Wednesday, May 13, 2020

”وفا“ جون ڪهاڻيون - علي رضا جلباڻي


”وفا“ جون ڪهاڻيون
وفا صالح راڄپر جي لکيل ڪهاڻين جي مجموعي ”ارپڻ کان رهجي ويل محبت“ تي تبصرو
علي رضا جلباڻي
”ڪهاڻي ڏات جو ڪرشمو ته آهي ئي، پر ڊکاڻڪو هنر به آهي، ان ڪري ته ڪهاڻي جتي تخليقي تپسيا مان جنم وٺي ٿي، اتي رمزي واهولي سان گھڙي به وڃي ٿي.“ سائين محمد صديق مڱيي، وفا صالح راڄپر پاران لکيل ڪهاڻين جي مجموعي ”ارپڻ کان رهجي ويل محبت“ جي مهاڳ ۾، ڪهاڻيءَ جي اهميت بيان ڪندي لکيا آهن.


جن جي معنيٰ اها آهي ته ڪهاڻي رڳو لفظن کي پنن تي اتارڻ جو نالو ناهي، پر انهن کي سونهن ۽ سينگار سان نوازڻ کي ڪهاڻي چئجي ٿو ۽ ڪهاڻيءَ جي ڊکاڻڪي فن تي مهارت اهو ئي حاصل ڪري سگھي ٿو، جيڪو پاڻ ان فن کان واقف هئڻ سان گڏوگڏ، سماج جي سونهن ۽ جمال کي پرکڻ جي اک رکندڙ هجي.
سنڌي ڪهاڻي هر دور ۾ اهڙي اک رکندڙن سان ڀرپور رهي آهي. جڏهن سنڌ کان علي بابا وڇڙي وڃي ٿو ته روڄ راڙو ڪندڙ اهو لکندي نه ٿي ٿڪيا ته سنڌي ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي ٿي آهي. جڏهن امر جليل موضوعاتي ورجاءَ ۽ مايوسي کي پنهنجين ڪهاڻين ۾ ظاهر ڪري ٿو تڏهن به ڪهاڻيءَ جي مري وڃڻ جي ڳالھ ڪئي ٿي وئي. اهي مايوسيءَ واريون ڳالهيون حقيقتن کان منهن موڙڻ کان سواءِ ٻيو ڪجھ به ناهن. ڇاڪاڻ ته هر دور پنهنجي حالتن مطابق ادب جي سرجڻهارن کي جنم ڏيندو آيو آهي پوءِ ڪڏهن گھٽ ڪڏهن وڌ. موجوده دور ۾ به سنڌي ڪهاڻي ڪيترن ئي ليکارين جي قلم جي زينت بڻجي ٿي. اڄوڪي ڪهاڻيءَ جي ٻوٽي کي پاڻي ڏئي هر وقت تازو توانو رکندڙ نوجوان لڏي ۾ جتي امر لغاري، انور ڪاڪا، اختر حفيظ، زاهد منگي ۽ ٻين جا نالا شامل آهن اتي وفا صالح راڄپر کي وسارڻ سراسر انياء هوندو.
ادبي دنيا ۾ وفا جو تعارف فقط ڪهاڻيڪار نه پر شاعر ۽ مضمون نگار طور پڻ آهي. سندس ادبي پورهئي ۾ پهريون شاعريءَ جو مجموعو ”دردن ڦولاريا ڦول“ جيڪو ۲۰۱۵ع ۾ پڌرو ٿيو، ٻيو ڪهاڻين جو مجموعو ”ارپڻ کان رهجي ويل محبت“ جيڪو ۲۰۱۷ع ۾ پڌرو ٿيو ۽ ٽيون مضمونن ۽ خاڪن تي مشتمل ڪتاب ”مون ساريندي سپرين“ جيڪو ۲۰۱۸ع ۾ پڌرو ٿيو، شامل آهن. مقصد ته وفا صالح هڪ ئي وقت نظم توڙي نثر وسيلي ادبي سمونڊ ۾ پنهنجي قلم جو حصو پتي شامل ڪري رهيو آهي. پر آئون سمجهاڻ ٿو ته سندس ڪهاڻي وفا جي ٻين سڀني صنفن تي ڪيل طبع آزمائي ۾ نمايان حيثيت رکي ٿي ۽ اهو ئي سبب آهي جو هتي سندس ڪهاڻين جي ڪتاب ”ارپڻ کان رهجي ويل محبت“ جي چونڊ ڪئي وئي آهي.
