Tuesday, May 19, 2020

ڪهاڻي ائين جيئن نسيم کرل - رسول ميمڻ


ڪهاڻي ائين جيئن نسيم کرل
رسول ميمڻ
ارتقا جاندار شين تي لاڳو آهي. هڪ بي جان کنڊر تي ارتقا جو ڪو اثر نه آهي. کنڊرن تي موسمن جو اثر آهي، وقت جو اثر آهي. تاريخ جون عظيم الشان عمارتون ڊهن ٿيون، ڀرن ٿيون ۽ محفوظ نه ڪيون وڃن ته ڪِرن ٿيون. موهن جي دڙي جي تلاءَ (Swimming Pool) ۾ هاڻي مينهن جو پاڻي ڪٺو ٿيندو آهي. نيرو پاڻي ميرو ٿي سگهي ٿو پر اها ارتقا نه آهي. جيڪڏهن پاڻيءَ تي ارتقا جو اثر هجي ها ته پاڻي ڳاڙهو هجي ها.


ڪهاڻي به جاندار شيءِ آهي. بي جان ڪاغذن تي لکيل انگ اکر لفظن ۾ ڍلجي جملن جي قطارن ۾ ڌرتيءَ تي چرپر ڪن ٿا. ڪهاڻي جاندار ان ڪري آهي ته ان تي ارتقا جو اثر آهي. ارتقا جو اثر ۽ تبديلي صدين تي لاڳو هوندي آهي، اسان جي ڪهاڻيءَ کي هڪ صدي به نه ٿي آهي ۽ اها ارتقا جون منزلون طي ڪري وئي. سڀ کان پهريون سنڌي ڪهاڻيءَ جا ڪن ٺهيا. ڇو جو ٻڌل ڪهاڻيون ترجمو ٿيون، پوءِ چپ، ڇو جو ڪهاڻيون ٻڌايون ويون ۽ نڪ جيڪو ٺهي رهيو آهي.
اسان حيرت انگيز قوم آهيون. جاڳندا ان وقت آهيون جڏهن سمهڻ جي ضرورت هوندي آهي ۽ سمهندا ان وقت آهيون جڏهن جاڳڻ جي ضرورت هوندي آهي. قومپرستيءَ جي ڏينهن ۾ مذهبي ٿي پوندا آهيون ۽ قومپرست ان وقت ٿيندا آهيون جڏهن مذهب پير پختا ڪندو آهي.
هوش ۾ آياسين ته لطيف سرڪار جي شاعريءَ کي جبل جيان ڏٺوسين، جبل پويان اوندهه هئي ۽ اڳيان اسان، خبر نه ٿي پوي ته ارتقا جو نظريو ڪاڏي ويو. لطيف ڪهڙا پيرا کڻي ايڏي ولايت ماڻي. هن کي ماضيءَ کان شاعريءَ جو ڪهڙو ورثو مليو جو ان آسري ايڏو عروج ماڻيائين. جيڪڏهن لطيف نه هجي ها ته اياز، اياز نه هجي ها، لفظ نه هجن ها، پيرائون نه هجن ها. اياز جو تسلسل ۽ مزار، لطيف جي پاڙن ۾ پيل آهي.
ڪهاڻي ويهين صديءَ جي سٺ کان ستر واري ڏهاڪي ۾ چوٽ چڙهي وئي. اوچتو عظيم ڪهاڻيڪار پيدا ٿي پيا. نسلن کي متاثر ڪيائون، امر جليل، نسيم کرل، جمال ابڙو، رشيد ڀٽي، رباني، آغا سليم، علي بابا ۽ ٻيا سڀ هڪ ئي وقت اڀري سامهون آيا، ٿيڻ ته ائين گهربو هيو ته هڪ سٺ واري ڏهاڪي ۾، هڪ ستر واري ڏهاڪي ۾، هڪ اسيءَ واري ڏهاڪي ۾ ۽ ويهين صدي ٽپي ايڪويهين صديءَ ۾ به ائين پيدا ٿي هڪ تسلسل پيدا ڪن ها، پر سڀ هڪ وقت لکي دنيا ڇڏي ويا، يا لکڻ ڇڏي ويا.
دنيا جي وڏي ادب جون پاڙون، عيسيٰ کان اڳ، موسيٰ کان اڳ، ابراهيم کان اڳ، نوح کان اڳ، آدم کان اڳ، خول (Void) ۾ کتل آهن. يونان، روم، ميسوپوٽيميا، بابل، نينوا، دجلا، فرات ۽ ميڊيٽرينين جون مٽجي ويل قومون، فينيشن، ڪارٿج، ادب ۽ فلسفي جي سمنڊ ۾ ٻڏي نرواڻ (Reincarnate) وٺن ٿيون. انهن جا ناول، شاعري ۽ دانشمنديءَ جا قصا ائين محفوظ آهن جيئن اک ۾ ڳوڙها، من ۾ ياد، دل ۾ درد.
اسان جي ادب جا ذخيرا ڪاڏي ويا، هيو ڪو ادب؟ آهي ڪو ادب؟
