جي مذمت ڪئي آهي.“
”ان مان ڪيئن مان تو کي آمريڪا دشمن نظر آيس؟“
”ان ۾ تو چين جي حمايت ڪئي آهي.... ان ڪري... اڃا به چَئين ته تنهنجي ان ساڳئي ڪالم مان ثابت ڪري ٻڌايانءِ ته تون آمريڪا دشمن آهين.“
”ٻڌاءِ؟“ امداد پريشانيءَ مان مٿي کي ٻيئي هٿ ڏيئي ويهي رستم کي چيو.
”ٻڌُ، تو هن ئي ڪالم ۾ اهو به لکيو آهي ته، ’انسان جڏهن بي روڪ ٿي ويو ته قدرت کيس اچي روڪيو، ۽ سمجهايو ته نيچر ماءُ ٿيندي آهي، ان جو احترام ان صورت ۾ لازم آهي ته ان جي اڳيان گوڙ نه ڪجي، ڪارا دونهان نه ڪڍجن، ان کي ڪنهن به طرح نه ستائجي. ڪلهه آمريڪا، جنهن ماحوليات جي بچاءَ بابت پئرس ٺاهه کي اهو چئي لت هنئي هئي، ته چين ان ٺاهه تي کانئس عمل ڪرائي، سندس ڪارخانا بند ڪرائڻ ٿو چاهي، اُن چين واقعي آمريڪا جا ڪوروناوائرس وسيلي ڪارخانا ۽ فيڪٽريون بند ڪرائي ڇڏيون آهن.“
”هاڻي ڪٿي آ ان ۾ اهڙي ڳالهه جيڪا تون مون سان منسوب ڪرڻ ٿو چاهين؟“
”بيهه ته، مون اڃا ڪٿي پنهنجي ڳالهه پوري ڪئي آهي! تون وڌيڪ لکين ٿو ته، ”ان جو اهو مقصد ناهي ته چين ئي ڪوروناوائرس پيدا ڪيو آهي، پر اهو جيئن ته چين جي شهر ووهان مان دنيا ۾ پکڙيو، تنهن ڪري سرمائيدار ملڪ آمريڪا قدرت جي ان فيصلي اڳيان مجبور ٿي پنهنجون ننڍيون وڏيون صنعتون ۽ شهر ته بند ڪيا آهن، جنهن سان، آمريڪا جي نه چاهڻ جي باوجود، دنيا جي ماحوليات کي فائدو پهتو آهي، پر آمريڪا هينئر تائين  پنهنجا ۷۸ هزارن کان مٿي ماڻهو ان وائرس وسيلي مارائي چڪو آهي، ۽ ۱۳ لکن کان مٿي سندس شهري ان مرض ۾ وٺجي چڪا آهن.‘ هاڻي ٻڌاءِ تنهنجي آمريڪا دشمنيءَ جو مان ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو دليل ڏيئي سگهان ٿو؟ رستم رعب واري انداز ۾ چيو.
”يار، تون هروڀرو ’تيليءَ مان ٿنڀُ‘ ڇو ٿو ٺاهين؟ منهنجي ان ڪالم مان ڪٿي به اهو ظاهر نٿو ٿئي ته مان آمريڪا دشمن آهيان. مون بس آمريڪا جي صورتحال، ان ۾ بيان ڪئي آهي. مون تي آمريڪا دشمني نه مڙهه يار.“
”مڙهيان ڪو نه ٿو، پر توهان سرخن کي جيئن ته دليل کپندا آهن نه، جيئن اڳ ۾ سرخا اسان کي مارڪس، لينن، مائو ۽ ڪاسترو جا ڳاڙها ڪتاب کڻي انهن مان دليل ڳولي ڏيندا هئا، ائين ئي مان تو کي اڄ تنهنجي ئي ساڳئي ڪالم مان مثال کڻي ٻڌايان ٿو ته تنهنجي آمريڪا دشمني چِٽي آهي. جي اڃا به نٿو مڃين ته هڪ ٻي ڳالهه به کڻي تو کي ٻڌائي سگهان ٿو، جنهن مان تون پڪ سان سامراج دشمن ثابت ٿيندين.“
”يار رستم، پهلوان نه ٿيءُ... تون منهنجو دوست آهين، ان ڪري مان تو کي وڌيڪ ڪجهه نٿو چوان.... لاڪ ڊائون ۾ نرمي ٿيڻ جو فائدو وٺي مان اڄ اهو سوچي آفيس آيو آهيان ته ٿورو ڪم کي ڏسي وٺان، رُلي ويو آهي - ۽ تو به وري ملڻ لاءِ فون ڪري چيو، جنهن تي مون تو کي چيو ته ڀلي اچ... ملاقات ڪري، هڪٻئي جا حال احوال معلوم ڪري ٿا وٺون،  پر تو ته اچڻ سان ئي کڻي اهڙو بحث شروع ڪيو آهي، جنهن سان منهنجي ڪا به دلچسپي ناهي...“