سرسوتي ساهت گهر ڏوڪريءَ پاران شايع ڪيل هي ڪتاب تيرنهن ڪهاڻين تي مشتمل آهي ۽ هن ڪتاب تي ڪيترن ئي ڪهاڻيڪارن توڙي ادب سان چاه رکندڙن پاران لکيو ويو آهي. ناميارن اديبن اخلاق انصاري، آدرش ۽ علي آزاد وفا جي هن پورهئي کي ساراهيندي ڄڻ ته وفا جي سنڌي ادب ۾ هڪ برجستي ڪهاڻيڪار هئڻ جي سند جاري ڪري ڇڏي آهي. وفا جي ڪهاڻين ۾ ٻوليءَ جي سونهن کيس گھڻن کان الڳ ڪري بيهاري ٿي. ٻهراڙي جي هن ڪهاڻيڪار جي ٻولي پهاڪن ۽ چوڻين سان ڀرپور ۽ سهڻن لفظن سان سرجيل آهي. جڏهن ته هو منظرنگاريءَ ۾ به ڪمال ٿو ڪري.
وفا جون ڪهاڻيون گهڻي ڀاڱي رومانس جي موضوع تي لکيل آهن ۽ هن ڪتاب ۾ موضوعاتي ورجاء به واضح آهي. پر تنهن هوندي سندس ڪهاڻين ۾ خاص ڳالھ اها آهي ته هر ڪهاڻي پڙهن وقت پڙهندڙ کي نئون چس ڏئي ٿي. وفا ڇاڪاڻ ته ٻهراڙيءَ جو رهاڪو آهي تنهن ڪري سندس ڪهاڻيون به ڳوٺن جي ماحول جو سير ڪرائين ٿيون. سندس ڪهاڻيون ”ڪارو ڌاڳو،“ ”ٻه جريب،“ ۽ ”ڪاري“ ڪارو ڪاري جي ناسور جو عڪس چٽين ٿيون. ظاهر آهي جنهن سماج ۾ ”ڪاري“ جي نالي هيٺ نياڻين جو ڪوس ڏهاڙيءَ جي ڳالھ هجي اتي ان قسم جي موضوع جي چونڊ جائز ۽ وقت جي ضرورت آهي. جڏهن ته ”سريت“، ”پهريون پيار“ ۽ ”ارپڻ کان رهجي ويل محبت“ احساس، رومانس ۽ حقيقت نگاريءَ جو سنگم آهن.
سندس ڪهاڻي ”اکيون ۽ عشق“ ڊائلاگ جي لحاظ کان تمام شاندار ڪهاڻي آهي جنهن جي هڪ ڪردار عائشه جو هڪ ڊائلاگ آهي ته ”زندگيءَ جو اصطلاح، زماني جي جوڙيل وصف آڌار تي ڏاڍو آسودو آهي، پر پيار جي اها مهڪ نه آهي جيڪا تو وٽان ملندي هئي.“ ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته وفا ههڙن ڊائلاگن وسيلي ڪردار جي احساسن جي بهترين نموني عڪاسي ڪري ٿو. تنهنکان علاوھ ”اوجاڳو، درد ۽ راتيون“ ڪهاڻي هڪ اديب جي ادبي پورهئي سان پيار ۽ عشق جو عڪس چٽيندڙ آهي. هن جي ڪهاڻين ۾ نرالپ آهي جيڪا پڙهندڙن کي پاڻ ڏانهن ڇڪڻ لاءِ ڪافي آهي.
وفا صالح جي ٻين ڪهاڻين ۾ ”سيما،“ ”نيڻن ۾ سجايل خواب“ ”رکوالي“ ۽ ”تِرَن جو تيل“ ڪهاڻين سميت سندس ڪتاب ۾ شامل ٻيون ڪهاڻيون به سماج جي مختلف پهلوئن جي نشاندهي ڪندي رومانوي احساسن کان ويندي منفي پهلوئن جي نشاندهي ڪندڙ آهن.

No comments:

Post a Comment