اسين عروج ماڻي چڪا آهيون. ڪماليت کي پهچي چڪا آهيون ۽ هاڻي زواليت جو وقت آهي. موهن جي دڙي جي تلاءَ ۾ اسان جا لاش وهنجن ٿا. شايد اسين تاريخ کان اڳ جي قوم آهيون، انڪري تاريخ نه آهي. شايد اسين اهي نه آهيون، جيڪي هيا ۽ اهي آهيون جن کي نه هجڻ گهربو هيو. اسان جبل تي چڙهڻ نه، لهڻ سکيو آهي. جبل چوٽيءَ ڏي ويندڙ، اهي ئي لهڻ جا رستا هوندا آهن، جيڪي چڙهڻ جا رستا هوندا آهن. تعليم جو ٻيڙو ٻڏي چڪو آهي. اسين ڪاپي ڪيس ٿي چڪا آهيون. ڪهڙيون ڪهاڻيون لکنداسين، ڪهڙي شاعري ۽ ڪهڙو فلسفو؟ تحقيق، اي رب پناهه ڏي، اها تحقيق ڪرڻي پوندي ته اهڙي تحقيق ٿئي ڪيئن ٿي؟
اسان پنهنجي ورثي جي حفاظت نه ٿا ڪيون، ڪهاڻيءَ جا پيرا جتي کٽن ٿا، اتي اڳتي وڌڻ بجاءِ پوئتي موٽن ٿا.
نسيم کرل، عظيم ڪهاڻيڪار ان ڪري هيو جو ان کان اڳ ڪهاڻيءَ جي عظمت کي ڪنهن ڇهيو نه هيو. حيرت جي ڳالهه آهي ته سنڌي، ڪهاڻي ٻار جي صورت ۾ پيدا نه ٿي پر ڄائي ته سٺ سالن جي هئي. پوءِ چاليهن سالن جي، پوءِ ويهن سالن جي، پوءِ ڏهن سالن جي ۽ هاڻي پنجن سالن جي آهي.
پر مان مايوس نه آهيان، پنجن سالن جي آهي، واپس موٽي نه آهي. پر وري جوانيءَ طرف وڌي رهي آهي ۽ اميد ته ان جو جوان ٿيندڙ روپ عالمي ادب سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي سگهندو.
نسيم کرل، لفظن جي سون مان ڪهاڻين جا زيور ٺاهي ٿو. لفظن جو سون انڪري ٿو چوان ته کيس عوامي لهجي جي لفظن جا ذخيرا هيا. ڪهاڻي پهرين مراد ۾ هن حد ڪري ڇڏي آهي. ٺيٺ ٻوليءَ جو مينهن ٿو وسي ۽ ڪردارن جون مينهيون ڀڄنديون وٿاڻن ڏي ٿيون ورن. ڪڏهن ائين ٿيندو آهي ته ٻولي فڪر مٿان حاوي ٿي، ان جا نقش بگاڙي وجهندي آهي پر نسيم جي فڪر پويان، لفظن جو ڌڻ هلي ٿو. لفظ، هن جي ماتحت آهن ۽ حڪم جا غلام آهن. سندس هڪ سِٽ تي ڌيان ڏيو.
مينهن جي حوالي سان هڪ ڪردار چوي ٿو؛ ”جي جهنگ چرڻ ٿي وڃي ته پورن سان گٺ جي اوسي پاسي جون ليون ٿي ڀڃي، اڙي ماڻڪ هنن مينهن جا پور نه ڏيار.“
اهڙا لفظ جيڪي شاهه جي شاعريءَ ۾ ملن ٿا، سچ ته اڃا به انهن وٽ مروج آهن، جن کي ٻاهرين هوا جو جهوٽو نه لڳو آهي. لفظ ”پور“ جهڙا سوين لفظ، جيڪي هاڻي استعمال هيٺ نه ٿا اچن، نسيم وٽ محفوظ آهن.
جيئن مينهن ڪنڍيءَ پُور، تيئن دل وارو ڪو دوست سين“
پور وڪڙ ڏنل سڱ هوندا آهن، مينهون وڙهنديون آهن ته انهن جا سڱ هڪ ٻئي ۾ ڦاسي پوندا آهن. انهن کي پور پوڻ چوندا آهن. لطيف چوي ٿو؛ ”جيئن ڪنڍي مينهن جا هڪ ٻئي ۾ پور ڦاٿل آهن، ائين دل محبوب سان وريل آهي.“ نسيم هڪ ئي سِٽ ۾ پورن کي ٻن معنائن ۾ استعمال ڪيو آهي. هڪ پور معنيٰ وريل سڱ، ٻيو پور معنيٰ سار.
نسيم اٽڪل ٻٽيهه ڪهاڻيون لکيون آهن، جيڪي سندس ڪهاڻين جي ٽن مجموعن ”شبنم شبنم ڪنول ڪنول“ ”چوٽيهون در“ ۽ ”ڊميءَ ۾ شامل آهن.