”ڀلي تنهنجي هن بحث ۾ دلچسپي نه هجي، پر منهنجي ته دلچسپي آهي نه ... ۽ اڄ صبح جو سوير تنهنجو ڪالم پڙهي اهو پڪو ارادو ڪيو هيم ته اڄ تو سان تنهنجي آفيس ۾ اچي ملندس، ۽ تو کان پڇندس ته آمريڪا جي تباهيءَ تي ڪيترو خوش ٿيو آهين؟“
”ملڻ لاءِ آئين، اها تنهنجي مهرباني، پر دوست ڇڏ ان لاحاصل بحث کي.... ٻڌاءِ ٻارَ وغيره سڀ خوش اٿئي؟“
”ها، اُهي ته خوش آهن، گهر ۾ بند آهن، پر مون کي حيرت آهي ته تون پاڻ پنهنجي ڪالم جي نفي ڪري رهيو آهين؟“
”ڀلا، مون کان اها ڳالهه مڃرائڻ سان تو کي آخر ملندو ڇا؟“
”مون کي ڀلي ڪجهه به نه ملي، پر مان تنهنجي اها ڳالهه ڪيئن مڃان جڏهن تون پاڻ ئي پنهنجي ڪالم ۾ اهو به لکيو آهي ته، ”هن وبا آمريڪا جي عالمي طاقت هئڻ واري حيثيت کي به وائکو ڪيو آهي ته هو جيڪو هر ملڪ تي حملو ڪري ويهي رهندو هو، اهو پنهنجي ملڪ تي ڪوروناوائرس جي حملي اڳيان بيوس بڻيل آهي، ۽ ان وائرس کي سندس اُهي بم، ڊرون ۽ ٻيا جديد ترين هٿيار به ختم نٿا ڪري سگهن، جيڪي هن جپان، ويٽنام، عراق ۽ افغانستان جي خلاف استعمال ڪيا هئا.“
امداد هاڻي هلڪي غصي مان کيس چيو: ”جيئن تون سمجهين رستم، پر مون کي آمريڪا ۾ ڪوروناوائرس جي متاثر توڙي فوت ٿي ويل ماڻهن سان به ايتري ئي همدردي آهي، جيتري پنهنجي ملڪ ۾ ڪوروناوائرس ۾ ورتل ماڻهن سان آهي.... ڇاڪاڻ جو مان انسانيت سان پيار ڪيان ٿو،  مان موت پرست ناهيان. مان ماڻهن جي ڳلن تان ڳوڙها ڳڻي خوش ناهيان ٿيندو. ٽهڪن جي سونهن کي مان پسند ڪندو آهيان. مون هر گهر کي خوش ڏسڻ چاهيو آهي. مون دنيا جي هر انسان جي زندگي سکي ٿيڻ جي تمنا ڪئي آهي. مون انساني پيار کي اتم ۽ پنهنجو نظريو سمجهيو آهي. مون انساني وقار وڌڻ جي خواهش ڪئي آهي. مون ڪنهن جي به برباديءَ جو ناهي سوچيو. باقي مان ان لحاظ کان سوچيان پيو ته، آمريڪا جيڪو سڄي دنيا جو اڪيلو لٺ سردار بڻجي ويو هو، ان جي غرور ۽ معيشت واري لٺ ڪوروناوائرس ڀڃي وڌي آهي، پر خطرو اهو آهي ته هُو وري به پنهنجي ان تباهيءَ جو سمورو خرچ دنيا جي غريب ملڪن مان ائين ڪڍندو، جيئن اڄوڪي سنڌي ڪهاڻيءَ جي وڏي ليکڪ رحمت الله ماڃوٺيءَ مون کي هڪ ڀيري هڪ لطيفو ٻڌايو هو.“
”ڪهڙو لطيفو؟“
”هن اهو لطيفو ٻڌايو هو ته؛ ’هڪ ڀيري پوليس ساڪري جي هڪ چور کي چوريءَ جي ڏوهه ۾ شهر جي مئجسٽريٽ وٽ وٺي ويئي. مئجسٽريٽ ڪيس ٻُڌڻ کانپوءِ چور کي چيو ته، تو تي چوري ثابت ٿي آهي. هاڻي ٻڌاءِ ته تو تي ان جو ڪيترو ڏنڊ وجهان؟‘ تنهن تي چور چيس؛ سائين ايترو ڏنڊ وجهو جيترو ساڪرو سهي سگهي.“ سو آمريڪا ڪورونا وائرس وارو سمورو ڏنڊ، دنيا جي غريب ملڪن مان ئي ڪڍي سگهي ٿو...“
”ان جي معنيٰ ته رحمت الله ماڃوٺي به سامراج دشمن آهي.“
“ادا رحمت الله ماڃوٺي صاحب به سامراج دشمن ناهي. هو پاڪ صاف صوفي دل وارو، مون کان وڌيڪ انسانيت سان پيار ڪرڻ وارو انسان آهي. ۽ مان به، قسم سان، سامراج دشمن ته ڇا، ڪنهن جو به دشمن ناهيان. مان هر قسم جي فرق کان آجي سوچ رکان ٿو....“
“اوهان سامراج دشمنن جي اها ئي ته وڏي چالاڪي هوندي آهي ته اوهان ڪا به ڳالهه مڃيندا ناهيو... بحث وڏو ڪندئو، هيڏانهن هوڏانهن جا مثال ڏيندئو، انگڙ ونگڙ ڳالهيون ڪندئو، ڳالهه جي پڇ کي ڦيرائي، اُن جي مُنهن تائين آڻيندئو، ڳاڙهن ڪتابن مان ڪوٽيشن ڏيندئو، پر پنهنجي غلطي نه مڃيندئو...“
”منهنجا ڀاءُ، منهنجا مٺا، منهنجا پيارا، جي تون چوين ته تنهنجي ڳالهه مڃڻ سان تنهنجو پاءُ خون جو وڌي ويندو ته پوءِ مان مڃان ٿو ته، تون هڪ طرح سان مون کي سامراج دشمن چئي سگهين ٿو.“
”ڪهڙي طرح سان؟“ (پهريون ڀيرو خوشيءَ واري لهجي ۾ رستم پڇيو)
”ان طرح سان ته، هڪ ڀيري بابا جن پنهنجي تَر جي هڪ وڏيري کان، جيڪو اتفاق سان اسان جو مائٽ به هو، جڏهن منهنجي لاءِ سڱ گهريو هو ۽ هُن اهو چئي سڱ ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو ته تنهنجو پٽ سڌريل ناهي، هُن جي انهن ماڻهن سان به دوستي آهي، جيڪي روز وڏيرن خلاف ڳالهائيندا وتن ٿا، ته پوءِ اسان ان وڏيري کي سامراج چوڻ شروع ڪيو هئو. سو ان لحاظ کان تون مون کي سامراج دشمن چئي خوش ٿي سگهين ٿو.“
ائين چئي رستم کِليو ۽ کِلندي، اُٿندي چيائين: ”ڏِٺُئي، منهنجي ڳالهه صحيح ثابت ٿي نه. ڪهڙي به طرح تون سامراج دشمن ته نڪتين نه. مون لاڪ ڊائون ۾ گهر ۾ ويهي رڳو ڪتاب پڙهيا آهن...وڏا وڏا ڪتاب... ڳورا ڪتاب.... سو سوچيندو هئس ته، ڪڏهن ٿو لاڪ ڊائون نرم ٿئي يا ختم ٿئي جو تو سان اچي ان موضوع تي ڳالهايان. ۽ تو کان آمريڪا جي ٿيندڙ تباهيءَ تي تنهنجي خوشي پڇان. ۽ اڄ اهڙو موقعو اخبار ۾ شايع ٿيل تنهنجي ڪالم به مون کي ڏنو.“ 
”ٺيڪ آهي، پر رستم، منهنجي هڪڙي ڳالهه سنجيدگيءَ سان سمجهي ڇڏ ته، مون کان ڪنهن به انسان ته ڇا ڪنهن جانور جو به موت برداشت ناهي ٿيندو. ان جو هڪ تازو مثال ڏيانءِ ٿو ته، ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ منهنجي گهر جي ڇت تي پڃري ۾ رکيل منهنجي کڙهيل ڪڪڙ کي اوچتو الائي ڇا ٿي ويو. اهو ڄڻ ته بي ساهو ٿي پيو. اسان هُن کي پاڻي هڻي، ڦوڪون ڏيئي سامت ۾ آڻڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي، پر هو اکيون ڍاري بي سَتو پيو رهيو. منهنجي اکين ۾ پاڻي اچي ويو.... مون وٽ اهو چئن سالن کان هيو. ننڍڙو ٿي وڏو ٿيو هو. وڏي موڙ وارو، سهڻو، هر وقت گهر ۾ پيو ٻانگون ڏيندو هو. مان ان جي اهڙي حالت ڏسي، ڪنهن موقعي تي پنهنجي گهرواريءَ کي به ڪي سخت لفظ چئي ويو هئس.... پر هوءَ منهنجي ڏک کي سمجهي ويئي هئي. پوءِ مون اهو تڪڙ ۾ پنهنجي سئوٽ کي اهو چئي ڏنو ته ان کي وڃي سيرَ وجهي اوهان کڻو.