هن جون ڪهاڻيون ”چوٽيهون در“ ۽ ”ڪافر ايڏيون ته مشهور آهن جو انهن تي تبصرو ڪرڻ سندن شهرت گهٽائڻ آهي.
ڪهاڻي ”گذريل واردات“ ڪردار نگاريءَ جو شاهڪار آهي. ڪهاڻيءَ جي گهڙت جو ڏانءُ سکڻو هجي ته ان ڪهاڻيءَ مان سکجي. ڪهاڻيءَ جو پيرو ۽ پيري جي پڄاڻي، سوناري جي بٺي ۽ لوهر جو ڌڪ، هڪ ڪاموري جي نفسيات ۽ هيئت جي حدن کان ڪٿي به ٻاهر ٽپي، ان جي بگاڙ جو سبب نه ٿيڻ. بي ضابطي (Over) نه ٿيڻ پر ڪردارن تي گرفت مضبوط ڪري، انهن کي دڳ ڏيڻ، اهو نسيم جي فن جو ڪمال آهي.
نسيم جي ڪهاڻين جي خوبي اها آهي ته هو ڪنهن به ڪردار ۾ پاڻ شامل نه ٿو ٿئي. هو غير جانبدار آهي ۽ ڪردار پاڻ ڪهاڻيءَ کي وٺي انت تي پهچائين ٿا. هو ڪردارن جي اندر جي تفسير بيان نه ٿو ڪري پر ڪردار ظاهري ڏيک مان اندر جي ترجماني ڪن ٿا. نه هن وٽ علامتون آهن، نه وشال منظر نگاري، نه سحرانگيزي، نه جادو ئي حقيقت نگاري، نه تجريد، نه مونجهارو، پر ڪهاڻين جا فطري پلاٽ يا خاڪا آهن. هن وٽ خاڪي کي اهميت آهي ۽ خاڪو هڪ اهڙي ڍانچي جيان آهي جنهن تي هو ماس، رڳون ۽ کل چاڙهي، دل وجهي جيئرو ڪري ٿو.
خاڪا هٿرادو گهڙيل نه آهن پر الهامي (Intuitional) آهن، جيڪي ادب جي فڪر ۾ سدائين ٻڏيو رهندڙ فنڪار تي اوچتو نازل ٿي پوندا آهن. ڇو جو ادب ”ڏات آهي، جنهن کي ملي، ادب ”ڏانءُ نه آهي. ڏانءُ، ڏات کي تراشڻ آهي.
نسيم کرل سان ڪڏهن ملاقات نه ٿي پر مون ان کي سکر ۾ ٻه چار دفعا ڏٺو. هو شخصي طرح ڪهاڻيڪار نه لڳندو هيو. سندس صورت، تنقيد نگارن جهڙي هئي.
سکر ۾ شيخ اياز، رشيد، فتاح ملڪ ۽ اسان نوجوان ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪندا هياسين. نسيم حيات هيو پر ڪڏهن مون ان کي گڏجاڻين ۾ نه ڏٺو ۽ کيس نه ڪڏهن سکر جي ڪنهن اديب سان ملندي ڏٺو. رشيد ڀٽي، جيڪو ساڳئي پايي جو ڪهاڻيڪار آهي. ان جون ڪهاڻيون پڻ سنڌي ادب جو سرمايو آهن. رشيد ڀٽيءَ سان هر اديب ملڻ ايندو هيو. شيخ اياز هن جي اوطاق جو معتبر مهمان هوندو هيو، پر نسيم جو ذڪر نه ٿيندو هيو. مون محسوس ڪيو هيو، پليجي صاحب جي اثر ڪري اديب ۽ دانشور ان وقت وڏيرا شاهيءَ خلاف هوندا هيا ۽ ٿي سگهي ٿو نسيم کرل وڏيرو هجي. هاڻي حيرت ٿئي ٿي، وقت جي واءَ ۾، سياسي نظرين جا ڏيئا اجهامي وڃن ٿا پر ادب جو ڏيئو روشن رهي ٿو.
ادب جي ان پهرين ٽهيءَ کانپوءِ اڀرندڙ ڪهاڻيڪارن تي، ان ٽهيءَ جو اثر نظر اچي ٿو. گهڻن، امرجليل جيان، لکڻ شروع ڪيو ته وري ڪن نسيم کرل جي طريقي کي پنهنجو ڪيو. ٻنهي جي فن ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق آهي. پر زمين، زمين آهي ۽ آسمان آسمان. امر جليل کي نسيم کرل نه وڻندو هيو ۽ نسيم کرل کي امرجليل نه وڻندو هيو ۽ اڄ به ڪو ڪنهن کي وڻي ٿو، ڪو ڪنهن کي نه ٿو وڻي.

No comments:

Post a Comment