جڏهن هو ان جو گوشت اسان کي ڏيڻ آيا ته مان اهو هُن کان نه ورتو. مان ان جو گوشت کائي نٿي سگهيس.... ٿوري وقت کانپوءِ منهنجو اٺن سالن جو پٽ امتياز، آهستي آهستي ڪري، منهنجي ڀرسان اچي بيهي، اوچتو سڏڪڻ لڳو ۽ سڏڪندي منهنجي ويجهو آيو ته مون کيس ڀاڪر ۾ ڀري ورتو. هُن سڏڪا ڀريندي چيو؛ ”بابا.... اهو ڏاڍو سٺو هو.....“ هو ايترو چئي وري سڏڪا ڀري روئڻ لڳو. جنهن تي منهنجون به اکيون آليون ٿي ويون. مون کي، کيس پرچائڻ ۾ ڪافي وقت لڳي ويو .... سو اسان جي دل اهڙي اٿئي. هاڻي جڏهن هن ڪورونا وائرس سڄي دنيا جي ۲ لک ۸۰ هزار ماڻهن کان سندن جانيون کسيون آهن، ۽ اڃا به ان جون تباهيون جاري آهن ته، اهڙي وقت ۾ اسان ويهي ان ڳالهه تي بحث ڪريون ته ڪير سامراج دشمن آهي، ڪير ناهي... اهي هن وقت اجايون ڳالهيون آهن. انسانيت وڏي ڳالهه آهي.... اها هن وقت هڪ وڏي خطري هيٺ آهي، تنهن ڪري تون به انسانيت جي بچاءَ جون ڳالهيون ڪر. هن قسم جون فضول ڳالهيون ڪري نه پنهنجو وقت ضايع ڪر ۽ نه منهنجو.... ڪافي ڏينهن کانپوءِ مليا آهيون، پر تو پنهنجي هن ملاقات کي هڪ اجائي بحث ۾ بيڪار بڻائي ڇڏيو. پنهنجي ان ننڍڙي سوچ مان ٻاهر نڪر. هاڻي وڏي عمر جو ٿي ويو آهين- ۽ ليکڪ ۽ دانشور به سڏجين ٿو.“
امداد جي ان ڳالهه تي رستم کي مٿس ڪاوڙ ته ڏاڍي آئي، پر هو اها پي، اهو چئي وڃڻ لڳو ته: ”مان وڃان ٿو.... لڳي ٿو ڪورونا وائرس تو کي چريو ڪري وڌو آهي.“
”ها، صحيح ٿو چوين.... ڪورونا وائرس مون کي چريو ڪري وڌو آهي، ڇو ته انسانيت مون لاءِ عظيم تر آهي.... انسانيت منهنجو عشق آهي....مان انسانيت کي مرندو ڏسي، خوش ٿي نٿو سگهان. اوهان ڀلي خوش ٿيو .....“ امداد هلڪو ڏڪڻ لڳو...
رستم کيس غصي مان ڏسي، سندس آفيس مان، پنهنجي ڏاهپ جي شڪست ۽ ڪاوڙ کڻي نڪري هليو ويو.

(انور ابڙو جي فيسبڪ وال تي رکيل/ کنيل ۸ مئي، ۲۰۲۰ع )

No comments:

Post a Comment